اڄوڪو ڏينهن 15 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 15 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

15 نومبر 1881ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ميمڻ جو ڏينهن آهي۔
15 نومبر 1899ع ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو
15 نومبر 1907ع برطانوي مورخ، جاگرافيدان ۽ برطانوي فوج جي عملدار اين جي ايل هيمنڊ جو جنم ٿيو۔
15 نومبر 1908ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي حڪيم عطا محمد ڀٽي (سکر) جو جنم ٿيو۔
15 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو جنم ٿيو
15 نومبر 1920ع اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي (روهڙي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1924ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار طالش جو جنم ڏينھن آهي.
15 نومبر 1934ع مذهبي اسڪالر مولانا سلطان احمد سيٺار جو جنم ڏينهن آهي۔
15 نومبر 1936ع اسٽيج اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منوهر جاڳ (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1941ع شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار ورهو رفيق (سکر/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1942ع ٽي وي ۽ فلم جي مشھور اداڪار قوي خان جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1945ع شاعر لال دين بسمل جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1944ع فلم ۽ ٽي وي جي مشھور اداڪار سليم ناصر جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1946ع سياستدان ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آفتاب شاهہ جيلاني جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1956ع تي آزاد قاضي لاڙڪاڻي جي شھر ڏوڪري ۾ جنم ورتو اصل نالو عبدالواحد قاضي ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم ۽ مرتب اٿس.
15 نومبر 1960ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر رضا محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1962ع ڪاتب، ليکڪ ۽ شاعر فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي ڳوٺ بهاول خان پتافي، تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي ۾ ڄائو.
15 نومبر 1963ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ آرٽسٽ آغا سعيد جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1965ع شاعر بدر شاھہ جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1966ع شاعر سرتاج جاگيراڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1968ع ناليواري قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1974ع اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاھہ لڪياري جو جنم ڏينهن آهي
15 نومبر 1986ع ٽينس جي مشهور رانديگرياڻي ثانيہ مرزا جو جنم ڏينهن آهي

وڇوڙو:

15 نومبر 1981ع تي اردو ۽ فارسي جي مشھور شاعر خاور رضوي اصل نالو سيد سبط حسن رضوي جو لاڏاڻو ٿيو.
15 نومبر 1974ع ڪراچيءَ جو مشهور سياستدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر حاجي غلام حسين وفات ڪري ويو.
15 نومبر 2000ع مشهور صحافي ۽ شاعر شيخ نظر محممد بسمل وفات ڪري ويو.

واقعا:
15 نومبر 1945ع تي ونيز ويلا اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو.
15 نومبر 1949ع تي مھاتما گانڌي جي قاتل، ناٿو رام کي انبالہ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي.
15 نومبر 1972ع تي پاڪستان، عوامي جمھوريہ جرمني کي تسليم ڪيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
inWILSrQUTzPZ.jpg
 
Back
Top