اڄوڪو ڏينهن 17 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي.
    17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو.
    17 نومبر 1938ع تي لڇمڻ ڀنڀاڻي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڀارت جو مشھور مضمون نگار، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي آهي. پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور لڏي ويو.
    17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي.
    17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلى جو جنم ڏينهن آهي.
    17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي.
    17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:
    17 نومبر 1956ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل بيوس باڊاهي پنھنجي ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو. هو باڊهه شھر جو رهاڪو هو.
    17 نومبر 1976ع تي پروفيسر سيد وقار عظيم جو وڇوڙو ٿيو.
    17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاهه جو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو.
    17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو.
    17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

    اڄوڪي ڏينهن 17 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

    17 نومبر 1932ع تي ٽئين گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي.
    17 نومبر 1947ع تي آزاد ڪشمير جي فوجين ميرپور کي آزاد ڪيو.
    17 نومبر 1958ع تي سوڊان ۾ انقلاب آيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر : فقير محمد سنڌي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 نومبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,894
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    انتهائي جينيئس اداڪار هيا شفيع محمد شاه ۔
    مولا کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري۔

    آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو