آمريڪا جو حشر به سوويت يونين وارو ٿيندو؟

'مقالا' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    آمريڪا جو حشر به سوويت يونين وارو ٿيندو؟


    اڳواٽ ڏکيائين جو شڪار صدر براڪ اوباما پرڏيهي پاليسين بدران ملڪي پاليسين ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي مجبور آهي. کيس سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ پٽرياس ۽ افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪا جي فوجن جي ڪمانڊر جان ايلن سان جڙيل اسڪينڊلز به پريشان ڪري رکيو آهي ته ٻئي طرف تازو ئي وري اسرائيل طرفان فسلطين تي حملن جو سلسلو شروع ٿيڻ، شام ۾ حڪومت ۽ باغين وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ شهرين جي مارجڻ واري سلسلي ۾ وري شدت اچڻ، ايران جو جوهري هٿيار تيار ڪرڻ کي ويجهو پهچڻ ۽ چين ۾ قيادت جي تبديلي ۽ ٻين عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. براڪ اوباما انهن کي منهن ڏيندو يا وري آمريڪا اندر ايندڙ بجيٽ لاءِ پنهنجين تجويز ڪيل پاليسين جي مخالفت کي منهن ڏيندو؟ ان جو فيصلو ته کيس ڪرڻو ئي آهي، پر هن وقت وائيٽ هائوس ڏانهن 50 آمريڪي رياستن اهڙيون پٽيشنز موڪليون آهن، جن ۾ انهن رياستن آمريڪا جي وفاق کان ڌار ٿيڻ جي گهر ڪئي آهي. لوئزيانا پهرين رياست هئي، جنهن علحدگيءَ جي پٽيشن فائل ڪئي، ان بعد ٽيڪساس جي پٽيشن فائل ڪئي ويئي ۽ ان بعد هڪ سلسلو شروع ٿيو، جو الاباما، آرڪنساس، ڪولوريڊا، فلوريڊا، جارجيا، انڊيانا، ڪينٽڪي، مشيگان، مسيسپي، مسوري، مونٽانا، نيو جرسي، نيويارڪ، نارٿ ڪيرولينا، نارٿ ڊيڪوٽا، اوريگان، سائوٿ ڪيروليا۽ ٽينيسي ۽ ٻين رياستن مان به پٽشنز فائل ڪيون ويون. پٽيشن فائل ڪندڙ رياستن جو تعداد پهرين 15 ظاهر ٿيو ۽ پوءِ ان جو تعداد مختلف ويب سائٽس تي مختلف رپورٽ ٿيندو رهيو آهي، ڪن تي 15، ڪن تي 20، ڪن تي وري 34، 40 ۽ 50 پڻ رپورٽ ٿيو آهي. انهن پٽيشنز جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته، آمريڪي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو اهو سمجهي ٿو ته، سندن آواز نٿو ٻڌو وڃي ۽ گهڻي عرصي کان مخصوص مفادن وارا ٽولا ملڪ هلائڻ جو رخ متعين ڪندا رهيا آهن. الاسڪا رياست جي فائل ٿيل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته، علحدگيءَ جي حوالي سان رياست کي ’ووٽ‘ ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته رياست جي ماڻهن جي گهڻائي اهو سمجهي ٿي ته آمريڪي آئين تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، جيڪي آزاديون اسانکي ورثي ۾ مليون هيون، انهن آزادين جو تحفظ نه پيو ٿئي. اوهائيو رياست طرفان داخل ٿيل پٽيشنز مان هڪ ۾ چيو ويو آهي ته، اوهائيو رياست جي آبادي ۽ معيشت سئٽزرلينڊ کان به وڌيڪ آهي ۽ رياست آمريڪي وفاق تي ڀاڙڻ بدران آمريڪا سان دوستيءَ وارا ناتا برقرار رکندي هڪ آزاد قوم طور پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي.
    وائيٽ هائوس جي ”We the people“ ويب سائيٽ تي علحدگيءَ جي حق ۾ داخل ٿيل گهڻيون پٽيشنون انهن رياستن مان آيون آهن، جن رياستن مان گهڻي ڀاڱي ريپبلڪن اميدوار مِٽ رومني کي ووٽ مليا هئا، پر صرف ائين به ڪونهي، انهن رياستن مان به علحدگيءَ جون پٽيشنز آيون آهن، جيڪي ڊيموڪريٽس جا ڳڙهه ۽ مضبوط قلعا تصور ڪيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: نيو يارڪ ۽ اوريگان. اوباما جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ئي انهن علحدگيءَ وارين پٽيشنز جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ اوباما جي ڪاميابيءَ تي جيڪو واڌائين وارن پيغامن جو سلسلو شروع ٿيو هو، ان جو جوش خروش مري ويو آهي ۽ آمريڪا ۾ اوباما جي ڪاميابيءَ تي جيڪي ڇال ٽپا ڏنا پئي ويا، اهي هاڻي ختم ٿي ويا آهن. وائيٽ هائوس لاءِ سنجيدگيءَ ۽ ڳڻتيءَ جو مسئلو اهو آهي ته، هونئن ته ٻين رياستن جي پٽيشنز تي گهربل صحيحن جو تعداد گهٽ آهي، پر چئن رياستن فلوريڊا، جارجيا، لوئزيانا ۽ ٽيڪاس - چار اهڙيون رياستون آهن، جن جي پٽيشنز تي قانوني طور گهربل 25 هزار صحيحن واري گهرج پوري ڪئي آهي، ڇو ته اهو ضروري هوندو آهي ته جيڪا آن لائين پٽيشن فائل ٿئي ٿي، 30 ڏينهن اندر ان تي 25 هزار صحيحون ٿين ٿيون ته لاڳاپيل کاتو، ان تي غور ڪري سگهندو آهي. هتي اهو ٻڌائيندو هلجي ته، آمريڪي سول وار دوران پهريون ڀيرو علحدگيءَ واري تحريڪ ناڪام ٿي هئي. سن 1860ع ۽ 1861ع ۾، پندرنهن ڏاکڻين رياستن مان يارنهن رياستن، جتي غلامي (غلام رکڻ) قانوني قرار ڏنل هئي، اهي رياستون علحدگيءَ جو اعلان ڪندي پاڻ ۾ متحد ٿيون ۽ Confederate States Of America جوڙي ورتائون، پر اترئين رياستن کان جنگ هارائڻ کانپوءِ نيٺ 1865ع ۾ اها ڪنفيڊريشن ڊهي پئي.
    آمريڪا ۾ ريپبلڪنز (Republicans) جو خيال آهي ته سندن ملڪ جو هن ڀيري ٿيل چونڊن ۾ ٻيهر صدر بڻجي آيل شخص براڪ اوباما ڊيموڪريٽ (Democrat) کان وڌيڪ هڪ سوشلسٽ آهي! فيس بُڪ کان ويندي مختلف سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي آمريڪا جي عوام جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ڪيئن براڪ اوباما آمريڪا جي مفادن جي خلاف سياست ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ بين الاقوامي سطح تي براڪ اوباما سان اختلافِ راءِ رکڻ لاءِ وٽن ڪو خاص سبب موجود ناهي، پر اندروني طور، مطلب ته ملڪ اندر اوباما جي پاليسين جي حوالي سان ريپبلڪنز سندس ڪا به پاليسي ملڪ دوست نه ٿا سمجهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري جيڪا آمريڪي چونڊ ٿي گذري، سا آمريڪا جي تاريخ ۾ سڀ کان سخت بيان بازي واري چونڊ مهم جو پس منظر رکندڙ صدارتي چونڊ سمجهي وڃي ٿي.
