ڪڏهن ڪڏهن من ۾ اهڙي ته اچي آنڌمانڌ مچندي آهي جو ساه کي ٻُوساٽَ ٿيڻ لڳندي آهي ،زندگي هن وجود تي هڪ بار لڳندي آهي ،ايئن لڳندو آهي ڄڻ جيئڻ جا سڀ رستا کٽي ويا آهن،هميشه زندگي لاء جتن ڪندڙ هي وجود موت کي ڳلي لائڻ چاهيندو آهي،ڪيڏو نه موت جو ڀيانڪ تصور هوندو آهي عام حالت ۾، پر هي عجيب قسم جا احساس اچي ويندا آهن جنهن ۾ دنيا کان دور وڃڻ لاء دل بيچين هوندي آهي،۽ پاڻ کي سڀن کان پري ڀائيندي موت کي ويجهو ڏسڻ چاهيندي آهي ، هيءَ دل هيءَ دل به عجيب آهي! ڪڏهن موت کي مات ڏيڻ لاء خواهشن جي آسمان تي چڙهي هر احساس کي هيٺ ڪري پنهجي من جي ڀنور ۾ هر ناتي هر رشتي کي ڀنواٽين ۾ وجهي ڇڏيندي آهي ، هي دل ڪيڏي نه عجيب آهي!!! جڏهن به ڪنهن ڳانڍاپي کي ڳنڍڻ چاهي ته هر چاڙهيءَ تي چڙهي ڪمزور وجود کي به توانو بنائي ڇڏيندي آهي، سخت سردي جي راتين ۾ بنا بوڇڻ جي ايئن گهمائيندي آهي جيئن بهار جي موسم ۾ مست ڀونئر وتي ڦيرا ڏيندو اوُنهاري جي جَهولن ۾ به ائين جُهومندي آهي جيئن سانوڻ جي برسات وسڻ کان پوء گُهلندڙ هِير ۾ هر جيءُ جهومي پوندو آهي، پنهجي مرضي پويس ته ميلن جا فاصلا به مٽائي ڇڏي، الائي ڪهڙي ا ک سان ڏسڻ لڳندي آهي جو هزارين ميل پري به ايئن نظر اچڻ لڳندا آهن ڄڻ وٿي ئي ڪانهي،وجود کي به اهڙو ته پنهجو غلام ٿي بنائي جو اهو به نه اڃ کي ڏسي نه بک کي بس ان جي تابعداري ۾ هر حڪم تي تيار،عجيب آهي هي دل حيرت جي انتها ته تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ٻن اکرن ٻڌڻ تي ٻڏڻ لڳندي آهي ،پوري وجود کي ميڻ وانگر رجائڻ لڳندي آهي پنهجي اندر ۾ سڏڪا ، اکين ۾ ڳوڙها، وجود ڪمزور ،هڪ هڪ قدم مَڻَ مَڻ جو لڳندو آهي ،ٻن اکرن جو ايڏو اثر سمجه ۾ نه ايندو آهي ته هن کان ڇا برداشت نه ٿيو! جڏهن ته هن وجود تي حڪمراني ڪندي ڇا ڇا نه پئي ڪرايائين؟! هر حڪم جي تعميل پئي ٿي پوءِ اُن ئي وجود کي اهڙو ڪيئن ٿي بنائي جو هڪ قدم به چري نه ٿو سگهي ؟!!! شآيد هن جي قوتن جو ڪنهن اعتراف نه ڪيو تڏهن هن وجود کي ناڪاره ڪري ڇڏيو،يا هن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو تڏهن هن وجود کي بيوس ڪري ڇڏيو ۽ هر شئي کان محروم ڪرڻ لڳي آهي ،نه پائڻ وڻي نه کائڻ وڻي بلڪه هي ته هن وجود کي دفن ڪرڻ جا سانباها پئي ٿي ڪري ۔ڪنهن به شئي کي نه ٿي گهري شايد پنهجي جوڙيل ناتي جي بي رخي برداشت نه ڪري سگهي آهي تڏهن ئي هي وجود ان نظرن کان ئي پري ڪرڻ ٿي چاهي جيئن اهي اکيون ان کي پسي نه سگهن او دل تنهجن ڳنڍيل رشتن کي مان ڪيئن سمجهايان انهن توکان ڇو منهن موڙيو آ؟؟؟؟؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته اُنهن جي ِانهن احساسن ۾ تون ڇاٿي محسوس ڪرين،!! تون هن وجود کي تڪليف نه ڏي ڏس اي دل تون ارمان نه ڪر اگر تنهجا جوڙيل ناتا توکي نه سمجهي سگهيا ته تون هن وجود کي هن مٽيءَ جي خوشبوء سان مهڪاء، جيئن هن جي سڳنڌ پري پري تائين پکڙجي وڃي،۽ تنهجي قوت جي مڃتا جا نعره نروار ٿين ۽ مونکي يقين آهي تنهجا رشته توکي ضرور ساراهيندا ۽ توتي ضرور ناز ڪندا او دل تون ڏاڍي عجيب آهين
تون ارمان نه ڪر اگر تنهجا جوڙيل ناتا توکي نه سمجهي سگهيا ته تون هن وجود کي هن مٽيءَ جي خوشبوء سان مهڪاء، جيئن هن جي سڳنڌ پري پري تائين پکڙجي وڃي، ۽ تنهجي قوت جي مڃتا جا نعره نروار ٿين ۽ مونکي يقين آهي تنهجا رشته توکي ضرور ساراهيندا ۽ توتي ضرور ناز ڪندا۔ سائين سلام تمام وڏيون ڳالهيون، گهريون ڳالهيون، جنهن وري وري سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ۔۔۔۔ محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو انهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه