خودڪش حملا ۽ انهن جي تاريخ (عبدالرزاق عمراڻي) ڇا تاريخ هڪ دفعو وري پاڻ کي ورجائي رهي آهي؟ وقت جا مؤرخ ۽ محقق اڄ وري هڪ دفعو تاريخ جا ورق اٿلائي عوام ۽ آقائن کي ٻڌائين ته تاريخ جو تسلسل هڪ دفعو وري ڌرتي تي پاڻ ورجائي رهيو آهي. يا اهو ڇڏي ڏجي ته تاريخ جي ورقن تي دز ڀلي چڙهيل رهي؟. ڇا سج سوا نيزي تي ايندو، ڌرتي تي اڃا وڌيڪ خون جي هولي کيڏي ويندي، مظلومن ۽ معصومن جو خون ڌرتي کي ريج ڏيندو، فرعوني ۽ يزيدي قوتن جا ذهن اڃا طاقت جي نشي ۾ چور رهندا، حالانڪه 60 يا 70 سال ڪو وڏو عرصو نه آهي جيڪو ظالم کي به وسري وڃي يا مظلومن کي به ظلم جي چڪي ۾ گهاريل ڏهاڙا وسري ويا هجن، نه …. نه ….، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. گذريل صدي جي چند ڏهاڪن کان اڳ جو قصو آهي ته جڏهن جاپان تي آمريڪا يلغار ڪئي هئي ته اتان جي ايڊمرل “ياڪا شيرواونشي ڪو” اهو پهريون جاپاني هو جنهن خودڪشي کي باقاعده جنگي حڪمت عملي ۾ تبديل ڪري وڌو هو، 1944ع ۾ جڏهن جاپان بلڪل شڪست جي منهن ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ آمريڪي ۽ سندس اتحادين جي سامونڊي فوج تيزي سان جاپان طرف وڌي رهي هئي ان وقت ياڪا شيرواونشي جي ذهن ۾ هڪ خيال آيو ته ڇو نه جاپاني خون ۾ شامل خودڪشي جي خيال کي جنگ ۾ تبديل ڪجي؟. هن ان وقت جاپان جي 27 نوجوانن کي جن جي عمر مشڪل سان ويهن سالن جي هئي تن کي جهاز اڏائڻ جي تربيت ڏني، جڏهن اهي نوجوان مڪمل پائليٽ ٿي ويا ته جهاز ۾ اڌ ٽن بارود ڀري نوجوان پائليٽ جي حوالي ٿي ڪيو ۽ ان سڌو اڏام ڪري آمريڪي نيوي جي سامونڊي جهاز مٿان جهاز ٿي ڪيرايو، ائين خودڪش حملي جي بدولت اتحادين جو سامونڊي جهاز تباهه ۽ غرق ٿيڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ٽن مهينن اندر جاپان آمريڪا جا 40 ۽ فلپائن جا 16 بحري جهاز تباهه ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي فوج جي چيلهه چٻي ٿي پئي ۽ نيول چيف وائيٽ هائوس کي آخري هٿيار استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو، هنن نوجوان پائليٽن کي جاپاني قوم “ڪامي ڪازي” سڏيندي هئي جڏهن ته انهن جاپانين لاءِ مغرب ۾ هڪ محاورو استعمال ڪيو ويندو هو ته اهي بندري قد جا سست ۽ بزدل آهن پر اهو مغربي تصور ڀورا ڀورا ٿي ويو، انهن فدائين جي حملن جي ڪري زميني محاذ تي به جاپاني فوج جي سپاهين جو زور به ڪامي ڪازي (خودڪش) وارو هوندو هو، هي سپاهي خون جي آخري ڦڙي تائين جنگ ڪندا هئا، جڏهن وڙهي وڙهي ٿڪبا هئا ته موت کي ترجيح ڏيندا هئا، هر جاپاني فوجي جي سامان ۾ هڪ تکو چاقو موجود هوندو هو، شڪست کي ويجهو ڏسي هو پنهنجي شهه رڳ ڪٽي ڇڏيندا هئا. انڪري ٻي جنگ عظيم ۾ جاپاني جنگي قيدي نه هئڻ برابر هئا، ڪامي ڪازي واري سوچ اتحادي فوجين کي بوکلائي وڌو هو، ان ڪري آمريڪي آخري هٿيار استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ ائين 6 آگسٽ 1945ع تي صبح جو 8 لڳي 15 منٽن