چونڊ شاعري: زندگي جو ڪٻاڙخانو: شيخ اياز

چونڊ شاعري: زندگي جو ڪٻاڙخانو: شيخ اياز


زندگي جي ڪٻاڙ خاني مان
ڪيترائي ڀڳل ٽٽل ماڻهو​
وقت مُنهنجو اچي وڃائن ٿا​
هو اچن ٿا انهيءَ زماني مان​
جو نه ٻيهار آ ڪڏهن اچڻو،​
جو ٿڌي ساهه سان لنوائن ٿا،​
پو به آهن اُنهيءَ فساني مان​
ٿي ويو اختتام آ جنهنجو​
هو نئين سر اهو ٻڌائين ٿا​
ٿو لڳي تن جي تاني باني مان​
ڪو به ڌاڳو نئون نه آ تن ۾،​
پنهنجي ماضيءَ جو کيس پائن ٿا،​
پوءِ هو ساڳو ڳيچ ڳائن ٿا​
جو اسان ڪالهه گڏجي ڳاتو هو !

(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)​
 
Back
Top