عالمي صورتحالچين ۾ نئين صدر جي چونڊسرفراز ملڪاڻي چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بيجنگ ۾ ڪوٺايل ڪانگريس نائب صدر شي جن پنگ کي ملڪ جي نئين صدر جي حيثيت ۾ چونڊي ڇڏيو آهي. شي جن پنگ پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جي قيادت ڪندي اسٽيج تي ظاهر ٿيو جنهن جو مطلب هو ته کيس چونڊيو ويو آهي. شي جن پنگ صدر هو جنتائو جي جڳهه وٺندو جنهن جي دؤر ۾ چين غير معمولي ترقي ڪئي ۽ ان کي لبرل يا پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي وڌ کان وڌ موقعا ڏيڻ جو دؤر چيو وڃي ٿو. ان سان گڏ ئي شي جن پنگ مرڪزي فوجي ڪميشن جو سربراهه به هوندو جنهن جي سربراهي کيس صدر هو جنتائو کان اقتدار سان گڏ ئي منتقل ٿيندي. ياد رهي ته صدر هو جنتائو کان اڳ صدر جيانگ زيمن مرڪزي فوجي ڪميشن جي سربراهي ٻه سال پوءِ تائين پاڻ وٽ رکي هئي. اهو عمل حڪومت جي هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيڻ کي ظاهر ڪري ٿو. نئين صدر جي چونڊ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 9 کان گهٽ ڪري ست ڪيو ويو آهي. انهن ستن ميمبرن جا نالا آهن شي جن پنگ، لي ڪچائو، يينگ ڊييانگ، يو يينگ شينگ، لئيو يون شان، وينگ چي شان ۽ زينگ گاؤلي. نئين چونڊيل صدر شي جن پنگ پريس جي نمائندن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ ان ۾ چيو ته اسان مضبوطي سان دنيا جي قومن ۾ رهنداسين ۽ انسانيت لاءِ جديد ۽ عظيم خدمتون پيش ڪنداسين.هن چيو ته مٿس عظيم ذميواري رکي وئي آهي ۽ چيو ته ”مان دل جي سچائي سان پارٽيءَ جي سمورن ميمبرن جو ٿورو مڃان ٿو، سندن اعتماد سبب جيڪو هنن مون تي ڪيو آهي.“هن چين بابت چيو ته هيءَ هڪ اهڙي سرزمين آهي جيڪا خوبصورت آهي جتي سڀ گروهه امن سان رهن ٿا. هن چيو ته سندس مشن متحد ٿيڻ ۽ ملي ڪري پارٽي ۽ ملڪ جي قيادت ڪرڻ آهي ۽ چين کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته ماڻهن جي بهتر زندگيءَ جي خواهش آهي ۽ اهو ئي اسان جو مقصد آهي ته اسان اهو ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪريون.هن ملڪ کي درپيش مسئلن جي ڳالهه به ڪئي جن ۾ هن رشوت ۽ پنهنجا نوازيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته ڪميونسٽ پارٽي جا ڪجهه عهديدار به ان ۾ ملوث آهن.هن چيو ته رشوت واري مسئلي جو حل ضروري آهي ۽ پارٽي ۾ بهتر نظر ضبط جي ضرورت آهي ۽ چين کي دنيا جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي. شي جن پنگ کان پوءِ اسٽيج تي لي ڪيانگ نمودار ٿيو جيڪو وزيراعظم وين جيابائو جي جڳهه وٺندو. 1920ع جي دؤر ۾ شي جن پنگ هڪ غار ۾ رهندو رهيو جڏهن ته ملڪ ۾ انقلاب آيو. هن هڪ عام مزدور جي سطح کان شروعات ڪري ملڪ جو اعليٰ ترين عهدو ماڻيو.چون ٿا ته رشوت هجي يا سي پي کي بحرانن کان بچائڻ، شي جن پنگ لاءِ تمام وڏي چئلينج آهي پر ان ۾ به سڀ کان وڏو مسئلو معيشت جو آهي ۽ وري معيشت جي اندر عوام جي خراب حالت کي سڌارڻ آهي.ڪجهه ورجائيندا هلون ته چين ۾ به روس جيان سنئين سڌي جمهوريت ناهي، ان جو چونڊن جو هڪ ڌار طريقيڪار آهي، چين جي هن وقت هلندڙ 18هين ڪميونسٽ پارٽي ڪانگريس هر پنجين سال اچڻ واري اها گڏجاڻي آهي جنهن جي نتيجي ۾ چين جي اقتدار جي حقدارن جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، هن ڀيري چين ڏانهن نظرون رکندڙن جون اکيون نائب صدر زِي جِنپِنگ ۾ کٿل آهن، جنهن کي اجهو بس اقتدار مان هٿ ڪڍڻ واري صدر هُو جِن تائو پنهنجو جان نشين بنايوآهي، 63 سالن جي ڪميونسٽ چين ۾ ٻيو ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته اقتدار وقت سر منتقل ٿي رهيو آهي، چين دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتي هڪ طرف مونجهارن جو شڪار جمهوريت آهي ته ٻئي پاسي وڏي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معيشت به آهي. هُو جِن تائو بابت چيو پيو وڃي ته هو پنهنجا ٻيا اهم عهدا به ڇڏڻ وارو آهي، جن مان هڪ عهدو ان ڪميشن جي سربراهيءَ وارو عهدو آهي جيڪا فوج جي نظرثاني ڪري ٿي، هو جن تائو سميت ٻيا به ڪيترائي اهم عوامي عهدا رکندڙ چيني اڳواڻ پنهنجا عهدا پنهنجن ٻين ساٿين جي حوالي ڪندا. هُو جِن تائو کي هلندڙ ڪانگريس ۾ سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ناهي چونڊيو ويو، جنهن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته هو هاڻي سياسي قيادت کان ڌار ٿي رهيو آهي. موجوده اڳواڻ 60 سالن کان به وڌيڪ عمر جا آهن. ايندڙ نون اڳواڻن جي عمر انهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، چين جي نون حڪمرانن کي انيڪ چئلينجز درپيش آهن، معاشي سطح تي ايندڙ چيني ليڊرشپ کي سڀ وڏا مسئلا ورثي ۾ ملندا، ڇو ته تيزيءَ سان وڌندڙ چيني معيشت آڏو ڪجهه رڪاوٽون آهن، معاشي معاملن کانسواءِ پاڙيسري ملڪن سان چين جي لاڳاپن جي حوالي سان به ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي ايندڙ چيني ليڊرشپ کي حل ڪرڻو آهي، امڪاني طور خميس ڏهاڙي زي جنپنگ ۽ لي ڪيچيانگ نئين سربراهه جوڙي طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليندا، زي جنپنگ جي ڪاميٽي ۾ چونڊجي اچڻ تي پارٽي خوش آهي، زي جنپنگ جي چونڊجڻ کان اڳ هُو جن تائو جڏهن ان عهدي جو حقدار بڻيو هو، تڏهن کيس گهڻي طاقت کان پري رکڻ لاءِ ان وقت جي صدر فوج جي نظرثاني ڪرڻ واري ڪاميٽي جي سربراهي وارو عهدو نه ڇڏيو هو. جنرل اسٽاف آف دي پيپلز لبريشن آرمي جي ڊپٽي چيف زانگ چِن شينگ کان صحافين جڏهن پڇيو ته ڇا هُو جِن تائو به اڳوڻن چيني اڳواڻن جيان فوجي طاقت پاڻ وٽ رکڻ لاءِ ڪاميٽي جي سربراهي جو عهدو نه ڇڏيندو؟ تنهن تي جنرل شينگ چيو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو. جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته هُو جِن تائو چين ۾ نئين قسم جي سياست جو بنياد وجهندڙن مان ڳڻيو ويندو. چين جي تاريخ ۾ اهڙو قدم اڳ ڪڏهن ناهي کنيو ويو، جڏهن ته اڃا تائين، بين الاقوامي ميڊيا پاران ڪوششن باوجود، ان ڳالهه تي اثبات جي مهر به ناهي لڳي سگهي ته جنپنگ ۽ ڪيچيانگ ئي چين جا اڳواڻ هوندا. هڪ ٻي دلچسپ پيش رفت اها به آهي ته پهريون ڀيرو چين جي مک اڳواڻن ۾ هڪ عورت جي شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. فقط ان امڪان جي ئي ڳالهه ڪجي ته چين جي جديد تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته ڪا عورت اعلى سطحي عوامي عهدن جي ويجهو پهتي آهي، جيانگسو صوبي سان تعلق رکندڙ ليُو ياندونگ 60 سالن جي عمر واري عورت ٻڌائي وڃي ٿي. چين ۾ اڳواڻن جي زندگيءَ بابت جيڪا به معلومات هوندي آهي ان کي ”رياستي راز“ سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ياندونگ بابت به ٻين چيني اڳواڻن جيان ڪا معلومات حاصل نه پئي ڪري سگهجي، سواءِ ان جي ته هو سنگهئا يونيورسٽي ۽ رين مِن يونيورسٽي مان پڙهيل آهي. هن ڪميونسٽ پارٽي جي يوٿ ليگ ۾ هو جِن تائو جي ڊپٽي طور ڪم ڪيو آهي، هڪ آمريڪي مراسلي مان اهو پتو پيو آهي ته سندس مڙس يانگ يوئانسنگ پاران هڪ ڀيرو سفارتي محفل ۾ اها ڳالهه ڪئي ويئي هئي ته سندس زال سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ فوٽوگرافي ۾ دلچسپي رکي ٿي. چين جي اڳواڻن جي اها تبديلي اهو ٻڌائي رهي آهي ته چين نئين دور جي لحاظ کان پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي شروعات ڪري چڪو آهي، چين جي اهڙين تبديلين مان مغرب خوش به آهي ته چين جي سياست ۾ لچڪ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ جيڪڏهن چين جا مسئلا حل ٿيا ته مغرب کي گهڻي خوشي نه ٿيندي ته معاشي بحران جي دور ۾ چين طاقت وڌائڻ جي موقعي مان فائدو وٺي رهيو آهي.
چونڊن کانپوءِ اقتصادي صورتحال عابد حسين ايندڙ عام چونڊن ۾ جنهن ڪنهن سياسي جماعت به ڪاميابي حاصل ڪئي، ان جي سامهون ڏکيو مرحلو اقتصادي صورتحال کي بهتر بڻائڻ هوندو ۽ ايئن ڪرڻ لاءِ کيس ڪيترن قسمن جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو، نئين حڪومت کي ملڻ وارو اقتصادي نظام پنجن سالن جي ڏوهاري بد انتظامين جو مجموعو آهي، پاڪستان کي غير ملڪي ڪرنسي (فارين ايڪسچينج) جو بحران به آڏو آهي ۽ ان کان بچڻ جي اڪيلي صورت عالمي مالياتي ادارو (آءِ ايم ايف) جا شرط مڃڻ ۽ ان کان مدد وٺن آهي، نئين حڪومت به مجبورن اهو ئي ڪندي، جيڪي ماضي جا بيمار ذهن ڪندا آيا آهن، ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ڪٿان کان ڪامياب ٿئي ٿو، يقينن اها ڳالهه اهم هوندي پر ان کان به وڌيڪ اهم هي هوندو ته ڪامياب ٿيندڙ ڪهڙي قسم جون اقتصادي اصلاحون واقف ڪرائيندا، ان سلسلي ۾ ڪاميابي جون اميدون ايندڙ حڪومت کي هونديون، گهڻي عرصي کان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اقتصادي ۽ انتظامي شعبن ۾ اصلاحن کان ڪنا4را ڪش رهيون آهن، نئين حڪومت لاءِ آڏو آيل مسئلن ۾ سرفهرست توانائي جو بحران آهي ۽ ايندڙ حڪومت کي بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي اوليتي بنيادن تي نبرجڻو پوندو، ان سلسلي ۾ ماضي ۾ ڪيون ويل ڪوششون ان ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيون ڇو ته قيمت خاطر خواهه مقرر نه ٿي ۽ قدرتي گئس جي وسيلن جو درست استعمال نه ڪيو، توانائي جي بحران تي صرف ان صورت ۾ قابو پائي سگهجي ٿو، جڏهن بجلي ۽ گئس جي چوري جي و اقعن جي روڪٿام ڪئي وڃي ۽ هن جي پهچ جي نظام ۾ ڳنڍيل خامين کي پري ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي اهڙا ممڪن نشان ڏنا وڃن، جيڪي حقيقت پسنداڻا هجن ۽ جيڪڏهن مرحلي وار انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي ته صورتحال ۾ هوريان بهتري ايندي ويندي پر جيڪڏهن اهي نشان حاصل نه ٿا ٿين ته لائن سپرنٽينڊنٽ، ايس ڊي اوز، ايڪسينز وغيره جهڙن اعليٰ عهدن تي مقرر اهلڪارن خلاف به ڪارروايون ڪيون وڃن، ان کانسواءِ توانائي جي چوري ۾ ملوث فردن جي خلاف سخت قانون ۽ سخت سزائون واقف ڪرايون وڃن ۽ صرف قائون ئي واقف نه ڪرايا وڃن پر انهن تي سختي سان عمل درآمد به ڪرايو وڃي، ڇو ته بدعنوان عنصر ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جا انتظامي اهلڪار، مزدوور يونين اڳواڻ ۽ بجلي کپائيندڙ چوري ۾ ًاڻايل طور تي هڪجهڙا ملوث آهن، هينئر تائين اربين رپين جي ماليت جي گئس ۽ بجلي چوري ٿي چڪي آهي ۽ ان چوري جي ڪنهن به ذميندار کي سزا نٿي ڏئي سگهجي. هڪ طرف اهي ماڻهو آهن، جيڪي بجلي جي باقاعدگي سان قيمت ادا ڪندا آهن پر کين پوءِ به توانائي جي بحران سان نبرجڻو پوي ٿو ۽ ٻئي طرف اهي آهن، جيڪي بجلي ۽ گئس جي چوري ڪري منافعو به ڪمائي رهيا آهن ۽ قدرتي وسيلن جو اڻ کٽ استعمال به ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ چوري جو هي سلسلو گهڻو عرصو جاري رهيو ته اهو ڪنهن به صورت ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ ان قدر اضافو ڪيو ويندو جو ان جي لاڳت جو قومي خزاني تي بوجهه نه ٿئي، توانائي جي متعلق ادارتي قرض به هڪ اهم مسئلو آهي، جيڪڏهن بجلي جي پوري قيمت وصول ٿئي ۽ ادارا پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪن ته ڪو به سبب ناهي ته هاڻوڪن وسيلن جي پوري قيمت وصول نه ٿئي. ايئن ٿيڻ سان بجلي جو دانشمنداڻو استعمال عام ٿيندو، جنهن سان لوڊشيڊنگ ۾ به خاطر خواهه گهٽتائي ايندي، جيڪڏهن بجلي جي چوري جو نشان حاصل ڪيو وڃي ته ڪوئي سبب ناهي ته بجلي جي قيمت ۾ اضافو ڪيو وڃي، پاڪستان جي کاپو ڪندڙن کي اها حقيقت به سمجهڻ گهرج يته بجلي هڪ مهانگي ۽ قيمتي جنس آهي ۽ ان کي ٺاهڻ ۾ جن وسيلن جو بطور ٻارڻ يا ٽيڪنالاجي استعمال ٿيندي آهي، درآمد ڪيو ويندو آهي، کپائيندڙن کي سمجهڻو آهي ته بجلي جي پيداوار تي ٿيندڙ لاڳت جو بوجهه خود کين برداشت ڪرڻو آهي، ڇو ته قومي خزاني مان رعايت (سبسڊي) ڏئي ڪري ملڪ جي ترقي يا ٻيا شعبا محروم رهجي ويندا، ٽين اهم ڳالهه هي آهي ته گئس جي استعمال سان بجلي جي پيدوار اسان جي لاءِ ٻارڻ طور قدرتي گئس (سي اين جي) جي استعمال جي حوصلي ٿيڻ گهرجي، اهڙي طرح قدرتي ڀاڻ جي صنعتن لاءِ رکيل گئس جي مقدار ۾ گهٽتائي هجڻ گهرجي. ملڪ جي معيشيت لاءِ اها ڳالهه گهٽ نقصان واري هوندي ته اسان پاڻ درآمد ڪيون، ڇو ته اهو ڪچي تيل جي مقابلي نسبتن گهٽ مهانگو آهي، بجلي جي خانگي پيداواري يونٽن کي ڪچي تيل جي بجاءِ گئس ۽ ڪوئلي تي منتقل ڪيو وڃي ۽ ايئن ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٻن سالن جو عرصو ڏنو وڃي، ڇو ته توانائي جي ملندڙ وسيلن جو دانشمنداڻي استعمال ۾ ئي اسان جن مسئلن جو حل موجود آهي، اقتصادي محاذ تي ڪاميابي لاءِ اسان کي برطانيا ۽ ترڪي جي اختيار ڪيل حڪمت عملين جو جائزو وٺڻو پوندو، برطانوي وزيراعظم ٿيچر شفاف ۽ سخت گير اقتصادي اصلاح ڪيا، جڏهن ته ترڪيءَ اسلاميه جمهوريت ۽ سرمائيداري نظام جي خوبين مان هڪ ئي وقت فائدو ورتو، بهتر اهو ئي ٿيندو ته نئين حڪومت پنهنجون اقتصادي حڪمت عمليون واضح ڪرڻ لاءِ مشڪل فيصلن کان پاسو نه ڪري. پاڪستان وٽ مسئلن جي ڌوڙ مان نڪرڻ جو شايد هي آخري موقعو آهي، ڇو ته اقتصادي ذميندارين کان فارغ ٿ ي ڪري ئي ملڪ کي حقيقي ترقي جي شاهراهه تي هلائي سگهبو.