تي پهريون ايٽم بم هيروشيما ۽ ٻيو ايٽم بم 9 آگسٽ تي ڏينهن جو 11 لڳي ٻن منٽن تي ناگاساڪي تي ڪيرايو ويو. هڪ ڪلاڪ اندر هيروشيما ۾ 42 هزار 95 ۽ ناگاساڪي ۾ 47 هزار ماڻهو مارجي ويا. انهن ٻن ايٽمي حملن جاپان جي مزاحمت کي وڏو ڌچڪو پهچايو، جاپان هٿيار ڦٽا ڪيا، اتحادين جنرل ميڪ آرٿر کي جاپان جو ڪنٽرول ڏنو، هو هڪ نهايت ڪامياب ۽ قابل معاملا شناس ۽ معاملا فهم جنرل هو، هن ڪجهه مهينن اندر جاپانين جي سوچ، مزاج کي پرکي ورتو، هن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته جاپانين ۾ خودڪشي جو رجحان فطرتن آهي، جنگ ان رجحان کي مقدس فرض ۾ تبديل ڪري ورتو ۽ اسان ايٽم بم ڪيرائي انهن کي وڌيڪ انتقام طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. هاڻي هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهي ۽ انساني قتلام سڀني جاپانين جي زندگي ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، هاڻي هنن جي سوچ صرف اها آهي ته آمريڪا کي تباهه ۽ آمريڪين کي قتل ڪري پلاند وٺڻو آهي، هاڻ جيڪڏهن انهن جي سوچ کي بند نه ٻڌوسون ته هر جاپاني ڪامي ڪازي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هڪ جاپاني گهٽ ۾ گهٽ 10 آمريڪين کي پاڻ سان گڏ ماري پوءِ مرندو. هن خطري کي بند ٻڌڻ لاءِ هڪ فارمولو واضع ڪيو ويو، آمريڪي حڪومت منظوري ڏني ۽ 1947ع ۾ جاپان کي آئين ڏنو ويو جنهن تحت جاپان مان جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو ويو، نوجوانن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو، تعليم عام ڪئي وئي، جنرل ميڪ آرٿر جو چوڻ هو ته جاپانين جو ذهن بدلائجي جيئن مستقبل جي خطرن کي ختم ڪري سگهجي، جاپانين جي دلين مان آمريڪا لاءِ نفرت ختم ڪجي، ائين آمريڪي ادارن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ جاپانين لاءِ ڌڙا ڌڙ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٻئي طرف هن جاپاني دانشورن جو هڪ وڏو طبقو اهڙو به پيدا ڪيو جنهن نوجوانن کي سمجهايو ته اسان کي جيڪڏهن آمريڪا کان انتقام وٺڻو آهي ته ٽينڪن بجاءِ ڪارخانه، توپن جي جڳهه تي ليبارٽريون جوڙڻيون آهن، ائين اهو سلسلو سالن تائين جاري رهيو، ايستائين جو 1972ع ۾ جڏهن آمريڪي فوجي اوڪي ناوا مان نڪتا ته جاپاني قوم جي سوچ تبديل ٿي چڪي هئي، ڪامي ڪازي سوچ جو شڪار جاپان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿي چڪو هو. اڄ جاپان دنيا جي ٻي وڏي اڪانامي رکندڙ اسٽيٽ آهي، جنهن وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مالي ذخيرا آهن، هن جو لوهه دنيا ۾ سون جي اگهه ۾ وڪامي ٿو ۽ اهو سڀ جنرل ميڪ آرٿر جي سوچ جو اثر آهي پر جي هو جارج بش، رمز فيلڊ ۽ ڪولن پائول وانگر سوچي ها ۽ جاپانين کي ڳولي ڳولي مارڻ شروع ڪري ها ته اڄ شايد ڪامي ڪازي قوم آمريڪا کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاري ها، جاپاني نوجوان آمريڪا ۾ ڦهلجي آمريڪا کي بمن سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪن ها پر آمريڪي دعا ڏين سندن جنرل ميڪ آرٿر کي جنهن جاپانين جي سوچ تبديل ڪئي. اڄ وري ساڳي صورتحال آهي ته آمريڪا پنهنجي لاءِ لکين ڪامي ڪازي تيار ڪري ورتا آهن جيڪي کيس تباهه ڪرڻ جو عزم ڪيو ويٺا آهن، حزب الله، عمل مليشا، شامي سوشلسٽ پارٽي، بعث پارٽي، لبناني ڪميونسٽ الدعوت، حماس، فلسطيني اسلامي جهاد، الاقصيٰ شهداءِ برگيڊ، آرمڊ اسلامڪ گروپ، جماعت الاسلاميه، ڪردستان ورڪرز پارٽي، چيچن جانباز، طالبان، جيش محمد، القاعده ۽ ٻيون کوڙ ساريون تنظيمون ۽ انهن جا نوجوان هاڻ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪري چڪا آهن، اهڙين حالتن ۾ پاڪستان جيڪو آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اول صف ۾ شامل آهي سو، افغانستان، عراق، فلسطين، چيچنيا خود اهڙن سوسائيڊ بم حملي آورن جي نشاني تي آهن، سوين بيگناهه اڄ به مارجي رهيا آهن، هاڻي ماڻهن کي هن وقت وري جنرل ميڪ آرٿر واري سوچ جي ضرورت آهي، جيڪا وسيلن تي اتان جي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪري. فوج ڪشي، نسل ڪشي سان خطرا ويتر وڌي ويندا ۽ تيزي سان ڪامي ڪازي، سوسائيڊ بم اٽيڪرز جا جٿا تيار ٿيندا، جيڪي مقامي توڙي آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائيندا، هاڻي دنيا ۾ امن جا پکي اڏائيندڙ ماڻهو سوچين ته اڄ جو نوجوان تامل ٽائيگرز، حماس، القاعده، جيش محمد، طالبان کان گوريلا وار ۽ خودڪش حملن جي ٽريننگ وٺي يا دنيا جي يونيورسٽين مان ڪجهه علم حاصل ڪري ۽ پنهنجي سوچ جو رخ تبديل ڪري، اڄ جي حالتن ۾ اهڙي عمل جي سخت ضرورت آهي ڇو جو هي صدي هونئن به محڪوم ۽ مظالوم ماڻهن جي آزادي جي صدي آهي. هن صدي ۾ هاڻ ماڻهن کي، قومن کي وڌيڪ ڏنڊي ۽ هٿيار جي زور تي قابو نٿو ڪري سگهجي، ضرورت آهي ته هاڻ فلسطينين کي، ڪشميرين کي، افغانين کي، عراقين کي، چيچنين کي، شامين کي، لبنانين کي ۽ پاڪستان ۾ بلوچن، سنڌين ۽ سرائڪين سميت دنيا جي مڙني مظلوم قومن کي سندن حق ۽ وسيلا ڏئي کين جمهوريت ۽ جمهوري فيصلن ڪرڻ جو اختيار ڏجي ته جيئن هو ڪامي ڪازي آپگهاتي بم حملي آورن جي جڳهه تي عالم، فاضل، ڏاها، سياستدان، مصور، فنڪار ۽ صداڪار جو روپ ڌاري ڌرتي تي سڪون جو پاڻ به ساهه کڻن ۽ ٻين کي به کڻڻ ڏين. دنيا، ان جا سماجي ڏاها ۽ سول سوسائٽي جا اهم فرد ان عمل جي ابتدا ڪن، اهڙي جدوجهد ڪن جيئن محڪوم ۽ مظلوم قومون فيڊريشن ۾ رهي پنهنجا حق حاصل ڪن، دنيا جي آزادي پسند قومن جو ڪردار به تڏهن ساراهيو ويندو جو هو گڏجي دنيا مان ڏاڍ، جبر جو خاتمو آڻين ۽ مظلومن کي حق ڏياري اقوام عالم کي سڪون بخشين، اچو ته سوچ جا رخ تبديل ڪرڻ جي تحريڪ جو حصو بڻجون، نئون جهان جوڙڻ جي ڪوششن ۾ جنرل ميڪ آرٿر جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جو ساٿ ڏيون. (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)