• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يو ايس بي جو مسئلو

عطاء الله ڀٽو

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!
منهنجي يو ايس بي ۾ مسئلو ٿيو آهي اميد ته سنڌ سلامت جا جادوگر منهنجي مدد ڪندا۔
1075 اٽيچمينٽ ڏسو
جڏهن مان يو ايس بي کوليا ٿو ته اها فارميٽ ڪرڻ جو کڪم ٿي ڪري، جڏهن مان فارميٽ ٿو ڪريان ته اها فارميٽ نه ٿي ٿئي
1076 اٽيچمينٽ ڏسو
مهرباني ڪري اگر ان جو حل آهي ته ضرور ٻڌائيندا
دوستن جو مهربانيون
 
اهو مسئلو مونسان به هڪ يو ايس بي ۾ آهي ۔۔۔:mad:
ڪاوڙ ته ڏاڍي ٿي لڳي پر پوءِ به اوهانجي سوال ۾ من ڪو حل طلب جواب اچي ته واه واه ۔۔۔ جادوگر ته هڪ ئي آهي ممڪن ڪو ٻيو به ساحر اچي نڪري ۔۔۔

اوهان سان گڏ منهنجو به ڪم ٿي ويندو ۔۔۔ اخرڪار ٻن غيغا بائيٽ جو سوال آهي ۔۔۔ هههه

انتظار ٿا ڪريون ۔۔۔:cool:
 
لڳي ائين ٿو ته اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڪو وائرس آهي، ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر ۾ (جيڪو انٽي وائرس سان محفوظ ڪيل هجي) اها USB لڳائي فارميٽ ڪندئو ته ڪم ٿي ويندو اوهان جو۔۔
 
ادا ڪڏهن ته وائرس جي ڪري ائين ٿيندو آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اها ڪرپٽ ٿي ويندي آهي ته پوء فارميٽ جي لائق ئي نه رهندي آهي يعني ان جو معاملو ختم ٿي ويندو آهي پوء نتيجو ته ٻي جو بندو بست ڪرڻو پوندو آهي ۔
 
سائين رحيم بخش صاحب بلڪل درست فرمايو آهي ، توهان جون يو ايس بيز ڪرپٽ ٿي چڪيون آهن۔ منهنجي خيال ۾ ته ممڪن نه آهي ته اهي وري توهانجي استعمال ۾ اچي سگهن
 
اسلام عليڪم
ادا توهان يو ايس بي کي ڊاس يا ڪمانڊ پراپمٽ ۾ فارميٽ ڪندو ته توهان جو پرابلم حل ٿي ويندو
 
اسان جا دوست هڪ ڳالهه هميشه وساري ويهندا آهن۔۔۔ جيڪا آهي ته وائرس کان وڌيڪ يو ايس بي خطرو هوندو آهي ان پراپر پلگ ان ۽ پلگ آئوٽ کان۔۔۔
هميشه يو ايس بي کي پي سي کان هٽائڻ وقت ان کي سيفلي ريموو يا ايجيڪٽ ڪرڻ گهرجي۔۔۔

remove_hardware-5138098.jpg
هاڻي بس ڪجهه سيڪنڊن جي هن عمل تي شايد ئي ڪو عمل ڪندو هجي۔۔۔ هرڪو دوست جهڙي طرح يو ايس بي کي ڪمپيوٽر سان لڳائيندو آهي۔۔۔ ان کان به وڌيڪ تڪڙ ۾ ان کي ڪڍي وٺندو آهي۔۔۔ ان سان ٿيندو اهو آهي ته جيئن هارڊ ڊسڪ جي پارٽيشنس ۾ هڪ اسٽوريج سسٽم ٿيندو آهي ساڳي طرح فليش ڊرائيو ۾ ٿيندو آهي ۽ سسٽم اهڙي بار بار جي ريهرسل سان پهريان متاثر ۽ پوءِ بلڪل خراب ٿي پوندو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ فليش ڊرائيو پڙهڻ ۽ لکڻ (ريڊ ۽ رائيٽ) جي قابل نه رهندي آهي۔۔۔
مون کي مٿي توهان جي ٻڌايل طريقي مان لڳي ٿو ته توهان جي فليش ڊرائيو پڻ ٻڌايل ان پراپر طريقي سان بيدردي سان استعمال ٿي آهي۔۔۔ ۽ هاڻي پنهنجو اسٽوريج سسٽم وڃائي ويٺي آهي۔۔ جنهن ڪري فارميٽ به نه ٿي ٿئي۔۔۔۔
اهڙي صورتحال ۾ توڙي جو 70 سيڪڙو امڪان آهي ته فليش ڊرائيو پنهنجي عمر وڃائي چڪي هوندي آهي پر وري به ڪنهن ٿرڊ پارٽي سافٽويئر ذريعي فارميٽ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ ان ڪري منهنجي توهان کي صلاح آهي ته توهان هيٺين ٻن سافٽويئرز کي آزمائي ڏسو نه ته پوءِ چئو پنهنجي قسمت کي ۔۔۔ بلڪل سائين نثار ابڙو وانگر۔۔۔
any-drive-formatter-5.png
127-8YPNoWd92yPSKPnS-s-.png

 
دوستن جون وڏيون وڏيون مهربانيون مون کي مختلف رايه ڏيڻ تي
پر افسوس منهنجي مسئلو حل نه ٿيو):
مان ٿو سمجهان ته منهنجي يو ايس بي سٽوريج کان پاڪ آهي
 
Back
Top