سنڌي ٻوليءَ کي تعليم جي ذريعي پهچندڙ نقصان ( زيب النساءِ جنجھي )

'مختلف موضوع' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    سنڌي ٻوليءَ کي تعليم جي ذريعي پهچندڙ نقصان

    زيب النساءِ جنجھي



    سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي شاهڪار ثقافت جو وسيح پس منظر ۽ لوڪ ادب آهي. سنڌو ماٿر جي ٻوليءَ جي لکت پنج هزار سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان ملي آهي. پاڪ و هند کان سواءِ ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگينڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مڊاگاسڪر، انگلينڊ، آمريڪا۽ ڪئناڊا ۾ پڻ اندازن 4 لک ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا. ان کان سواءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائلينڊ ۽ ٻين ملڪن به سنڌي ٻولين ڳالهائي وڃي ٿي.
    سنڌو ماٿريءَ جي لکت جي شروعات 7400 ق. م جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي. اها لکت موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي کوٽائيءَ مان مليل مهرن تي ملي آهي. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي شق (3)251 ۾ ڄاڻايل آهي ته قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابه صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ ۾ سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اپاءَ وٺي سگھي ٿي. آئين جي هن آرٽيڪل کي مدِ نظر رکندي ۽ ان جي تعميل ڪندي سنڌ اسيمبلي اهڙو قانون، سنڌ لئنگويج ايڪٽ 1972 (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۽ سنڌ ترميمي ايڪٽ 1990ع سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي۽ استعمال جي صورت ۾ منظور ڪيو، جنهن موجب، قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ٿيندو، جڏهن ته سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. قانون موجود هوندي به سنڌي ٻولي سنڌ ۾ ڪيئن پڙهائي ۽ سيکاري وڃي ٿي، اهو هڪ وڏو الميو آهي، خاص طور تي آسان سنڌي، جيڪا انهن ٻارن کي پڙهائي ويندي آهي، جن جي مادري زبان ۽ تعليم جو ذريعو سنڌي ناهي. وڏن شھرن ۾ رھندڙ سنڌي گھراڻن جو اهو الميو آهي ته اھي پنھنجي ٻارن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي تعليم ڪيئن ڏيارين، ڇاڪاڻ جو ذري گھٽ سمورن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي مادري ٻوليءَ طور نٿي پڙهائي وڃي، بلڪ آسان سنڌي پڙھائي وڃي ٿي.
    ڪجهھ ڏينهن اڳ منهنجي ننڍڙي ماريا، جيڪا ٽئين ڪلاس ۾ پڙهي ٿي، جنهن مون کان آسان سنڌيءَ جي ڪتاب (سبق ٽيون) ۾ لفظ ”ڀيڙ“ جي معنيٰ پڇي. مون کيس معنيٰ ٻڌائي ۽ سمجھايو پر هن چيو ته، ”نه امي، اسان کي ٽيچر ان لفظ جي معنيٰ ’هجوم‘ لکرائي آهي. ان ريت مون کي منهنجي پٽ دانيال، جيڪو مئٽرڪ ڪلاس جو شاگرد آهي، ان کين اسڪول ۾ لکرايل ڪجھه اهڙين غلطين جي نشاندهي ڪئي، ۽ ٻڌايو ته سندس سنڌي مضمون جي ماسترياڻي سنڌيءَ جا اچار ته غلط وٺي ٿي پر معنائون ۽ لفظ به اردوءَ جا لکرائي ٿي. مثال طور، هڪ هنڌ درخواست ۾ جملو استعمال ڪيو ويو آهي، ”مٿين حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان محلي جا باشنده عرض ٿا ڪريون .....