• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فولڊر کي Private ڪيئن بڻائجي

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو


دوستو ڪجهه وقت مصروف هجڻ ڪري ڪا پوسٽ پڻ موڪلي نه سگهيس، ڪجهه سنگتين PM ڪري منهنجي خيريت به پڇي آءٌ سندن شڪر گذار آهيان...
واپس اچي سنڌ سلامت فورم تي هلچل واري گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريرن جو اضافو ڪرڻ به چاهيندس...
دوستو موڪل جي دوران مون کي هڪ دوست جي ڪمپيوٽر تي ويهڻ جو اتفاق ٿيو. مون ڏٺو ته هن جي ونڊوز جي سٽارٽ اپ ۾ ڪيترن ئي Users جي لسٽ هئي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو پاسورڊ لڳل هو. سوال پڇڻ تي هن دوست جواب ڏنو ته اسان 5 ڀائر آهيون ۽ هرڪو مختلف وقتن تي نيٽ تي ويهي ڪم ڪندو آهي. اسان جي خواهش هوندي آهي ته سندن پرائيويسي ۾ دخل نه ڏيون پر هڪ ڳالهه کان سڀ پريشان آهيو ته C Drive ۾ موجود هر User جو عليحده فولڊر ته هوندو آهي پر پاسورڊ لڳائڻ جي باوجود هر ڪو User ان کي کولي ڏسي سگهندو آهي. هن دوست مون کان سوال ڪيو ته ان جو ڪو حل آهي ته ڪمپيوٽر تي ويهندڙ هر User کي اختيار ته Administrator جا هجن پر اهو ڪنهن ٻئي User جي Documents کي کولي نه سگهي.
مون کيس جيڪو جواب ڏنو سوچيم ته اهو سموري سنگت سان شيئر ڪجي جيئن ٻيا به ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
ته دوستو ان سلسلي ۾ توهان کي گهرجي ته توهان پنهنجي Documents واري فولڊر کي Private ڪري چڏيو...
ان لاءِ سڀ کان پهريان C Drive ۾ موجود پنهنجي نالي واري فولڊر جي لوڪيشن تي پهچو ۽ ان فولڊر کي مائوس جي مدد سان Right Click ڪريو ۽ Properties کي سليڪٽ ڪريو.. فولڊر جي پراپرٽيز واري ونڊوز کلندي ئي Sharing وارو ٽيب سليڪٽ ڪريو جتي Make this folder private جي اڳيان موجود چيڪ باڪس جي اڳيان چيڪ لڳايو ۽ Ok بٽڻ پريس ڪري ڇڏيو..
تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو..



private.png


هاڻي توهان جو فولڊر ٻيو ڪو به User کولي نه سگهندو چاهي ان کي Administrator جا اختيار ڇو نه هجن...
[/CENTER]


sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top