ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جو ڪتاب”سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻُوٽا“ تبصرو: مٺل جسڪاڻيهر سال، مختلف ادارا ۽ تنظيمون، سنڌي ڪتابن جي تورتڪ ڪري ليکڪن کي انعام، ايوارڊ، تعريفي سندون ڏيندا آهن، مڃتا ڏيندا آهن، ڀيٽا ڏيندا آهن، جيڪو تمام سٺو، ساراهه جوڳو ۽ مستقبل ۾ جاري رکڻ جهڙو انتهائي مثبت ۽ واجب عمل آهي، پر مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌيءَ ۾ لکيل زرعي ڪتابن کي ڇو نظر انداز ڪيو وڃي ٿو؟ ڇا هن قسم جي ڪتابن جي ڪا اهميت، ضرورت نه آهي؟ ڇا هي ڪتاب ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي ۾ ڪا حيثيت نه ٿا رکن!؟ اهڙا ڪجهه ٻيا به سوال آهن، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. في الوقت ياد ڏياريندس ڪتاب جي اهميت، ته ڪتاب ڀلي ته ڪهڙو به هجي، پر آهي ڪم جي شيءِ. بجلي هجي يا نه، انٽرنيٽ هجي يا نه، جيڪو به مسئلو هجي، ان نسبت سان ڪتاب ڳولي، گهڙيءَ سوا ۾، پنهنجي مشڪل کي آسان ڪري سگهجي ٿو. اهڙي ئي، انيڪ سوالن جي جوابن سان گڏ، جنهن بهترين ڪتاب تي هيءَ ٻه اکر لکي رهيو آهيان، ان جو نالو مٿئين عنوان ۾ موجود آهي ۽ صاحب ڪتاب ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جو تعارف ته منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهن لاءِ نئون نه هوندو، جيڪي زراعت سان دلچسپي رکندڙ آهن، ڇاڪاڻ ته مون کي اهڙي ڪابه سنڌي اخبار يا اهڙو سنڌي رسالو ڪونه ٿو سجهي، جيڪو زرعي معلومات شايع ڪندو هجي، پر ان ۾ ڪڏهن ڊاڪٽر تنيو جو مواد نه هجي. نه صرف ايترو، پر جيڪي ڪتاب وٺندڙ آهن ۽ سنڌي ڪتاب گهرن تي ويندڙ آهن، اهي ڀلي ته زراعت سان دلچسپي رکن يا نه، پر ٻين سنڌي ڪتابن ۾ جيڪڏهن ڪو زرعي ڪتاب ڏٺو هوندن، ته گهڻو ڪري اهو ڪتاب ڊاڪٽر تنيو جو ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته ٻين سنڌي ۾ ايترا زرعي ڪتاب نه لکيا، نه ڇپرايا آهن، جيترا ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جا ڪتاب چپيا آهن. ڊاڪٽر تنئي جو ڪتاب ”سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا“، سنڌي ٻولي ۾ اهڙو پهريون اڪيلو ڪتاب آهي، جنهن ۾ 110 مختلف دوائن وارن فصلن ۽ وڻن ٻوٽن تي ڇپيل جامع معلومات آهي، جيڪا گهڻو ڪري سنڌي ۾ پهرين ڪنهن به صورت ۾ نه ڇپي آهي. نه صرف ايترو، پر جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهي، هن ڪتاب ۾ لکيل صلاحن تي عمل ڪندي، دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا پوکيا ۽ سنڀاليا وڃن، ته آبادگارن جا وارا نيارا ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ عام زرعي زميني فصل (field crops) ڪمند، وونئڻن، دالين، تيلي ٻجن، ڀاڄين ۽ ميون وارن فصلن مان، انهن فصلن تي به ڪارائتو مواد شامل آهي، جيڪي طب ۾ استعمال ٿين ٿا، پر اهڙا وڻ ٻوٽا به ججها شامل آهن، جيڪي فصل جي صورت ۾ نه پوکيا ويندا آهن. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ موجود ججهو مواد نه ئي سهي، پر اهڙن فصلن ۽ وڻن ٻوٽن کي پوکڻ، سنڀالڻ ۽ اپت حاصل ڪرڻ جونگهربل سڀ سهڻيون صلاحون موجود آهن. هي اهي فصل ٿي سگهن ٿا، جيڪي پيٽرول ۽ ڊيزل کان ويندي، اسان جي روز مرهه جي سمورين شين ۽ علاج معالج وارين دوائن، گورين، سُيُن ۽ ڪيپسولن کان به مهانگي مُلهه وڪامن. اهڙن مهانگن فصلن ۽ وڻن ٻوٽن ۾ پهرين ڪنهن جو حوالو ڏجي؟ اسپنگر جي اهميت ۽ ان جي اگهه کان اڪثريت واقف آهي. اڄڪلهه اسپنگر جي 5 گرام واري پُڙي 5 رپين کان گهٽ نه ٿي ملي! ان حساب سان، جتي اسپنگر جو هڪ ڪلو هڪ هزار ۾ ملي، اتي هڪ ايڪڙ ۾ اسپنگر پوکي، گهڻا ڪلو ۽ گهڻي آمدني، في ايڪڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي! اهڙي معلومات آهي هن پنهنجي نوعيت جي پهرئين ۽ اڪيلي ڪتاب ۾. بهرحال، هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 10 باب آهن. پهرئين باب ۾ دوائن وارن فصلن ۽ وڻن ٻوٽن جي اهميت ۽ ضرورت جي بنيادي نقطن تي جامع معلومات ڏنل آهي. ٻئي باب ۾ دوائن وارن فصلن جهڙوڪ اسپنگر، السي، تر، تماڪ، جاڻ، جيرو، ڄانڀو، چانهه، خراساني جاڻ، ڌاڻا، سونف يا وڏف، سوئا، سُنڍ يا ادرڪ، ڦودنو، ڪلونجي، ڪاري جيري، ڪافي يا قهوه، ولجاڻ، هُرٻو يا ميٿي، هيڊ ۽ هيرڻ لاءِ پيداواري حڪمت عملي تي مواد آهي. باب ٽئين ۾ دوائن وارن گلن ڦلن جهڙوڪ تلسي، پان، پنير، چنبيلي گل، زعفران، سدا بهار، گل موتيو، عقيق، ڪنول گل، گل زنگي، گلاب، ميندي، نازبوءِ، رات جي راڻي، سدا گلاب ۽ گل چمپا؛ چوٿئين باب ۾ دوائن وارين جڙين ٻوٽين جهڙوڪ اڪ، بي پاڙي، ٻڪن، ڀنگ، ٿوهر، ٽوهه، پٽ پيرون، جيٽروفا، جوجوبا، ڌاتورو، ڏوڏي، ساٿر، سِنامکي، سبز چانهه، شاهترو، ڪاسني، ڪنوار ٻوٽي، گگر، لاڻي، منڍيري، مُنگهو، مٺي ڪاٺي، نير، هڱ ۽ شرم ٻوٽي؛ باب نمبر پنج ۾ دوائن وارا ڦل ۽ ميوا جهڙوڪ انب، انجير، انناس، انگور، بيهي داڻا، ٻير، توت، پپيتو، ڄمون، ڄاڱري ٻير، چيڪو، زيتون، سيتا ڦل، ڦاروا، کجي، ڪيلو، گدامڙي، ليمون، نارنگي ۽ ناريل؛ ڇهين باب ۾ دوائن وارا ٻوٽا ۽ وڻ مثلا طور املداس يا املتاس، اِپل اِپل، بانس، باهڻ، بڙ، بڪائڻ نم، بيد مشڪ، ٻٻر، تمر، ٽالهي، پپل، پيش کجي، ديوي، روهيڙو يا لوهيڙو، سنڌي ساڳوان، سُهانجڙو، سرينهن، سلکي ڪپهه يا سيمل، ڪچنار، ڪيسو ڦل، ڪرڙ، ڪنڊي، کبڙ، ليسوڙي يا گيدوڙي، ليار. لئي، مانجهاندڙي ۽ نم جي ڌار ڌار اهميت، ضرورت ۽ استعمال سان گڏوگڏ انهن جي فصل طور پوک لاءِ پيداواري حڪمت عملي ڏنل آهي. باب اٺون سنڌ جي دوائن وارن فصلن جي سڃاڻپ، نائين باب ۾ 138 مختلف دوائن وارن فصلن ۽ وڻن ٻوٽن جون رنگين تصويرون آهن، جن جي مدد سان سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا سڃاڻڻ ۾ تمام گهڻي سولائي ٿيندي. جڏهن ته آخري باب ڏهون دوائن جي فصلن ۽ ٻوٽن جي لغت تي مشتمل آهي، جنهن جي به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت آهي. باب ختم ٿين ٿا ته ڊاڪٽر تنيو، هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪي مددي ڪتاب يا مضمون پڙهيا، سمجهيا، انهن جي ترتيب (لسٽ) پڻ ڏني آهي ۽ ان جي به پنهنجي اهميت آهي. ڪتاب تي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر جيترو ججهو لکندس، اهو ان ڪري غير ضروري ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ پاڻ پڙهي جيڪا راءِ قائم ڪندو، اها شايد منهنجي راءِ کان وڌيڪ اهم هجي. هيءَ ڪتاب روشني پبليڪيشن جو 534 هون، ڊيمي سائينر جي 645 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 550 رپيا اٿس.
ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جو نالو سنڌ جي زراعت ۽ تحقيق ۾ وڏو نالو آهي۔ سندس هي ڪتاب به لاجواب ئي هوندو، مان پاڻ ناهي پڙهيو پر زراعت سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن کي پڙهڻ گهرجي۔