سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
سينيئر رڪن
وائي
ڌرتيءَ سان دوکا روز نئون آزار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي اڃا اهو ويچار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
ڌڻي دڳن ۾ رُلي ويا ۽ ڌارين سُک سُڪار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
انِياءُ جي اونداھ ۾ پاڻ ٻَرِي ڪا ٻار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
سوچ سُتِي پوءِ جيئڻ ڪهڙو جاڳي جڳ جيار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
سدا فضا ۾ رهيو ڪيڏارو مُرڪي ڇيڙ ملهار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
ڀاڱا بنجي وڃي نه سنڌڙي مِڙيا جنهن تي مَڇَ هزار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
خادم جيسين سنڌ سُڏڪي پئي ڪهڙو چين قرار
منهنجي سنڌ سَڙي پئي
سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
( اڄ جي ڪاوش اخبار جي ڪويتا ڪارنر ۾ ڇپيل )