دادن فقير ۽ سرڪش جو ڏوهيڙو سنڌ سلامت وڊيو جي 6 ڇهين پيشڪش

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم سنڌي ساٿيو۔ سنڌ مشهور فنڪار محترم الهڏنو خاصخيلي پنگريو ۾ ٿيل سائين مرحوم نورمحمد نور جي ڪتاب جي مهورت وقت راڳ رنگ جي محفل ۾ شريڪ ٿيو هو ۔ مشهور شاعر دادن فقير جو ڏوهيڙو ۽ سرڪش جي شاعري جا ڪجهه بند ٻُڌائي ساري محفل کي جهومائي ڇڏيو هُئائين۔ اسان ٿورائتا آهيون محترم سليم سنڌي سمون صاحب سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جن جا جن جي تعاون سان هن خوبصورت گيت جي فلمبندي صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي ٿي سگهي۔
    هڪ دفعو ٻيهر توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هن خوبصورت گيت کي فلمبند ڪيو آهي هوسڙي شهر کان سنڌ سلامت جي سڏ تي آيل محترم عبدالغفور سمون صاحب۔ جڏهن ته وڊيو ايڊيٽنگ ۾ اسان جي سنڌ سلامت ساٿ جو ساٿي ادا محمد جُمن شيخ، جڏهن ته ڊائريڪشن توهان جي هن ناچيز دوست نثار ناز جي آهي۔

    پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي 6 ڇهين پيشڪش سنڌ فنڪار محترم الهڏنو خاصخيلي جي آواز ۾ دادن فقير ۽ سرڪش جي شاعري​



    اميد آهي ته ساري دنيا جي سنڌي دوستن جي آڏو اسان جي هي محبت ساڀيان پوندي
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي۔۔۔اهي سنڌ جي ادب جا جوڌا جوان آهن۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهريون دوهيڙو ته انتهائي سخت ۽ ڪڙن لفظن تي ٻڌل آهي۔۔۔۔
    بيغيرت جي نه جائز آهي نماز۔۔
    بيغيرت سان کائڻ پيئڻ بند ڪر۔۔۔

    جي غيرت جو تو ۾ مادو آهي اگر ۔۔
    ته گهر واريءَ جو ٻاهر گهمڻ ڦرڻ بند ڪر۔۔۔۔

    سڏائين ٿو الله وارو جي اگر۔۔۔۔
    ته پهريان مريدن کان پنڻ بند ڪر۔۔۔۔

    جو پيسي جي خاطر وڃائي وقار۔۔۔
    انهيءَ سان ناتو رشتو رکڻ بند ڪر۔۔۔

    محمد صه جو جي آهين امتي اگر۔۔۔
    ته ڌيءُ ڏوڪڙن ۾ ڏيڻ بند ڪر۔۔۔

    اجايو نه ڪنهن تي کلو خواه مخواهه
    بي معني بي مقصد کلڻ بند ڪر۔۔۔

    دلِ حال نه ڪر ڪنهن سان تون اچي دادن۔۔
    خبر بي خبر سان ڪڇڻ بند ڪر۔۔۔

    سائين نثار صاحب بهترين آواز شيئر ڪرڻ تي توهان جا ٿورائتا۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا ڄامشورائي ۔ جو توهان کي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي هيءَ ونڊ پسند آئي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وڏي ائڊمن رشيد سمان تُنهنجي ڪري ئي اسان جي دل وڌي آهي، جو سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي لکڻين ، پنهنجي سوچن ذريعي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تان پنهنجي پنهنجي حسب توفيق سموري دنيا جي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن۔ يقين ڪر ادا مونکي دوستن سنڌ سلامت اسٽوڊيو تان سنڌ سلامت جون پنهنجون پيشڪشون شيئر ڪرڻ تان ايڏا ته قرب ۽ پيار ڏنا آهن جو بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهن۔ ادا اهو سارو ڪريڊٽ توهان کي وڃي ٿو۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ونڊ آهي سائين اهڙي ونڊ ڪرڻ تي توهان کيرون کنڊون لهڻو
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا ڦلپوٽا۔
     
  8. mirjaan

    mirjaan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2009
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين ڪم ڪيو آهي توهان جي وڏي مهرباني۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا ميرجان جو توهان هن وڊيو کي بهترين چيو، ادا ميرجان پليز توهان پنهنجي باري ۾ڪا خبر چار ٻُڌايو۔ ته اصل ڪٿان جا آهيو۔ جيڪڏهن تفصيل سان لکو ته تعارف واري شعبي ۾ اسان توهان جي تعارف جا منتظر رهنداسين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو