ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي ڳوٺ ۾ جمعي جمعي جي ڏينهن هڪ حجم ايندو هو، جنهن جو نالو ته نبي بخش هو پر سڀ نبن نبن ڪري سڏيندا هئس. هو سڀني ڳوٺ وارن جا وار ۽ ڏاڙهيون مفت ۾ ٺاهيندو هو ۽ پنهنجي ان محنت جو اجورو فصل تي مڻ ڏيڍ اَن جي صورت ۾ وٺندو هو. هن جي مختلف ڳوٺن ۾ آهت هوندي هئي ۽ هر ڳوٺ ۾ وڃڻ لاءِ هن هفتي جا مختلف ڏينهن مقرر ڪري رکيا هئا، اسان وٽ جمعي جي ڏينهن صبح جو نيرن وقت پهچي ويندو هو ۽ پوءِ ڳوٺ جي اوطاق ۾ سج لٿي تائين ننڍن وڏن جا پيو وار ٺاهيندو هو. وٽس وڏن کان ورثي طور مليل هڪ پاڪي هوندي هئي، جيڪا پٿر تي تکي ڪري ان سان ئي ڪياڙي به ٺاهيندو هو ۽ ڏاڙهي به لاهيندو هو. ان وقت هيپاٽائيٽس وغيره جو ايترو شعور نه هو ان ڪري ساڳي پاڪي جي استعمال تي ڪير به اعتراض نه ڪندو هو. نبن اڳيان سڀ بس هڪ ئي فرمائش ڪندا هئا ته ادا نبن پاڪي تکي ڪري پوءِ استعمال ڪجان. ان نبن ۾ ٻه عادتون هونديون هيون هڪڙي اکيون ڀڃڻ جي ۽ ٻي گهڻو ڳالهائڻ جي. هي پنهنجي منهن پيو اکيون پيو ڀڃيندو هو، سندس هڪ اک کلندي هئي ته ٻي بند پئي ٿيندي هئي، نئون ماڻهو پهريان نرڙ ۾ گهنج وجهي کيس حيرت ما ن گهوريندو هو ۽ پوءِ جلد ئي سمجهي ويندو هو ته مسئلو ڪو به ناهي همراهه کي بس اکيون ڀڃڻ جي عادت آهي. ٻيو ڳالهه هجي نه هجي، مقصد هجي نه هجي هي هرو ڀرو پيو ڳالهائيندو هو. ڳالهه پاڻ واري قينچي جي قدامت کان شروع ڪندو هو ۽ ان جو دنگ ڪيٽي جتوئي مان ٻه سيهڙ پڪڙي اچڻ تي ختم ڪندو هو. هڪڙو، ٻيو ٽيون ۽ ائين تقريبن سڄو ڳوٺ وار ۽ ڏاڙهيون سيٽ ڪرائي هليو ويندو هو، پر هن جي ڳالهه پوري نه ٿيندي هئي ۽ سندس زبان کي بريڪ نه لڳندي هئي. ان طرف ڌيان ڏيڻ جي پرواهه ڪرڻ بنا ته ڳالهه ڪنهن کان شروع ڪئي، ڪنهن تائين ڪيتري پهچائي، هي بس ڳالهائيندو ئي ويندو هو. سندس ان نان اسٽاپ ڳالهائڻ تي اوطاق سنڀاليندڙ چاچو عثمان کيس ٽوڪيندي چوندو هو ته ’نبن تون وارن جي مزدوري ماڻهن جو مٿو چٽي اوڳاڙي ٿو وڃين، هاڻي فصل تي ڇا جو حساب وٺندين!‘ هڪ ڏينهن ڳوٺ وارن هن سان شرط رکي ته تون اڌ ڪلاڪ نه ڳالهاءِ توکي ڪپڙن جو ڀلو وڳو بوٽ سميت وٺي ڏينداسين ۽ 500 روپيه خرچي به ڏينداسين، اگر ڳالهايئي ته 500 روپيه ڏيڻا پوندئي. نبن شرط قبول ڪئي 10 منٽن تائين ته هي واقعي به خاموش رهيو، پر 11هين منٽ نرڙ تي تري هڻندي چيائين ادا مون هارايو، اهي ڏنڊ وارا پئسا فصل تي ڪٽي وٺجو زبان کي بند رکي پنهنجو پيٽ ٿورئي ڦاڙڻو آهي! ان نبن حجم کي ’پيالو‘ ڪئي ته ڪي سال گذري ويا آهن، پر هن جون ڳالهيون اڃا تائين سڀني کي ياد آهن.. پارس هيسباڻي
ها اهڙا ماڻهو گهڻا ڏٺاسين جيڪي گهڻ ڳالهائو ٿين ۽ مجال آهي جو خاموش ويهن، ڪڏهن ڪڏهن مان به گهڻو ڳالهائي ويندو آهيان، پر پنهنجن سان
ها اهڙا ماڻهو گهڻا ڏٺاسين جيڪي گهڻ ڳالهائو ٿين ۽ مجال آهي جو خاموش ويهن، ڪڏهن ڪڏهن مان به گهڻو ڳالهائي ويندو آهيان، پر پنهنجن سان
ادا واقعي فضول گوئي جي ڪافي ماڻهن ۾ عادت هوندي آهي ، ڪوشش ڪجي ته فضول ڳالهائڻ کان بچجي! ڇوته فضول ڳالهائڻ کان خاموشي بهتر آهي ۽ حڪمت جي نشاني مان آهي