شهزاد احمد انصاري
سينيئر رڪن
چين: نئين قيادت جو سامهون اچڻ
(عوامي آواز فورم )
چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بيجنگ ۾ ڪوٺايل ڪانگريس نائب صدر شي جن پنگ کي ملڪ جي نئين صدر جي حيثيت ۾ چونڊي ڇڏيو آهي. شي جن پنگ پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جي قيادت ڪندي اسٽيج تي ظاهر ٿيو جنهن جو مطلب هو ته کيس چونڊيو ويو آهي.
شي جن پنگ صدر هو جنتائو جي جڳهه وٺندو جنهن جي دؤر ۾ چين غير معمولي ترقي ڪئي ۽ ان کي لبرل يا پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي وڌ کان وڌ موقعا ڏيڻ جو دؤر چيو وڃي ٿو. ان سان گڏ ئي شي جن پنگ مرڪزي فوجي ڪميشن جو سربراهه به هوندو جنهن جي سربراهي کيس صدر هو جنتائو کان اقتدار سان گڏ ئي منتقل ٿيندي. ياد رهي ته صدر هو جنتائو کان اڳ صدر جيانگ زيمن مرڪزي فوجي ڪميشن جي سربراهي ٻه سال پوءِ تائين پاڻ وٽ رکي هئي.
اهو عمل حڪومت جي هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيڻ کي ظاهر ڪري ٿو. نئين صدر جي چونڊ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 9 کان گهٽ ڪري ست ڪيو ويو آهي. انهن ستن ميمبرن جا نالا آهن شي جن پنگ، لي ڪچائو، يينگ ڊييانگ، يو يينگ شينگ، لئيو يون شان، وينگ چي شان ۽ زينگ گاؤلي.
نئين چونڊيل صدر شي جن پنگ پريس جي نمائندن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ ان ۾ چيو ته اسان مضبوطي سان دنيا جي قومن ۾ رهنداسين ۽ انسانيت لاءِ جديد ۽ عظيم خدمتون پيش ڪنداسين.
هن چيو ته مٿس عظيم ذميواري رکي وئي آهي ۽ چيو ته ”مان دل جي سچائي سان پارٽيءَ جي سمورن ميمبرن جو ٿورو مڃان ٿو، سندن اعتماد سبب جيڪو هنن مون تي ڪيو آهي.“
هن چين بابت چيو ته هيءَ هڪ اهڙي سرزمين آهي جيڪا خوبصورت آهي جتي سڀ گروهه امن سان رهن ٿا. هن چيو ته سندس مشن متحد ٿيڻ ۽ ملي ڪري پارٽي ۽ ملڪ جي قيادت ڪرڻ آهي ۽ چين کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته ماڻهن جي بهتر زندگيءَ جي خواهش آهي ۽ اهو ئي اسان جو مقصد آهي ته اسان اهو ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪريون.
هن ملڪ کي درپيش مسئلن جي ڳالهه به ڪئي جن ۾ هن رشوت ۽ پنهنجا نوازيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته ڪميونسٽ پارٽي جا ڪجهه عهديدار به ان ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته رشوت واري مسئلي جو حل ضروري آهي ۽ پارٽي ۾ بهتر نظر ضبط جي ضرورت آهي ۽ چين کي دنيا جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.
شي جن پنگ کان پوءِ اسٽيج تي لي ڪيانگ نمودار ٿيو جيڪو وزيراعظم وين جيابائو جي جڳهه وٺندو. 1920ع جي دؤر ۾ شي جن پنگ هڪ غار ۾ رهندو رهيو جڏهن ته ملڪ ۾ انقلاب آيو. هن هڪ عام مزدور جي سطح کان شروعات ڪري ملڪ جو اعليٰ ترين عهدو ماڻيو.
چون ٿا ته رشوت هجي يا سي پي کي بحرانن کان بچائڻ، شي جن پنگ لاءِ تمام وڏي چئلينج آهي پر ان ۾ به سڀ کان وڏو مسئلو معيشت جو آهي ۽ وري معيشت جي اندر عوام جي خراب حالت کي سڌارڻ.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)