محبت عطاعت جي متقاضي آهي اها محبت ئي ناهي جنهن ۾ عطاعت نه هجي ۔انسان پنهنجي غريبان ۾ ڏسي ته هو ڪنهن سان محبت ٿو ڪري ان لاء نه ڪنهن مفتي جي ضرورت آحي نه ڪنهن قاضي جي ۔ ان معاملي جي فتوى ۾ هر ڪو قاضي آهي ۔ انسانن جي اڪثريت جي محبت جو مرڪز دنيا آهي يا دنيا جو خالقِ۔ اها به حقيقت آهي ته دنيا سان محبت ڪرڻ وارا به دنيا جي خالق سان محبت ڪرڻ جا داعي آهن۔ دراصل اها ڳالھ سمجهڻ جهڙي آهي ته محبت عطاعت ڇو ڪرائيندي آهي ۔ ڪنهن سان محبت ڇو ڪئي ويندي آهي ۔ الله سان محبت جو ڪارڻ ڇا آهي ، دنيا سان محبت جي وجه ڇا آهي ۔ اسان دنيا ۽ الله يا آخرت جي ڀنور جا راهي پڻ آهيون ۔ ان کان وڏي حقيقت اها آهي ته دنيا و آخرت ٻنهي جو محور انسان آهي، انسان ان مان هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ طرف جو راهي آهي ۔ انسان هڪ ئي وقت ٻنهي سوارين جو سوار نه ٿو ٿي سگهي۔ جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي تهاس دور ڪي لوگ تو هو گئي ساٿي يزيد ڪي اور نام ڀي بڙي ادب سي ليتي هين حسين ڪايا ڪنهن ڇا خوب مثال ڏني آهي اسان جي دنيا سان محبت جي نظر سوئي دنيا قدم سُوئي مرقد ڪدهر جا رها هي ڪدهر ديک رها هيوري دنيا سان محبت ڇو ڪندا آهيون ۽ الله سان محبت جا داعي ڇو آهيون ۔؟ اها هڪ حقيقت آهي ته انسان جو گذارو نه دنيا کان سواءِ آهي نه ئي الله کان سواءِ آهي ۔ اها به حقيقت آهي ته جيئن انسان الله ۽ دنيا ٻنهي جو طالب آهي ته وري پنهنجي جاءِ تي ٻنهي جو مطلوب به آهي ۔هن موضوع تي دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ ڏين ۔ انهن ٻنهي شين جو نفسِ انسان سان گهرو تعلق آهي ڪوشش اها ڪجو ته موضوع کان اڳتي پوئتي نه وڃجي۔ وسلام
الله پاڪ هر شئي تي قدرت رکندڙ آهي پر ان جي با وجود به هر شئي جو سبب پيدا ڪري پنهجي تخليق ڪندو آهي اگر ڪنهن کي انعام عطا ڪرڻو هوندو اٿس ته به سبب پيدا ڪندو آهي اگر ڪنهن کي سزا ڏيڻي هوندي اٿس ته به سبب پيدا ڪندو آهي،ان سبب پيدا ڪرڻ ۾ به پسند جي آزادي ڏيندو آهي يعني هڪ قسم جي آزمائش مان گزاريندو آهي جنهن ۾ پنهجي پسند جي شموليت جو اختيار ڏيندو آهي ته جيئن کلي طرح پنهجو اظهار ڪري سگهي ۽ پوء ئي سزا جزا جو حقدار ٿيو بنايو ڇڏي، جيئن ته الله پاڪ ڪنهن به شئي جو ارادو ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ٿيءُ ته ٿي پوندو آهي پر ان جي هوندي به پنهجي ملائڪن کي فرمايائين ته مان زمين تي پنهجو نائب بنائڻ ٿو چاهيان، ملائڪ جيڪي هن جي حڪم کان سواء ٻيو ڪو به ڪم نه ڪندا آهن انهن جي اندر هڪ سوال جي گنجائش پيدا ڪيائين ،۽ هنن پنهجي اصل ڪم کان هٽي ڪري سوچڻ لڳا ۽ چيائون ته مالڪ تنهجي عبادت لاء اسين آهيون جيڪي رات ۽ ڏينهن تنهجي ذڪر و ثنا ۾ مشغول آهيون تون ڇو ٿو نائب بڻا۔ين؟ مالڪ چيو جيڪو مان ٿو ڄاڻان سو اوهين نه ٿا ڄاڻو، ملائڪن چيو مالڪ ! ڇا مان ٺهندو مالڪ فرمايو مٽي ۽ پاڻي مان ملائڪن مٽي ۽ پاڻي گڏ ڪئي،پر هاڻي ڪيئن ٺاهن ۽ ڇا ٺاهن،هنن پئي مٽيء کي ڳوهيو آخر پڇيائون مالڪ ڪيئن ٺهندو ۽ ڇا ٺهندو مالڪ انهن کي ڏيکاريو ته هيئن ٺهندو ، (ان تي ئي ڪنهن درويش چيو آهي ته ”اسين آدم ڪون اڳي هياسين آدم ساڊا ڄايا، انت بحر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا) هنن بلڪل ائين ئي ٺاهيو جيئن ڏٺو پر ان کي ڏسي انهن جي اندر وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ اهي وڌندا رهيا جڏهن ڪجه وقت گزريو ۽ انهن جا وسوسا انهن جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ لڳا جيڪو الله پاڪ انهن کي سونپيو هو تڏهن الله پاڪ هڪ نئون اعلان ڪيو مان هن ۾ ڪا شئي داخل ڪرڻ وارو آهيان توهان سڀ سجدو ڪيو عجيب حڪم هو پر مڃڻو هو سڀني سجدي ۾ ڪنڌ جهڪايو مگر ڪنهن کي اهيو به خيال آيو ته اها ڪهڙِي شئي آهي جيڪا ان ۾ داخل ٿيندي ڇو نه مان ڏسان! ۽ ان خيال تحت جڏهن هن ڏٺو ته ڏسڻ شرط دانهون شروع ڪيون ۽ اندوهناڪ دانهون ڪرڻ لڳو جنهن تي سڀ ملائڪ سجدي مان اٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته ڇو ٿو دانهون ڪرين ، ان چيو مون نافرماني ڪئي سجدي مان ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺم ۽ چيم ته ڏسان الله پاڪ ان ۾ ڇاٿو داخل ڪري ،اها اهڙي ته تيز روشني هئي جو منهنجون اکيون سڙي ويون آهن منهجي اکين ۾ درد آهي ۽ ان جي اندر جو ڪينو سڀن جي اڳيان ظاهر ٿي پيو جنهن ۾ هو عطا ٿيل مراعطون کسرائي ويٺوجيڪو عزازيل مان ابليس ٿي ويو آدم کي ٺهندي ڪجه ئي گهڙيو گزريون ته ملائڪن کي فرمايائين ٻڌايو هنن شين جا نالا، ملائڪن چيو مالڪ اسان کي ايتري خبر ئي هوندي آهي جيتري تون ڏسيندو آهين وڌيڪ اسان ڪجه به نه ڄاڻندا آهيون پوء حڪم ڪيائين آدم کي ،اي آدم ٻڌاء نالا ۽ آدم ڳڻي ٻڌايا، جنهنتي سڀ تابع ٿيا آدم جي جيڪو نائب جي صورت ۾ بنايو ويو هو۔ ۽ حڪم ٿيو آدم کي ته هن جنت ۾ گهم ڦر ۽ کاء پيءُ اڪيلو آدم ٻي ڪابه هن جهڙي مخلوق ڪو نه هن کي به خبر ڪو نه ته مان ڇا آهيان ،اوچتو پاڻي ۾ پنهجي صورت ڏٺائين ۽ ڏسڻ سان موهجي پيو محبت جي ابتدا الله پاڪ جي ان بنايل صورت کي ڏسي آدم ۾ هڪ ڪشش پيدا ٿي هاڻي آدم پنهجي صورت کي پيو ڏسي هر وقت هر گهڙي آخر هن کي خيال آيو ته ان کي هٿ ۾ کڻان جڏهن هن جو هٿ پاڻي کي لڳو ته هن ۾ ٺهيل عڪس مٽجي ويو ۽ پاڻي جي لڏڻ ڪري عڪس ڀيانڪ ٿي ويو جنهن کان آدم ڊڄي ويو ۽ خوف جي علامت ان ۾ پيدا ٿي ان حالت ۾ ڪيڏي مهل پاڻي جي تلاء ۾ عڪس ڏسي وري حاصلات جي ڪوشش ۾ ان کي پڪڙڻ جي ڪو شش ڪري ته صورت بگڙي وڃي ان حالت ۾ پريشان ٿي ويو ۽ الله پاڪ هن جي ان حالت کي ڏسي آدم جڏهن ننڊ مان اٿيو ته هن کي پاڻي جي عڪس ۾ نظر ايندڙ صورت جهڙي صورت پنهجي ويجهو نظر آئي جيڪا هن کي اڳ۾ ئي وڻي چڪي هئي پر پڪڙڻ لاء ٿيندڙ ڪوشش وقت بگڙيل صورت جي خوف کان ڊڄڻ به لڳو پر جيڏي مهل ان صورت آدم کي ڏٺو ان وقت ان کي به اها صورت تمام گهڻي وڻي ۽ جڏهن آدم ان کي ڇهيو ۽ ڏٺائين ته صورت منهجي هٿ ۾ آهي ۽ ان جي صورت اها ئي آهي ۽ بگڙي ڪانهي ته تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ خوشي جي علامت ظاهر ٿي، هاڻي آدم پنهجي صورت سان گڏ گڏ تمام خوش مگر الله پاڪ هنن جي آزمائش رکي ۽ فرمايائين اي آدم تون ۽ تنهجي زال گهمو ڦرو مگر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته گنهگارن مان ٿيندي آدم تابعدار پنهجي مالڪ جو هر حڪم جو مڃڻ وارو، ابليس کي خبر پئي محبت جي آخر هڪ ڏينهن حوا کي آدم کان الڳ ڏِسي ان کي چيائين ته خبر اٿو توهان کي الله هن وڻ کان ڇو جهليو آهي ،!! ان ڪري جو اگر توهان اهيو کائيندو ته توهان هميشه گڏ رهندو جي نه ته ٿوري وقت کان پوء توهان کي الڳ ڪري ڇڏيندو، ان جدائي جي خيال کان هن دير ئي نه ڪئي وڃي وڻ کي کائڻ لڳي ۽ تڪڙي پٽَي آدم ڏانهن ڊڪ ڀريائين آدم وٽ پهتي آدم ڏسي ڇرڪجي ويو ته الله پاڪ جي منع ڪيل حڪم عدولي ٿي ويئي هاڻي ٿا ٿيندو جڏهن حوا کي کائيندي ڏٺائين ته سمجهي ويو ته هاڻي حوا هتان نڪري ويندي ۽ ما اڪيلو اهيو خيال ايندي ئي هن به ان وڻ جي ڦل ۾ هٿ وڌو خدائي آواز آيو اي آدم تو کي منع ڪيو آهي ته ان کي نه کاء مگر آدم کي جدائي جو خوف آخر محبت کي، ان آدم جي صورت کي، آدم اوليت ڏني ،ان سان ساٿ نڀائڻ جو سوچي اهي داڻا کائڻ لڳو وري آواز آيو مگر دير ٿي چڪي هئي ان داڻن جي کائڻ سان اها شئي ظاهر ٿي جيڪا هنن جي گمان ۾ به ڪو نه هئي جنهن جي ڪارڻ الله پاڪ هنن کي جنت مان ته ڪڍي ڇڏيو پر هڪ ٻئي کان به جدا ڪري ڇڏيو هاڻي مجبوري ٿي پئي الله پاڪ جي تابعداري ڪرڻ ڇو ته هر حڪمت ۽ وس وارو اهو آهي جيڪو ويجهو يا پري ڪرڻ جي قوت رکي ٿو محبت آدم جي صورت سان جيڪا هر تعبيداري ڪرائڻ جو سبب بني ۽ آدم الله پاڪ کي ٻاڏائيندو رهيو ۽ جڏهن پنهجي پوري وجود ۾ الله پاڪ جي حڪمت کي آدم محسوس ڪيو ته الله پاڪ رحم ڪيو آدم جي مٿان ۽ انهن کي ملايائين جنهن کان پوء الله جي تعبيداري ۽ ان صورت جي تعبيداري ٿيندي رهي (وڌيڪ ربُ بهتر ٿو ڄاڻي )