“. ان قسم جون انيڪ غلطيون نظر آيون. جيڪڏهن ٻارن کي ٻولي هن طريقي سان پڙهائي ويندي ته فائدي بدران نقصان ٿيندو. ’آسان اردو‘ يا ’آسان سنڌي‘ جا مضمون اسڪول ۾ پڙهڻ جو مقصد اهو آهي ته ٻار سرڪار طرفان قومي ٻولي قرار ڏنل ٻوليءَ سان گڏوگڏ صوبائي ٻولي لکي، پڙهي سگھن، پر جنهن نموني اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي وڃي پئي، ٻار الٽو پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن. سنڌي ٻار ڪلاس ۾ غلط اچارن ۽ معنيٰ جي نشاندهي به ڪرائين ٿا پر استاد انهن کي نظر انداز ڪريو ڇڏين. ٽي ڏهاڪا اڳ تائين ٻهراڙين ۾ به بنيادي تعليم، هِجي۽ اچارن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. جيستائين ڪِڪ پٽي ياد نه ٿيندي هئي، ٻار کي پاس نه ڪيو ويندو هو. پوءِ جيئن جيئن سرڪاري اسڪولن جو معيار ڪرندو ويو، ان جي جاءِ خانگي اسڪولن ورتي، جن مان اڪثر جو سڄو زور ڪمائڻ تي هوندو آهي، پر تعليم جو معيار ڪو خاص نه آهي. انهن اسڪولن جون فيون مڊل ڪلاس جي پهچ کان مٿي آهن، ڇاڪاڻ ته مائٽ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ چاهين ٿا. ان ڪري انهن اسڪولن جون ڳريون فيون، مهانگا ڪتاب ۽ ٻيو خرچ جيئن تيئن ڪري ڀرين ٿا، پر پوءِ به ٻارن کي معياري تعليم نٿي ملي. حالت اها آهي جو ٻولي به غلط سيکاري وڃي ٿي.
    هر ٻولي جو صحيح پڙهڻ ۽ يا اچارڻ ضروري آهي، نه ته ان جون معنائون ۽ مفهوم به مٽجي ويندو. جيئن انگريزي غلط پڙهڻ يا اچارڻ سان لفظ جي معنيٰ مٽجي وڃي ٿي، تيئن سنڌيءَ ۾ به ٿئي ٿو. ڪو اسڪول ڪنهن اهڙي استاد کان انگريزي پڙهائيندو، جيڪو انگريزي لفظن جي معنيٰ، اچار ۽ گرامر غلط ٻڌائي؟ اهڙي پڙهائي فائدي بجاءِ نقصان ڏيندي. اڳي سرڪاري اسڪول توڙي خانگي اسڪول جي چڪاس لاءِ هڪ ئي آفيسر هوندو هو پر هاڻي ته خانگي اسڪولن جي چڪاس لاءِ الڳ آفيسر مقرر ٿيل آهن، جن جي ذمي خانگي اسڪولن جي تعليم، نصاب جي معيار ۽ ڪارڪردگي چڪاسڻ آهي. . اهو پڻ جاچڻ جي ضرورت آهي ته اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي سولي ريت نٿي سيکاري ۽ پڙهائي وڃي، ان جي پويان ڪو ٻيو ڪارڻ يعني سياسي يا تعصب ته ناهي؟ ان معاملي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي به ذميواري اچي ٿي، ان اداري کي ئي ڏسڻو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڪيئن ڏني پئي وڃي؟ بظاهر ان اداري جي هن ڏس ۾ڪا به سرگرمي يا ڪارڪردگي ته پري جي ڳالھه پر ان جي ڪا اهڙي حڪمت عملي به سامهون نه آئي آهي. هن اداري جا ذميوار ماڻهو ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ان جا آفيسرگھڻا ڀيرا مختلف خانگي اسڪولن ۾ ويا آهن ۽ سنڌي نصاب کي چيڪ ڪيو آهي ته انهن اسڪولن ۾ سنڌي ڪيئن پڙهائي پئي وڃي؟
    عام طور تي سنڌي ماڻهو اردو پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ عار نٿو سمجهي ۽ نه ئي ڪو تعصب رکي ٿو. ان ڪري آسانيءَ سان اردو پڙهي۽ پڙهائي سگھي ٿو. سنڌ جي ننڍن ڳوٺن يا شهرن ۾ ’آسان اردو‘ جو مضمون سنڌي استاد به پڙهائيندا آهن، جيڪو نه رڳو صحيح بلڪ سٺو پڙهائيندا آهن. شهرن ۾ ڳريون فيون وٺڻ جي باوجود خانگي اسڪولن ۾ ٻوليءَ جي بنيادي مضمونن سنڌي يا انگريزي پڙهائڻ لاءِ الڳ سبجيڪٽ جا استاد نٿا رکيا وڃن. اهي مضمون اهي استاد پڙهائين ٿا، جيڪي ٻيا مضمون پڙهائيندا آهن. اسان کي اعتراض نه آهي ته اهي استاد ٻوليءَ جا مضمون نه پڙهائين، اعتراض ان ڳالھ تي آھي ته کڻي ’سٺو‘ نه پڙهايو ، پر جيڪي ٻه اکر پڙهايو ٿا، اهي ’صحيح‘ ته پڙهايو. جيڪڏهن سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌي استاد نٿا رکي سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ اھڙو استاد ته رکو، جنهن کي سنڌي لفظن جي معنيٰ، اچار ۽ جملن جي خبر ھجي. ڇا توھان انگريزي، بائلاجي، ڪيمسٽري وغيره اھڙي استاد کي پڙهائڻ لاءِ ڏيندا، جنهن کي ان جي خبر به نه هجي؟ ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان اھا جٺ ڇو؟ ڀُٽي صاحب جي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ سنڌي لئنگويج استاد جون پوسٽون ھونديون ھيون، جنهن تي سنڌي ڳالھائيندڙ استاد ڀرتي ڪيا ويندا ھئا. بلڪل ايئن، جيئن عربي استاد رکيا ويندا آھن. اھي پوسٽون جيڪڏھن آھن ته انھن تي ٻيھر سنڌي استاد رکڻ گهرجن. جيڪڏھن نه آھن ته اهي جايون ٻيهر پيدا ڪيون وڃن، جنهن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ استاد جو سنڌي ھجڻ لازمي قرار ڏنل هجي ۽ ان کي سنڌي پڙھائڻ ۾ مھارت حاصل ھجي، ڇاڪاڻ جو صوبي ۾ رھندڙ ماڻهن جو سنڌي سکڻ ۽ ڄاڻڻ خود صوبي جي وحدت، ٻڌي ۽ ھم آهنگي لاءِ ضروري آھي. خانگي اسڪولن ۾ ان ڳالھه کي يقيني بنايو وڃي ته ٻارن کي سنڌي صحيح نموني پڙھائي وڃي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي تعليم کاتي سان مضبوط ڳانڍاپو رکي ۽ ڏسي ته سڄي صوبي ۾ خاص ڪري خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائي به وڃي ٿي يا نه ۽ جيڪڏهن پڙهائي وڃي ٿي ته ڪيئن پڙهائي ٿي وڃي. ساڳي ريت اهو به ضروري آهي ته سرڪاري يا خانگي اسڪولن ۾ جيڪي استاد سنڌي پڙهائين ٿا، تن جي تربيت پڻ ڪئي وڃي.

    (روزاني ڪاوش جي ٿورن
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فرحان احمدقاضي

    فرحان احمدقاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 نومبر 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بالڪل ادي آئون توهان سان 100 سيڪڙو متفق آهيان۔ اسانجي ٻوليء سان بالڪل ويڌن ڪئي پئي وڃي ۔ نه رڳو اسڪولي نصاب ۾ صحيح نه ٿي پڙهائي وڃي پر اخبارن، رسالن ويندي سنڌي چينلز تي جيڪي خبرن جون پٽيون هلن ٿيون انهن جون اسپيلنگز به غلط هجن ٿيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو