• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاڪي آچار جو پُٽ انگريزي سِکيو۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڪاڪي آچار پنهنجي پُٽ پَپِنُو کي انگريزن جي اسڪول ۾ انگريزي سِکڻ لاءِ موڪليو۔۔ ماڻهن چيو ته
ڪاڪو آچار ڏاڍو سياڻو آ۔۔ ڳوٺاڻو آ پر سمجهي پَيو ته پڙهڻ لازمي آهي۔۔۔ سو سائين پنهنجي پٽ پَپِنُو کي انگريزي جي اسڪول ۾ ويهاريو اَٿس۔۔ پر اِها خبر ته ڪاڪَي آچار کي ئي هُئي ته پَپِنُو اصل مَٿي جو سُور ٺهيل آهي۔ گهر ۾ ويهي ته وات ڪُتر جي مشين جيان بس نه پيو ڪريس۔۔ وري جيڪڏهن ٻَنيءَتي موڪليائينس ته مُرڳو ئي هارين ڪَم بند ڪري ڇڏيو۔۔ چيائنون ” اسان ڪم ڪريون يا هن جي سوالن جا جواب ڏيون”
پَپِنُو ٺهيل به ته اهڙو آههِ نه۔۔ اصل هِڪ سوال زبان تان لَهيس ته ٻيو چڙهيس پيو۔۔ وري حاضر دِماغ به اهڙو جو وڏن جا مٿا ڦيرائيو ڇڏي۔۔۔ وڏو ٿي پِڻَس جي پَڳَ ضرور سنڀاليندو۔۔
سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته پَپِنُو عُرف ڪُتر مشين انگلش بابُون جي اسڪول ۾ داخل ٿيو۔۔
شوق سان پڙهيو ۔۔ اهڙو پڙهيو جو اُستادن جا مَٿا چَٽ ڪيو ڇڏي۔۔
پُوري اَي بِي سِي ٽن مهينن ۾ ياد ڪيائين۔۔ هِڪ ڏينهن اُستاد کان پُڇيائين سائين مان ڪيترو پڙهندس۔۔۔
اُستاد جواب ڏنس۔۔ جيترو تنهنجو بابو توکي پڙهائيندو۔۔
پَپِنُو۔۔ پوءِ سائين توهان ڪيترو پڙهيا آهيو۔۔؟
اُستاد : مان بِي اَي تائين پڙهيو آهيان۔۔
پَپِنُو اُٿي چيس : بس سائين مان توهان وٽ ڪونه پڙهندس۔۔۔
اُستاد : ڇو ڀلا۔۔۔ ڇو نه پڙهندين۔۔؟
پَپِنُو : سائين توهان پڙهيا ئي ٻه اکر آهيو سي به اونڌا۔۔۔ مان ته سڄي اَي بِي سِي پڙهي آهي۔۔

اهڙي طرح سائين اُستادن کي پيو حيران ڪندو هو۔۔

سائين پڙهي پڙهي نيٺ پنجين ۾ پهتو ۔۔۔ پنجينءَ کانپوءِ اُستادن کانئس پڙهائڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو۔۔
ڇا جي ڪري۔۔؟
هي هيٺيون حال احوال پڙهو خبر پئجي ويندوَ۔۔
هڪ ڏينهن اُستاد کان ويٺي ويٺي پُڇيائين۔۔۔
سائين انگريزي ۾ بِي ڇا کي چئبو آهي۔۔؟
جواب مليس۔۔ ٿيڻ کي۔۔۔
چيائينس ۔۔ نه نه سائين۔۔۔۔ بِي معني مَکَ۔۔۔۔۔

ڀلا سِي ڇا کي چئبو آهي۔۔؟
جواب : ڏسڻ کي۔۔
چيائينس۔۔ نه نه۔۔ سِي معني سَمنڊ کي۔۔۔

سوال : ڀلا ڪَين ڇا کي چئبو آهي۔۔؟
جواب : اِهو به ٿيڻ کي۔۔
چيائينس۔۔ نه نه۔۔۔ ڪَين معني ننڍو دٻو۔۔۔

ڀلا سائين هن سوال جو جواب ٻڌاءِ ۔۔
جي بابا پُڇ۔۔
سوال : ڀلا وِچ ڇا کي چئبو آهي۔۔۔؟
جواب : سائين معني ” ڪهڙو”
چيائينس نه نه۔۔ وِچ معني ڏائڻ۔۔

اڃان اُستاد توبهون نه ڪن ها۔۔۔ asul matt
 
asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt
سائين ڀلا انگريزي ڪجھ سکيو يا رڳو استادن جو مٿو چٽ ڪيائين؟
shabashshabash
 
جواب: ڪاڪي آچار جو پُٽ انگريزي سِکيو۔۔۔

لڳي اچار جو پٽ هو ته پڪ شڪار پوري هوندو ڇا شڪار پوري اهڙا هوندا آهين ڇا؟
 
جواب: ڪاڪي آچار جو پُٽ انگريزي سِکيو۔۔۔

هل ! اهو پنهنجي پپني جهڙا شاگرد هر استاد سان ٽڪريا ته بس استادن جا ٽپڙ ٽيشڙ تي هوندا

asul matt
shabash
 
جواب: ڪاڪي آچار جو پُٽ انگريزي سِکيو۔۔۔

هل ! اهو پنهنجي پپني جهڙا شاگرد هر استاد سان ٽڪريا ته بس استادن جا ٽپڙ ٽيشڙ تي هوندا

asul matt
shabash

سائين اها ته اصل شروعات آهي۔۔ پاڪستان جي هر شهر اندر اهڙا شاگرد پهچائڻا آهن
 
Back
Top