ادا ڏاڏل الله سان محبت ڪرڻ وارن جون ڳالهيون ته هرڪو ڪندو آهي پر الله سان محبت ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي، اسان جي ملڪ جي مشهور اردي لکاري اشفاق احمد هڪ دفه ڳالهه ڪئي هئي ته هڪ دفعه مان ٿر ويس ۽ اتي مون هڪ هاري کان سوال ڪيو ته مسلمان ۽ مومن ۾ ڪهڙو فرق آهي ته ان تمام سٺو جواب ڏنو ته مسلمان اهو جيڪو الله کي مڃي پر مومن اهو آهي جيڪو الله جي مڃي، ( جڏهن ته مومن جي تشريح ڪجهه ماڻهن وٽ ڪجهه الڳ آهي، جيڪا مومن الفاظ جي توهين آهي ) سو ادا الله سان محبت ڪندڙ اهوئي شخص آهي جيڪو الله جي ڏنل احڪامن کي پورو ڪري ٿو،۽ منهنجي خيال ۾ الله سان محبت ڪندڙ ۽ حقيقي الله واري شخص ۾ هي خوبيون هونديون آهن۔،۔۔۔۔ توڪل، رضا، خوف، مجاهدو، قناعت، فقر، زهد، تقوا، وغيره، ۽ اهي خوبيون تمام گهٽ ماڻهن ۾ آهن، ۽ جيڪي الله واري سڏائڻ لاء (الله سان محبت ڪندڙ ظاهر ڪرڻ وارا ) پنهنجا دڪان کولي ڪري عوام کي لٽي رهيا آهن انهن ۾ اهي خوبيون ته نظر ئي ناهن اينديون، اهي ته صرف پيئسو ڦرڻ ۽ ماڻهن کي ذهني طور قيد ڪرڻ لاء ويٺا آهن،اهڙي ريت الله سان محبت ڪندڙڻ جي دعوا ڪرڻ وارا ته تمام گهڻا پر حقيقي الله سان محبت ڪندڙ نظر ئي نه ايندا، اهي پاڻ پيا لڪائيندا آهن۔ادا ڏاڏل الله وارن جي لاء سوره عمران جي آيت 191 ۾ هي الفاظ چيل آهن ته ترجمو۔۔۔۔۔۔۔جو اٿندي ويهندي سمهندي هر حال ۾ خدا کي يادڪن ٿا، ۽ آسمان ۽ زمين جي جوڙ جڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪن ٿا، پروردگار هي سڀ ڪجهه تو فضول ۽ بي مقصد نه بڻايو آهي، تون پاڪ آهين اجائي ڪم ڪرڻ کان پوء اي رب اسان کي دوزخ کان بچاءُ۔۔۔۔۔۔ ادا ڏاڏل الله جي ياد صرف اهيا نه آهي ته صرف زبان سان ياد ڪجي بلڪ، اصل ياد ته اهيا آهي ته هر وقت ڪو به ڪم ڪرڻ وقت الله جو حڪم اڳيان رکي ڪري عمل ڪجي، سنڌ جي سوفي شاعر سامي فقير صاحب جو هڪ شعر آهي ته مک سان رام چئي سانت نه اچي جيءُ کي، ان پاڻي جي نانء سان بک نه اجهي ڪا۔۔۔۔۔۔۔ ( مک جي معني آهي زبان )
ادا ممتاز صاحب ڏاڏل جو سوال ڇا آهي ۽ اوهان جواب ڇا پيا ڏيو براءِ مهرباني ڪري موضُع تي لکو ته عنايت ٿيندي جي جواب اچي ٿو نه ته خاموشي بهتر آهي ۔
ڀاءُ توهان جو ڇا مطلب آهي، شايد منهنجو جواب توهان جي سمجهه کان مٿي آهي ۽ توهان جي سمجهه ۾ ناهي آهيو، سو برائي مهرباني توهان خاموش رهو ته بهتر آهي باقي توهان پنهنجو تعليمي ۽ سوانح تعارف ڪرائيندا ته مهرباني ٿيندي ۽ ۔ڏاڏل جي تحرير ۾ڳالهه ٿي هلي محبت جي ۽ اها به دنيا سان يا مالڪ حقيقي سان سو ان حساب سان مون جواب ڏنو آهي، اگر توهان کي ڪنهن ڳالهه تي عتراض آهي ته اها ڳالهه هاء لائيٽ ڪري ان تي ڳالهائي سگهو ٿا۔باقي توهان جي من ۾ ڇا آهي ۽ توهان اهيو عتراض ڇو ڪيو آهي اهو ته توهان ٿا ڄاڻو۽ ٻيو منهنجو رب ٿو ڄاڻي، خبر ناهي توهان منهنجي جواب مان خفاء ڇو ٿيا آهيو، رهي ڳالهه خاموش رهڻ جي ته توهان ڪير ٿيندا آهيو خاموش ڪرائڻ وارا، توهان سنڌ سلامت جا ميمبر آهيو نه ڪي سنڌ سلامت جا اختيار رکندڙ اختياري۔ توهان کي اهيو حق ڪنهن ڏنو آهي توهان اهيو ٻڌائي سگهو ٿا، ڀاء توهان کي مان اهيو به ٻڌائيندو هلان ته هي اوپن فورم آهي (کليل اوطاق واري ڪچهري ) ۽ هرڪو لکي سگهي ٿو۔ توهان شايد نوان آهيو ۽ توهان کي هن فورم جي گهڻي ڄاڻ ڪانهي، مان اهيا ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته هت ته هن فورم تي هر ڪو اخلاق جي دائري اندر ڳالهائي سگهي ٿو، ۽ لکي سگهي ٿو ۽ پنهنجو خيال پيش ڪري سگهي ٿو، باقي سنڌ سلامت جي هر لکندڙ ميمبر جي ڪنهن ڳالهه سان ڪو اتفاق ڪري يا نه ڪري اهو ان کي حق آهي، ۽ اهو توهان کي به حق حاصل آهي، توهان به ڪنهن ڳالهه، راء، خيال سان اتفاق ڪريو يا نه ڪريو۔۽ ان لاء ڪا به پابندي ڪانهي، توهان ڏاڏل جي لکيل موضون تي هڪ ٻئي ميمبر جي به تبصري يا اظهار ڪرڻ واري کي ته پنهنجو مشورو ناهي ڏنوته اهو خاموش رهي اهو مان پڇي سگهان ٿو، ته ڇو۔؟ اهيو ڊبل معيار ڇو، اهيو ته کليل تضاد آهي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ نا انصافي چئجي ته ان ۾ وڌاء نه ٿيندو، آخر ۾ توهان کي هڪ ڀاءُ وارو مشورو ڏيندس ته پهرين ڳالهه کي سمجهو پوء ان تي ڀلي ڳالهايو، ۽ ڳالهائڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي، هي فورم سنڌ سلامت توهان جو پنهنجو فورم آهي، ۽ دعا آهي ته توهان هن فورم تان گهڻو ڪجهه سکي سگهو۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جو دعاگو
ادا اسان ته موضوع ڇڏيو آهي جنهن کي جا ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي سا ڳالھ ڪري ٿو اوهان جي ڳالھ شايد دا فياض کي سمجھ ۾ ناهي آئي يا اوهان موضوع کان گهٽي ڪري ڳالھ ڪئي آهي ۔ يا جا ڳالھ سائين عيتق الرحمان کي به اسان پنهنجي حساب سان جواب ڏنو آهي ۔ واقعي اسان سمجهيو هو ته ان موضوع جي مگز تي ڳالھ ٿيندي پر ان موضوع تي شايد ائين ڳالھ ناهي ٿي سگهي ۔ باقي آءو اهو چوندو رهيو آهيان ۽ چوندو رهندس لهجي ڪا ڪرشما هي ڪه آوز ڪا جادو وه بات ڀي ڪھ جائين اور ميرا دل ڀي دکي نه۔ ادا فياض طرفان آءو اوهان کان معزرت ٿو ڪريان ۔ وسلام