اک جو ڳوڙهو : نثري نظم : .شاهين سنڌي

نثري نظم
اک جو ڳوڙهو
شاهين سنڌي
''''''''''''''''''''''''''''
اک ۾ڪيڏو ته خوش هوس
اک مان ڪري
ڌرتي ۾ جذب ٿي ويس
جڏهن به برسات وسي ته
منهنجي مهڪ سڃاڻ جو
ڌرتي جي هٻڪار ۾
ٿورو گهڻو
منهنجو به ساٿ هوندو
اک جوڳوڙھو
ڌرتي کي پاڻ ارپيندي
ڌرتي وارن کي چوي پيو
 
Back
Top