ريل گاڏي وئي هلي! (وسعت الله خان)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    ابتو سبتو
    ريل گاڏي وئي هلي!
    وسعت الله خان
    [​IMG]

    ننڍپڻ ۾ مونکي جيڪي شيون گهڻيون متاثر ڪنديون هيون، انهن ۾ تيزگام، تيزرو، ڪراچي ايڪسپريس، عوام ايڪسپريس، ڪوئيٽا ايڪسپريس، شاهين ايڪسپريس، سنڌ ايڪسپريس ۽ چناب ايڪسپريس جي اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ واري انجڻ جي مسلسل وڄندڙ گهنٽيءَ جو آواز ۽ اهو گارڊ، جيڪو مونکي سُفيد وردي، سفيد بوٽ ۽ ڳاڙهي ربن واري پي ڪيپ ۽ ڪُلهي کان چيلهه تائين ٻڌل سائي رنگ جي ريشمي پٽيءَ ۾ بلڪل ايڊمرل لڳندو هو. اسان ٻار ان جي هٿ ۾ ڳاڙهي ۽ سائي جهنڊي ۽ گولڊن سيٽي ڏسي هن کي ٽرين جو گورنر سمجهندا هئاسين، ڇو ته ان جي اشاري تي هيڏي ڊگهي ٽرين هلندي ۽ بيهندي هئي. اهڙي ئي هڪ گارڊ اسان متجسس ٻارن کي وڏي فخر سان ٻُڌايو هو ته ٽرين جي فرسٽ ڪلاس ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ دٻن ۾ جيڪي سيٽون هونديون آهن، انهن تي فرانس جو سائو ريگزين لڳل هوندو آهي. پر ان ڪڏهن به اسان کي فرسٽ ڪلاس ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ دٻي ۾ گهڙي فرانسيسي ريگزين ڏسڻ جي اجازت نه ڏني. جڏهن آئون فرسٽ ڪلاس پارلر جي ٽڪيٽ وٺڻ جي قابل ٿيس، تيستائين فرانسيسي ريگزين ٽرينن مان رخصت ٿي چُڪو هو. آئون ريل گاڏيءَ جي ڊرائيور کي به وڏي حسرت سان ڏسندو ۽ اُن جي خوش نصيبيءَ تي رشڪ ڪندو هئس ته، ڇا ته زبردست ماڻهو آهي، هر وقت سير ۽ تفريح ۾ رهي ٿو.
    مونکي اڄ به ياد آهي ته جڏهن ايوب خان 1968ع ۾ پنهنجي ڏهن سالن جي اقتدار جو جشن ملهايو ته ڪراچيءَ کان پنڊيءَ تائين ڪُنوار وانگر سينگاريل هڪ ٽرين به هلائي وئي، جنهن جي هر بوگي هڪ اسٽال ۾ بدلائي وئي هئي ۽ هر اسٽال تي پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ جي ڪاميابين جا نمونا، تصويرون ۽ مقامي طور تي ٺاهيل جديد منصوعات سجايل هيون. رحيم يار خان اسٽيشن تي اها ٽرين چئن ڏينهن تائين بيٺل رهي ۽ سڄو شهر ان کي ڏسڻ لاءِ پليٽ فارم جي چئني طرفن موجود هو. ان موقعي تي مونکي منهنجي چاچي ٻُڌايو ته، جڏهن سن 1966ع ۾ ڀُٽو پرڏيهي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي پنڊيءَ کان ڪراچيءَ لاءِ ٽرين ذريعي روانو ٿيو هو، تڏهن به سڄو شهر سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اسٽيشن تي اچي ويو هو.
    مونکي اسٽيشن ٻاهران لڳل اهو ڦوهارو به ڏاڍو وڻندو هو، جنهن جي چوڌاريءَ سڄو سال گُل ٽڙيل هوندا هئا. ريلوي جو باوردي مالهي ٻارن کي هتان کان پري رکڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪندو رهندو هو، پر اسان ٻار ڦوهاري جي برسات ۾ وهنجڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڇنڊا هڻڻ کان ڪڏهن به باز نه آياسين. نوجوانن لاءِ سڀ کان وڏي تفريح اها هئي ته شام جو پليٽ فارم جي ڪاٺ جي بئنچن تي قبضو ڄمائي وٺندا هئا ۽ هر ايندڙ ويندڙ ٽرين جي مسافرن کي تڪيندا، پنهنجيون اکيون ۽ دل ٿڌي ڪندا رهندا هئا ۽ ٽرين وڃڻ کانپوءِ ٻي ٽرين جي انتظار ۾ ريلوي اسٽال جي چئن آنن جي چانهه جي ڪوپ کي ساسر ۾ وجهي سُرڪيون ڀريندا رهندا هئا. انهن مان ڪو وڏو رئيس اعظم بڻجندو هو ته پليٽ فارم تي وڪامجندڙ مڇي، پڪوڙا يا ڇولن جو ٻوڙ ۽ نان خريد ڪري پنهنجي ’ٻالڪن‘ جي دعوت ڪندو هو. جن جي چانهه پيئڻ ۽ پيارڻ جي حيثيت نه هوندي هئي، اُهي وري ريلوي اسٽيشن تي ٽامي جي پليٽن سان ٺهيل وڏي واٽر ڪولر جو يخ ٿڌو پاڻي پي اندر ٺاريندا هئا. ڪولر چويهه ڪلاڪ هلندو هو ۽ اهو به بجليءَ تي. اسان سڀ گهر وارا گرمين جي سالانه موڪلن ۾ رحيم يار خان کان ڪراچيءَ ويندا هئاسين. سڄي رات ٽرين جي باري ۾ سوچي سوچي خوشيءَ مان ننڊ ئي نه ايندي هئي. آئون گهڻو وقت دريءَ کان مٿو ٻاهر ڪڍي ڏسندو رهندو هئس ته جيئن اڌ دائرن جي شڪل ۾ مڙندڙ ريلوي لائين تي سڄي ٽرين کي انجڻ سميت نانگ وانگر ور وڪڙ وجهندي ڏسي سگهان. جنگ شاهي ريلوي اسٽيشن جو مونکي بنهه گهڻو انتظار رهندو هو، ڇو ته مکڻ جي چاڻي واري لسي اُتي ئي ملندي هئي. پوءِ جاپاني ريل ڪار اچي وئي. اسين ٻار ڪافي عرصي تائين اهو سمجهندا رهياسين ته اها بنا انجڻ جي هلي ٿي. پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته ان جي انجڻ ڪار وانگر اندران ئي هوندي آهي، تڏهن ته ان کي ريل ڪار چون ٿا. تمام گهڻي خوبصورت لڳندي هئي ٽن گاڏن واري اها ريل ڪار. تڏهن ته ڪو ان کي ڪئين سال پهرين اغوا ڪري ويو هو.
    ٻه ئي ته کاتا هوندا هئا، جن جي عزت هُئي، هڪ فوج، جيڪا قومي جسم جي حفاظت ڪندي هئي ۽ ريلوي ان جسم ۾ رڳن وانگر ڦهليل هئي.... ۽ انهن رڳن ۾ معيشت ۽ مسافر رت وانگر ڊوڙندا هئا. تعليم ۽ دفاعي شعبي کانپوءِ ريلوي ئي سڀ کان وڌيڪ روزگار ڏيڻ وارو کاتو هو. ريلوي واحد قومي ادارو هو، جنهن جي بجيٽ قومي بجيٽ کان الڳ پيش ڪئي ويندي هئي، ڇو ته ريلوي کاتو هن ملڪ جي چند گهڻ ڪمائو پٽن ۾ شامل هو. پر اهي ڳالهيون تڏهن جون آهن، جڏهن غلام احمد بلور جو ڪنهن نالو ئي نه ٻڌو هو. تڏهن هزارن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ ٿُلهي ريلوي ٽائيم ٽيبل کي ماڻهو باقاعدي خريد ڪندا هئا. تڏهن ٻار قطار ۾ هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي وات مان ’ڇڪ....ڇڪ.....ڇڪ‘ ۽ سيٽيءَ جو آواز ڪڍندا گهٽين ۾ ڊوڙندا هئا. تڏهن ريل تي شاعري ٿيندي هئي، گيت چيا ويندا هئا، ڪهاڻيون لکيون وينديون هيون، فلمون ٺهنديون هيون. ڇا ڪنهن کي اورينٽ ايڪسپريس، وان ريان ايڪسپريس، گريٽ اسڪيپ، بدر مُنير جي فلم ’دُلهن ايڪ رات ڪي‘ ۾ ٽرين جي مٿان ٿيندڙ فائيٽ ۽ فلم ’پاڪيزا‘ ۾ پري ويندڙ ريل جي سيٽي ياد آهي؟ پوءِ هڪ ڏينهن اهو آيو جو دنيا ته ڪارين انجڻين ۽ ڪاٺ مان ٺهيل بوگين مان گُذرندي گذرندي بُلٽ ٽرين جي زماني ۾ داخل ٿي وئي ۽ اسان بُلٽ جي دور ۾ هليا وياسين. چين ۽ پيرو جهڙن ملڪن ته ريل کي پندرنهن هزار فوٽن جي بُلنديءَ تائين پهچائي ڇڏيو، لالو پرساد يادوِ دنيا جي سڀ کان وڏي ريلوي نظام جي سُفيد هاٿيءَ کي کير ڏيندڙ سُوئا ڳئون ۾ بدلائي ڇڏيو، پر هتي ڇا ٿيو؟
    1948ع ۾ پاڪستان وٽ 821 ريلوي انجڻيون هيون، اڄ 528 انجڻيون آهن ۽ انهن مان به سٺ سيڪڙو هلڻ چرڻ کان لاچار آهن. 1948ع ۾ پاڪستان وٽ 2533 مسافر گاڏا هئا، اڄ 1540 رهجي ويا آهن. 1948ع ۾ 759 ريلوي اسٽيشنون هيون، اڄ 558 اسٽيشنون آهن. 1948ع جي سال ۾ ريلوي ذريعي 7 ڪروڙ ساڍا 16 لک مسافرن سفر ڪيو، جڏهن ته سال 2012ع جي آڪٽوبر مهيني تائين 6 ڪروڙ 49 لک مسافرن سفر ڪيو. توڙي جو 1948ع ۾ پاڪستان وٽ صرف 8124 ڪلوميٽر ريلوي لائين هئي، جيڪا اڄ 11755ڪلوميٽر آهي.
    1948ع ۾ ريلوي جي مال بردار گاڏن جو تعداد 23815 هو، اڄ 18406 آهي. 1948ع ۾ نوي سيڪڙو زرعي، صنعتي ۽ تجارتي مصنوعات ريلوي جي ذريعي ڪراچي کان پشاور تائين منتقل ٿينديون هيون، پر اڄ نوي سيڪڙو مال برداري روڊن رستن ذريعي ٿيندي آهي. 1948ع ۾ جڏهن گڏيل پاڪستان جي آبادي ساڍا 7 ڪروڙ هئي، ريلوي 65 لک 35 هزار ٽن مال پنهنجي پُٺن تي لڏيو. 2012ع ۾ موجوده پاڪستان جي آبادي 18 ڪروڙ آهي پر هن سال آڪٽوبر تائين ريلوي صرف 26 لک، 16 هزار ٽن مال آڻڻ ۽ نيئڻ وڃڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي آهي.
    گڏيل هندستان ۾ پهريون ريلوي ٽريڪ ڪراچي ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ 1861ع ۾ وڇايو ويو. توڙي جو ريلوي جي مثالي نظام ۾ ڏار ته ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ئي پوڻ شروع ٿي ويا هئا، جڏهن ريلوي جي هڪ وزير ميان عطاءُ الله جي زماني ۾ هڪ سڄي ساري ريل انجڻ پٽڙيءَ تان ئي غائب ٿي ڪنهن فائونڊريءَ ۾ ڳاري وئي هئي. پوءِ به 5 جولاءِ 1977ع تائين ڪراچيءَ کان پشاور تائين ريلوي ٽريڪ تان روزانو گهٽ ۾ گهٽ ويهه مسافر ٽرينون ۽ چاليهن کان وڌيڪ مال گاڏيون گُذرنديون هيون ۽ پوءِ ان ٽريڪ مٿان ڏهن سالن جو ضياءَ وارو دور گذري ويو. ملڪ جي ’شيو‘ وڌي وئي، برائلر جمهوريت متعارف ٿي وئي ۽ ريلوي تي اين ايل سي ۽ ٽرانسپورٽ مافيا کي ڇڏيو ويو.
    سُٺن وقتن ۾ ناڪام عاشق، ۽ دنيا ۽ پاڻ کان بيزار ٿيل ماڻهو ريل جي پٽڙيءَ تي ليٽي پوندا هئا، باقي ڪم انجڻ ڪري ڇڏيندي هئي. هاڻي جنهن جي گهر ۾ کٽ کٽولي وڇائڻ جي جڳهه نه هجي، اُهو بي فڪريءَ جي ننڊ لاءِ ريلوي ٽريڪ تي بسترو وڇائي ڇڏيندو آهي. سرڪاري رڪارڊ مطابق، ان پٽڙيءَ تي آخري خودڪشي ريلوي جي محڪمي ڪئي هئي.

    wusatkhan@gmail.com

    (روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد

    ڪاوش 2012۔11۔17
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وسعت الله خان جون ڳالهيون سچيون ۽ کريون، هندستان سميت ٻين ملڪن انگريزن جي نظام ريلوي کي بهتر بڻايو ۽ ان ۾ اڃان واڌارو آندو، اسان وٽ سڀ ڀينگ ٿي وئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو