سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
ھو سوچي ويٺو
ھو سوچي ويٺو،
جڳ جو چرکو
اٽڪي پيو آ
۽ راھ مسافر !
ڀٽڪي پيو آ
درد اھو ئي
گھايل دل ۾
کٽڪي پيو آ
ھو سوچي ويٺو،
سورن سڀ ڪو
سٽڪي پيو آ
نيڻن جل
ڪو جھٽڪي پيو آ
فرد اھو ئي
من مندر ۾
ڊٽڪي پيو آ
ھو سوچي ويٺو
سوچي سوچي
لوچي ويٺو
(منھنجو تخيل)