    علحدگيءَ لاءِ آمريڪي رياستن جي شهرين طرفان داخل ڪيل آن لائين پٽيشنز جي حيثيت ضرور آهي، پر انهن کي رياستي پٽيشنز جي حيثيت هرگز حاصل ناهي. ايئن به ناهي ته انهن پٽيشنز جي داخل ڪرائڻ وارن اڪيلي سر ئي پٽيشنز داخل ڪرايون آهن. اهي آن لائين پٽيشنز آهن. انهن مان سڀ کان وڏي پٽيشن رياست ٽيڪساس (Texas) جي آهي، جنهن تي 28 هزار کان به وڌيڪ صحيحون موجود آهن. ان پٽيشن جي متن ۾ شامل ڪجهه ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون: ”آمريڪا معاشي ڏکيائين جي نتيجي ۾ ڀوڳنائن جو شڪار آهي، جيڪي وفاقي حڪومت طرفان ملڪي توڙي غير ملڪي خرچ تي نظرثاني نه ڪرڻ جو نتيجو آهن... جيئن ته ٽيڪساس رياست هڪ متوازن بجيٽ رکندڙ رياست آهي ۽ دنيا ۾ 15هين نمبر تي وڏي معيشت آهي، ان جو (آمريڪا جي) اتحاد (union) کان ڌار ٿيڻ ئي عملي دانشمندي آهي، ۽ ايئن ڪرڻ سان ان جي شهرين جي زندگيءَ جي معيار جو تحفظ ٿيندو...“ ياد رهي ته ٽيڪساس اڳ ڪنهن دور ۾ هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ به رهيو آهي ۽ 19هين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ئي ان آمريڪا جي يونين ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. ان پٽيشن جي حوالي سان ٽيڪساس جو گورنر اهو بيان ڏئي چڪو آهي ته هو آمريڪا جي اتحاد جي عظمت ۾ يقين رکي ٿو ۽ ان کي تبديل ڪرڻ نه چاهيندو. ٻين رياستن جي ماڻهن پاران داخل ڪرايل پٽيشنز به اهڙي ئي قسم جو متن رکن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي پٽيشنز، آمريڪي خابرو ادارن جي دعوائن موجب، وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي موجود آهن، پر تحقيق دوران پتو پيو ته انهن پٽيشنز ڏانهن وٺي ويندڙ اهي انٽرنيٽ جا ويب لنڪس جيڪي وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ مان نڪرن ٿا، خراب آهن. اهو به ٻڌائيندا هلون ته لوئزيانا ۽ ٽيڪساس سميت ٻين ڪيترين ئي رياستن مان داخل ٿيندڙ پٽيشنز هاڻي قانوني طور غور جوڳيون ٿي پيون آهن، جو انهن تي گهربل پنجويهه هزار صحيحن کان به وڌيڪ صحيحون ٿي ويون آهن. البت انهن پٽيشنز تي انهن جي داخل ٿيڻ واري تاريخ کانپوءِ 30 ڏينهن جي اندر پنجويهه هزار صحيحون شامل ٿي وڃڻ جي باوجود انهن جي حيثيت اها ئي آهي ته اهي راءِ ڏيندڙن پاران مايوسي جو اظهار سمجهيون وينديون. جيتوڻيڪ اهو ضرور آهي ته ان پيش رفت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هن وقت آمريڪا ۾ عوام جي هڪ وڏي حصي جي مايوسي انتها تائين پهچي چڪي آهي. دراصل، آمريڪي شهرين جي هڪ وڏي انگ جو خيال آهي ته انهن جو آواز اڻ ٻڌو ڪيو پيو وڃي ۽ سندن سياسي بيچيني جو هاڻي ڪو به حل ناهي. اهو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي ته انهن پٽيشنز جي جواب ۾ آمريڪي يونين يعني رياستن جي اتحاد جي قائم رهڻ جي حق ۾ به پٽيشنز داخل ٿيون آهن، جن تي پڻ وڏي انگ ۾ صحيحون ٿي رهيون آهن. توڙي جو هيستائين مجموعي طرح سمورين پٽيشنز تي ستن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن جون صحيحون موجود آهن، پر اهي آمريڪا جي مجموعي آباديءَ جي هڪ سيڪڙي جي برابر مس آهن. ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي اوباما انتظاميا ان تي ڪهڙو قدم کڻي ٿي. اصولي طور انهن پٽيشنز کي لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلبو، جتي انهن جي حوالي سان ڪا ڪارروائي ٿيندي.

    Courtesy: RT & Pittsburgh Post-Gazette

    (روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ان شاء الله هان اهو دينهن جلد ايندو
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    امريڪا جو حشر سويت يونين جهڙو جڏهن وڃي ٿئي، في الحال امريڪا اسانجو حشر 1971 وارو ڪري رهيو آهي
     
  4. سرفرازملڪاڻي

    سرفرازملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد، ڄامشورو، دادو
    ڪرپشن ۽ سنڌ جي تباهي
    سنڌ حڪومت جي 26 انتظامي کاتن، تعليمي بورڊن۽ يونيورسٽين ۾ مالي سال 12-2011 ۾ 25 ارب رپين جي مالي بدعنوانين جوانڪشاف ٿيو آهي. اهڙي آڊٽ رپورٽ گذريل ڏينهن آڊيٽر جنرل، سنڌ اسيمبلي ۾ پيشڪئي. مالي بدعنوانين ۾ صحت، تعليم، ورڪس اينڊ سروسز، زراعت، آبپاشي،پوليس، خوراڪ، مڪاني حڪومت، ثقافت، سياحت، ڪول ۽ انرجي کاتا ڄاڻايا پياوڃن. آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ بدانتظامي بدعنوانيءَ جي درجا بندي ڪندياثاثن جي ڪمزور مالڪي سبب هڪ ارب 37 ڪروڙ رپيا، ڪمزور مالي انتظام سبب 12ارب، 12 ڪروڙ رپيا، ڪمزور اندروني انتظامي ڪنٽرول سبب 10 ارب، 12 ڪروڙرپيا، ڪمزورن اندورني انتظامي ڪنٽرول سبب 10 ارب 78 ڪروڙ رپيا ۽ ٻين سببنجي ڪري 89 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ کي نقصان رسايو ويو آهي. جڏهن تهصوبائي کاتا ڪنهن به اعتراضن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي نه آهن.
    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌ حڪومت جي پنهنجي انتظامي کاتن تانگرفت ايتري ڪمزور ٿي ويئي آهي جو سنڌ حڪومت جا انتظامي اختيار رکڻ واراڪامورا ايترا مضبوط ٿي ويا آهن. جو اهي حڪومت جي رٽ کي قبول ڪرڻ بدرانپنهنجي اختيارن کي ناجائز طور استعمال ڪري عوام جي پئسي تي هٿ صاف ڪري رهياآهن ۽ ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ئي نه آهي! مالي سال 12-2011 کي گذري وئي 5مهينا ٿي ويا آهن. تنهن جي باوجود هن وقت تائين نه ڪو آفيسر معطل ٿيو آهي ۽نه انهن کي هن وقت تائين سبب ڄاڻايو نوٽيس ڏنو ويو آهي. سنڌ حڪومت ايتريوقت کان خاموش ۽ لاتعلق بنيل ڇو هئي؟ ڇا انهيءَ جو انتظار ڪيو پيو وڃي. تهاڃا به ڪو ٻاهريون ماڻهو اچي ڪامورا شاهي جي بدعنوانيءَ جو نوٽيس وٺندي ۽انهن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرائي! هاڻي جڏهن هڪ مالي سال جي ڪرپشن 25ارب رپيا آهي ته گذريل چئن سالن دوران ڪيتري ڪرپشن ڪئي وئي هوندي. اربينرپين جي ڪرپشن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين نه ڪنهن وزير استعيفيٰ ڏنيآهي ۽ نه ڪنهن سيڪريٽري يا ادارن جي سربراهن پنهنجي ڪوتاهين کي قبول ڪنديرضا ڪاراڻي طور تي پنهنجا عهدا ڇڏي ڏنا آهن. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ سنڌاسيمبلي ۾ پڌري ٿيڻ کان پوءِ به اڃا تائين نه حڪمران ڌر جي ڪن تي جونءِسُري آهي ۽ نه ڪو قانون حرڪت ۾ آيو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ جياجلاس ۾ ڪرپشن جي اهم رپورٽ اچڻ کان پوءِ محسوس ائين ٿي رهيو آهي. ڄڻ ڪجههٿيو ئي نه آهي يا ڪرپشن اسڪينڊل اچڻ به ڄڻ ڪا عام رواجي ڳالهه ٿي ويئيآهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته هن دورن جي شرافت، ديانتداري ۽ ايمانداريءَجا ٽرينڊ تبديل ٿي ويا آهن. هاڻي ڪامورا جيتري وڌيڪ بدعنواني ۽ ڪرپشن ڪريٿو ان جو احتساب ٿيڻ بدران انهيءَ کي اڃا به اهم ۽ مُک عهدا ڏنا وڃن ٿا؟ ڇاسنڌ جي عوام جي پگهر جي پورهئي کي اهڙيءَ طرح بدديانتي سان لٽيو ويندو ۽عوام جي پئسي کي صحيح استعمال ڪرڻ بدران ڪرپشن ۽ اقربا پروري جي نذر ڪيوويندو ته ڇا پوءِ عوام جو حڪومتن تي اعتماد رهندو؟ پاڪستان جي حڪومتي ادارنجي حالت اها آهي جو عالمي ادارا هاڻي پاڪستان جي سرڪاري ادارن تي اعتمادڪرڻ جي لاءِ تيار ئي نه آهن. انهيءَ ڪري عالمي ڊونر ادارا حڪومت جي ادارنکي رقمون ڏيڻ جي بجاءِ اين جي اوز کي رقمون ڏيئي سنڌ جي عوام جي ڀلي لاءِڪم رهيون آهن جيتوڻيڪ اين جي اوز جو به ڪردار ڪو بهتر نظر نه ٿو اچي. تنهنجي باوجود به حڪومتي ادارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. حڪومت جيادارن تي عالمي ادارن جي بي اعتمادي جي اظهار جي اها آخري حد نه آهي جو ٻهسال اڳ اڌ سنڌ ٻڏي وئي هئي ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيا هئا، حڪومت جي ناقصڪارڪردگيءَ جي ڪري سوين ماڻهو مري ويا هئا. عوام مصيب جي ور چڙهي ويو هو،تنهن جي باوجود به عالمي ادارن پاڪستان جي حڪومت کي ان جي ڪري مدد نه ڪئيته شايد انهن کي اها پڪ هئي ته اهي ملڪ ۽ ادارا، امداد جون جيڪي به رقمونڏيندا اهي ٻوڏ متاثرن کي ملي نه سگهنديون ۽ اهي اقربا پروري جي ور چڙهيوينديون. عالمي ادارن جي پاڪستان جي ادارن تي اهڙي بد اعتمادي ڇا ٿي ظاهرڪري! جيڪڏهن سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ٿي رهي هئي ته کاتن جا وزير ڇا ڪري رهياهئا. ڇا اهي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن هئا؟ ۽ سڀ ٺيڪ آهي چئيخاموشي اختيار ڪري ويٺا هئا. سنڌ حڪومت ۾ وزيرن صلاحڪارن ۽ اسپيشل اسسٽنٽسجي فوج ويٺل آهي. جيڪي وڏيون پگهارون ۽ اڻ ڳڻيون مراعتون حاصل ڪري رهياآهن. انهن جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟ ڇا وڏيون پگهارون ۽ مراعتون کڻڻ ئي اعليٰڪارڪردگي آهي يا وزيرن جي فوج جو ڪو ڪم به آهي؟ سرڪاري کاتا ڪرپشن جي ڪاراڻ۾ ٻڏل هئڻ جي باوجود به وزيرن کي پنهنجي کاتن ۾ ڪرپشن نظر ڇو نه آئي آهي؟سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڇا ڪر رهي هئي؟ چونڊيل اسيمبلي ميمبر خاموش ڇوهئا؟ انهن کي ٻين صوبن ۾ تر جيتري ڪوتاهي به نظر اچي ٿي پر پنهنجي صوبي ۾ٿيل ڪرپشن تي اک ڇو نه ٿي ٻڏي يا انهن سنڌ جي عوام کي سهولتون نه پهچائڻ جوقسم کنيو آهي. اليڪشن ڪميشن اسيمبلي ميمبرن جي ملڪيتن جا تفصيل چونڊيلميمبرن کي پاڻ لکي ڏيڻ بجاءِ ڪنهن اڻ ڌرئي اداري کان چونڊيل ميمبرن جيملڪيتن جا تفصيل ورتا وڃن ته پوءِ ئي خبر پئجي وڃي ها ته ڪنهن وزيرن ياچونڊيل ميمبرن جي چونڊجڻ کان اڳ ملڪيت ڪيتري هئي ۽ هاڻي ملڪيت ڪيتري آهي. اهڙيءَ طرح مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، ايم ڊيز، ڊي جيز، اٿارٽين، بورڊن جاچيئرمين، وائيس چانسلر ڪيترين ملڪيتن جا مالڪ آهن. پر پاڪستان ته اهو ملڪآهي جتي اهو رواج آهي ته تون مون کي حاجي چئو ته مان تو کي زنوار چوان يعنيهتي ڪوبه اڪيلو فرد ڪرپشن نه ٿو ڪري پر مٿان کان هيٺ تائين سڀ ڌريون ملوثآهن. اهڙي ڪرپشن بدعنواني جي انڪوائري ڪير ڪري ته معاملو اتي پهچي ٿو تهاصل ملزم جهنڊي واري وڏي گاڏي ۾ هوندو آهي. جنهن جي سار سنڀال لاءِ قانونلاڳو ڪندڙن جون چار کان پنج گاڏيون سندس رکوالي ڪن ٿيون اهڙين حالتن ۾ ڪيرملزم ۾ هٿ وجهندو؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙن جا پيرا ڪڏهن به نه کنيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح جيئن ڪراچي ۾ چونڊ قتل ڪندڙن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت محسوس نهڪئي وئي آهي. ڪار ساز سانحي ۾ ملوث ڌرين جا پيرا کڻڻ به گوارا نه ڪيا وياآهن. ايتري قدر جو محترمه بينظير ڀٽو جنهن جي شهادت جي ڪري موجوده حڪومتوجود ۾ آئي آهي انهيءَ جي قاتلن جا پيرا کڻڻ جي به ضرورت محسوس نه ڪئي ويئيته 25 ارب ته عوام جو ناڻو آهي انهيءَ بابت هاءِ گهوڙا ڪير ڪندو؟ ڇو تهعوام کي ته بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ اهڙو ڦاسايو ويو آهي جو اهوپنهنجن مسئلن ۾ ئي پورو آهي ته اهو عوام جي وسيح نقصان جي مالڪي ڪيئن ڪري ۽ڪهڙيءَ طرح ڪيس لڙي؟ انهيءَ جو فائدو ڪامورا شاهي ورتو آهي! عوام جا حقڦٻائيندڙ ڌرين جو اهو به فارمولو آهي ته عوام جي حالت اهڙي بنايو جو اهوڊگهڙي ته سگهي پر هٿ کڻي نه سگهي. بک ۽ بدحالي عوام کان تحريڪون هلائڻ ۽پنهنجا حق وٺڻ واري سگهه کسي ورتي آهي. جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ ائين هر گز نهآهي. اتي عوام جي آواز ۾ اثر آهي انهن جي تحريڪن ۾ سگهه آهي جنهن جي ڪرياتي قانون ۽ انصاف جو پوئواري ٿئي ٿي. جتي سفارش ۽ اقربا پروري ڏوهه آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ سفارش ۽ اقربا پروري کي حق سمجهيو وڃي ٿو ته ڇا هي رياستهڪ فلاحي رياست بنجي سگهي ٿي. آخر حڪومت ڪيترو وقت خاموش رهندي! ڇا حڪمرانڌر اهو سمجهي ٿي ته هن ملڪ جو عوام جيڪو صدين کان خاموش رهندو آيو آهي ۽هاڻي به زهر جو ڍڪ ڀري خاموش ويهي رهندو؟ ڊڄڻ گهرجي انهيءَ ڏينهن کان جڏهنهن ملڪ جو عوام جاڳي صدين کان ڦٻايل پنهنجا حق گهرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پويقومون جڏهن هڪ وڏي ننڊ کان پوءِ جاڳي پونديون آهن ته پوءِ ڪير به انهن جيغضب کان بچي نه سگهندو آهي. قوم جي سجاڳ ٿيڻ ۽ انهن جي غضب کان اڳ حڪومت بهپنهنجي خاموشي ٽوڙي سنڌ ۾ ڪرپشن جي وهندڙ ناؤ کي روڪي!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو