• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نئون سال

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

آيو نائون سال صديءَ جو،
نڪتو ڪو به نه خاص نتيجو.

ساڳي تيز هوا طوفاني،
ساڳيو اوندهه، ڀاڳ بتي جو.

ڇانَو وڻن جي، ٻول پکين جا،
ڪاڏي ويو سو روپ ندي جو.

بي سُڌ ڀاڱا، ڀاڱا ٿي وئي،
موت، ڪُهاڙي بڻيو، سسيءَ جو.

مون لئه سڀ کان آهه مٿاهين،
مَٽ نه آ، ڪو ڀونءِ ـــــ رَتي جو.

رت، ٽِمي پيو ٿو ٽاريءَ مان،
ڪنڌ، ڪپيو هي ڪنهن مُکڙي جو.

وقت نه ايڏا لوڏا ڏي تون،
ماڻهو ڪچي آهه مِٽي جو.

ساري ٿي وئي ڀونءِ ستارا،
نرتيءَ جي اڄ ڇير، ٽٽي جو.

ڪيڏو سُندر منهنجي ڀوميءَ،
ويس ڍڪيو آ چانڊوڪيءَ جو.

اڄ ئي هُن جو ڏينهن جنم آ،
اڄ ئي ڏينهن سندس ورسيءَ جو.
 
Back
Top