لکڻ چاهيان ٿو مگر ڇا لکان، ڇاتي لکان ،لکڻ لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ناهي مگر پوءِ به سوچيان ٿو ته لکان…پيار تي محبت تي،انڪار تي،اقرار تي،زندگي تي خوشي تي،غم تي لکان يا وري لکان پنهنجي معصوم ماروئڙن جي انهن چَتين ڀريل لٽڙن تي ،يا گلن جهڙي پيارن ٻارن تي جيڪي نٽهڻ اس ۾ مزدوري ڪري پنهنجي پيٽ کي پالين ٿا،لکان انهن تي جيڪي عيش عشرت ۾ خوشگوار ڏينهن ۽ رنگين راتيون گذاري رهيا آهن انهن تي لکان جيڪي غربت جي معنيٰ مفهوم کان اڻڄاڻ آهن، سونهن تي لکان يا سهڻي سنڌ تي.....؟ پيار تي ڇا لکان پيار ته اڄ ڪلهه رهيو ئا ناهي ،محبت هن دور ۾ مطلبي سمجهي وڃي ٿي،اظهار لاءِ آزادي نه آهي عشق بس قصن ۽ آکاڻين تائين رهجي ويو آهي انڪار جي ڇا ڳالهه آهي هر نيڪ ڪم لاءِ انڪار ئي انڪار آهي،اقرار ڪرڻ وارا ڪاري ڪاريِ واري ڪاري ڪامڻ جي وبا ۾ جڪڙجي وڃن ٿا يا ته انهن کي ملڪ بدر ڪيو وڃي ٿو،خوشي ان هوا جي گرم جهونڪي وانگي بنجي ويئي آ جيڪا اچي ٿي پر ساڙي وڃي ٿي،باقي رهيو ئي ته غم رهيو آهي جيڪو شايد انسان سان وفادار آهي هر پل هر لمحي غم انسان سان گڏ ئي گڏ آهن.ڇا لکان معصوم ماروئڙن تي جيڪي صبح جي ماني کائين ٿا ته منجهند جي ماني لاءِ سوچين ٿا ته الائي ملندي الائي نه،ڇا لکان معصوم ۽ مسڪين ٻارڙن تي جيڪي هر قدم احساسِ ڪمتري جو شڪار آهن نازڪ پيرن ۾ نرم جتيءَ لاءِ محروم آهن،انهن انسانن جيڪي دولت جي نشي ۾ پهنجو سڀ ڪجهه وڃائي پنهجين راتين کي رنگين بنائين ٿا ۽ اهو به نٿا سوچين ته اسان لاءِ زندگي هڪ ٻي به اچڻي آ ءِ اها زندگي ئي اسان جي اصلي زندگي آ،سهڻي سنڌ جيڪا 63 سال گذرڻ بعد به غلامين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي اڄ به ان جا رهواسي پهنجي جائز حقن لاءِ محروم آهن.اي الله...!انسان کي اڃا عقل ڪڏهن ايندو انسان هر حال ۾ خوش نه آهي غريب آ ته زندگي اذيتناڪ آ، امير آ ته پريشانين جي قيد خاني ۾ آ، هن ڪائنات ۾ رهندڙ انسان کي ايتري سوچ عطا فرما ته هي زندگي عارضي آ هي دنيا فاني آ ،هن دنيا ۾ محبت جو پيغام ڏيو نفرتن کان ڪنارا ڪشي ڪيو محبتن کي هَٿي ڏيو پنهجو نالو نه وڪڻو ڇوته اوهان جو نالو انسان آهي ۽ انسان عظيم آهي. راشد حسين ميمڻ سيوهڻ شريف
واهه واهه ۔۔۔۔ يار لکڻ لاء اوهان وٽ قلم ته آهي ۔۔۔۔۔ تمام سهڻي تحرير لکي اٿو ۔۔۔۔ بس ڪنهن به موضوع کي کڻو ۽ قلم کي جنبش ڏيو، اوهان وٽ لفظن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ اوهان جي خيالن جي اڏار به وڻي۔۔۔۔
سائين اوهان جي همٿ افزائي ۽ دعائن جي ضرورت اٿم ۔لفظن جو خزانو ڳولڻ ته آسان آهي مگر انهن جو استعمال تمام ڏکيو آ،انهيءَ پيچري تي هلڻ لاءِ قدم وڌائي رهيو آهيان۔ دعائن جي ساٿَ جي تمنا آهي۔