محبت عطاعت جي متقاضي آهي اها محبت ئي ناهي جنهن ۾ عطاعت نه هجي ۔انسان پنهنجي غريبان ۾ ڏسي ته هو ڪنهن سان محبت ٿو ڪري ان لاء نه ڪنهن مفتي جي ضرورت آحي نه ڪنهن قاضي جي ۔ ان معاملي جي فتوى ۾ هر ڪو قاضي آهي ۔ انسانن جي اڪثريت جي محبت جو مرڪز دنيا آهي يا دنيا جو خالقِ۔ اها به حقيقت آهي ته دنيا سان محبت ڪرڻ وارا به دنيا جي خالق سان محبت ڪرڻ جا داعي آهن۔
دراصل اها ڳالھ سمجهڻ جهڙي آهي ته محبت عطاعت ڇو ڪرائيندي آهي ۔ ڪنهن سان محبت ڇو ڪئي ويندي آهي ۔ الله سان محبت جو ڪارڻ ڇا آهي ، دنيا سان محبت جي وجه ڇا آهي ۔ اسان دنيا ۽ الله يا آخرت جي ڀنور جا راهي پڻ آهيون ۔ ان کان وڏي حقيقت اها آهي ته دنيا و آخرت ٻنهي جو محور انسان آهي، انسان ان مان هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ طرف جو راهي آهي ۔ انسان هڪ ئي وقت ٻنهي سوارين جو سوار نه ٿو ٿي سگهي۔
جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته
اس دور ڪي لوگ تو هو گئي ساٿي يزيد ڪي
اور نام ڀي بڙي ادب سي ليتي هين حسين ڪا
يا ڪنهن ڇا خوب مثال ڏني آهي اسان جي دنيا سان محبت جي
نظر سوئي دنيا قدم سُوئي مرقد
ڪدهر جا رها هي ڪدهر ديک رها هي
وري دنيا سان محبت ڇو ڪندا آهيون ۽ الله سان محبت جا داعي ڇو آهيون ۔؟
اها هڪ حقيقت آهي ته انسان جو گذارو نه دنيا کان سواءِ آهي نه ئي الله کان سواءِ آهي ۔ اها به حقيقت آهي ته جيئن انسان الله ۽ دنيا ٻنهي جو طالب آهي ته وري پنهنجي جاءِ تي ٻنهي جو مطلوب به آهي ۔
هن موضوع تي دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ ڏين ۔
انهن ٻنهي شين جو نفسِ انسان سان گهرو تعلق آهي ڪوشش اها ڪجو ته موضوع کان اڳتي پوئتي نه وڃجي۔
وسلام
الله پاڪ هر شئي تي قدرت رکندڙ آهي پر ان جي با وجود به هر شئي جو سبب پيدا ڪري پنهجي تخليق ڪندو آهي اگر ڪنهن کي انعام عطا ڪرڻو هوندو اٿس ته به سبب پيدا ڪندو آهي اگر ڪنهن کي سزا ڏيڻي هوندي اٿس ته به سبب پيدا ڪندو آهي،ان سبب پيدا ڪرڻ ۾ به پسند جي آزادي ڏيندو آهي يعني هڪ قسم جي آزمائش مان گزاريندو آهي جنهن ۾ پنهجي پسند جي شموليت جو اختيار ڏيندو آهي ته جيئن کلي طرح پنهجو اظهار ڪري سگهي ۽ پوء ئي سزا جزا جو حقدار ٿيو بنايو ڇڏي،
جيئن ته الله پاڪ ڪنهن به شئي جو ارادو ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ٿيءُ ته ٿي پوندو آهي پر ان جي هوندي به پنهجي ملائڪن کي فرمايائين ته مان زمين تي پنهجو نائب بنائڻ ٿو چاهيان،
ملائڪ جيڪي هن جي حڪم کان سواء ٻيو ڪو به ڪم نه ڪندا آهن انهن جي اندر هڪ سوال جي گنجائش پيدا ڪيائين ،۽ هنن پنهجي اصل ڪم کان هٽي ڪري سوچڻ لڳا ۽ چيائون ته مالڪ تنهجي عبادت لاء اسين آهيون جيڪي رات ۽ ڏينهن تنهجي ذڪر و ثنا ۾ مشغول آهيون تون ڇو ٿو نائب بڻا۔ين؟
مالڪ چيو جيڪو مان ٿو ڄاڻان سو اوهين نه ٿا ڄاڻو،
ملائڪن چيو مالڪ ! ڇا مان ٺهندو
مالڪ فرمايو مٽي ۽ پاڻي مان
ملائڪن مٽي ۽ پاڻي گڏ ڪئي،پر هاڻي ڪيئن ٺاهن ۽ ڇا ٺاهن،هنن پئي مٽيء کي ڳوهيو
آخر پڇيائون مالڪ ڪيئن ٺهندو ۽ ڇا ٺهندو
مالڪ انهن کي ڏيکاريو ته هيئن ٺهندو ،
(ان تي ئي ڪنهن درويش چيو آهي ته ”اسين آدم ڪون اڳي هياسين آدم ساڊا ڄايا، انت بحر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا)
هنن بلڪل ائين ئي ٺاهيو جيئن ڏٺو
پر ان کي ڏسي انهن جي اندر وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ اهي وڌندا رهيا جڏهن ڪجه وقت گزريو ۽ انهن جا وسوسا انهن جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ لڳا جيڪو الله پاڪ انهن کي سونپيو هو تڏهن الله پاڪ هڪ نئون اعلان ڪيو
مان هن ۾ ڪا شئي داخل ڪرڻ وارو آهيان توهان سڀ سجدو ڪيو
عجيب حڪم هو پر مڃڻو هو
سڀني سجدي ۾ ڪنڌ جهڪايو مگر ڪنهن کي اهيو به خيال آيو ته اها ڪهڙِي شئي آهي جيڪا ان ۾ داخل ٿيندي ڇو نه مان ڏسان!
۽ ان خيال تحت جڏهن هن ڏٺو ته ڏسڻ شرط دانهون شروع ڪيون ۽ اندوهناڪ دانهون ڪرڻ لڳو جنهن تي سڀ ملائڪ سجدي مان اٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته ڇو ٿو دانهون ڪرين ،
ان چيو مون نافرماني ڪئي سجدي مان ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺم ۽ چيم ته ڏسان الله پاڪ ان ۾ ڇاٿو داخل ڪري ،اها اهڙي ته تيز روشني هئي جو منهنجون اکيون سڙي ويون آهن منهجي اکين ۾ درد آهي ۽ ان جي اندر جو ڪينو سڀن جي اڳيان ظاهر ٿي پيو جنهن ۾ هو عطا ٿيل مراعطون کسرائي ويٺوجيڪو عزازيل مان ابليس ٿي ويو
آدم کي ٺهندي ڪجه ئي گهڙيو گزريون ته ملائڪن کي فرمايائين ٻڌايو هنن شين جا نالا،
ملائڪن چيو مالڪ اسان کي ايتري خبر ئي هوندي آهي جيتري تون ڏسيندو آهين وڌيڪ اسان ڪجه به نه ڄاڻندا آهيون
پوء حڪم ڪيائين آدم کي ،اي آدم ٻڌاء نالا ۽ آدم ڳڻي ٻڌايا،
جنهنتي سڀ تابع ٿيا آدم جي جيڪو نائب جي صورت ۾ بنايو ويو هو۔
۽ حڪم ٿيو آدم کي ته هن جنت ۾ گهم ڦر ۽ کاء پيءُ
اڪيلو آدم
ٻي ڪابه هن جهڙي مخلوق ڪو نه هن کي به خبر ڪو نه ته مان ڇا آهيان ،اوچتو پاڻي ۾ پنهجي صورت ڏٺائين ۽ ڏسڻ سان موهجي پيو
محبت جي ابتدا
الله پاڪ جي ان بنايل صورت کي ڏسي آدم ۾ هڪ ڪشش پيدا ٿي هاڻي آدم پنهجي صورت کي پيو ڏسي هر وقت هر گهڙي
آخر هن کي خيال آيو ته ان کي هٿ ۾ کڻان جڏهن هن جو هٿ پاڻي کي لڳو ته هن ۾ ٺهيل عڪس مٽجي ويو ۽ پاڻي جي لڏڻ ڪري عڪس ڀيانڪ ٿي ويو جنهن کان آدم ڊڄي ويو ۽ خوف جي علامت ان ۾ پيدا ٿي
ان حالت ۾ ڪيڏي مهل پاڻي جي تلاء ۾ عڪس ڏسي وري حاصلات جي ڪوشش ۾ ان کي پڪڙڻ جي ڪو شش ڪري ته صورت بگڙي وڃي ان حالت ۾ پريشان ٿي ويو
۽ الله پاڪ هن جي ان حالت کي ڏسي آدم جڏهن ننڊ مان اٿيو ته هن کي پاڻي جي عڪس ۾ نظر ايندڙ صورت جهڙي صورت پنهجي ويجهو نظر آئي جيڪا هن کي اڳ۾ ئي وڻي چڪي هئي پر پڪڙڻ لاء ٿيندڙ ڪوشش وقت بگڙيل صورت جي خوف کان ڊڄڻ به لڳو پر جيڏي مهل ان صورت آدم کي ڏٺو ان وقت ان کي به اها صورت تمام گهڻي وڻي ۽ جڏهن آدم ان کي ڇهيو ۽ ڏٺائين ته صورت منهجي هٿ ۾ آهي ۽ ان جي صورت اها ئي آهي ۽ بگڙي ڪانهي ته تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ خوشي جي علامت ظاهر ٿي،
هاڻي آدم پنهجي صورت سان گڏ گڏ تمام خوش
مگر الله پاڪ هنن جي آزمائش رکي
۽ فرمايائين اي آدم تون ۽ تنهجي زال گهمو ڦرو مگر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته گنهگارن مان ٿيندي
آدم تابعدار پنهجي مالڪ جو هر حڪم جو مڃڻ وارو،
ابليس کي خبر پئي محبت جي
آخر هڪ ڏينهن حوا کي آدم کان الڳ ڏِسي ان کي چيائين ته خبر اٿو توهان کي الله هن وڻ کان ڇو جهليو آهي ،!! ان ڪري جو اگر توهان اهيو کائيندو ته توهان هميشه گڏ رهندو جي نه ته ٿوري وقت کان پوء توهان کي الڳ ڪري ڇڏيندو،
ان
جدائي جي خيال کان هن دير ئي نه ڪئي وڃي وڻ کي کائڻ لڳي ۽ تڪڙي پٽَي آدم ڏانهن ڊڪ ڀريائين آدم وٽ پهتي آدم ڏسي ڇرڪجي ويو ته الله پاڪ جي منع ڪيل حڪم عدولي ٿي ويئي هاڻي ٿا ٿيندو
جڏهن حوا کي کائيندي ڏٺائين ته سمجهي ويو ته هاڻي حوا هتان نڪري ويندي ۽ ما اڪيلو
اهيو خيال ايندي ئي هن به ان وڻ جي ڦل ۾ هٿ وڌو خدائي آواز آيو اي آدم تو کي منع ڪيو آهي ته ان کي نه کاء
مگر آدم کي جدائي جو خوف
آخر محبت کي، ان آدم جي صورت کي، آدم اوليت ڏني ،ان سان ساٿ نڀائڻ جو سوچي اهي داڻا کائڻ لڳو وري آواز آيو مگر دير ٿي چڪي هئي
ان داڻن جي کائڻ سان اها شئي ظاهر ٿي جيڪا هنن جي گمان ۾ به ڪو نه هئي جنهن جي ڪارڻ الله پاڪ هنن کي جنت مان ته ڪڍي ڇڏيو پر هڪ ٻئي کان به جدا ڪري ڇڏيو
هاڻي مجبوري ٿي پئي الله پاڪ جي تابعداري ڪرڻ ڇو ته هر حڪمت ۽ وس وارو اهو آهي جيڪو ويجهو يا پري ڪرڻ جي قوت رکي ٿو
محبت آدم جي صورت سان جيڪا هر تعبيداري ڪرائڻ جو سبب بني ۽ آدم الله پاڪ کي ٻاڏائيندو رهيو ۽ جڏهن پنهجي پوري وجود ۾ الله پاڪ جي حڪمت کي آدم محسوس ڪيو ته الله پاڪ رحم ڪيو آدم جي مٿان ۽ انهن کي ملايائين
جنهن کان پوء الله جي تعبيداري ۽ ان صورت جي تعبيداري ٿيندي رهي
(وڌيڪ ربُ بهتر ٿو ڄاڻي )