معروف راڳي رونا ليليٰ جي سالگرهه

runalaila-1-jpg.1079

معروف راڳي رونا ليليٰ جي سالگرھ
تحرير شاهين سنڌي

سنڌي موسيقي۾ ڪجھ اهڙا به نالا آهن جن جي پنهنجي سنڌي ٻو لي نه هوندي به هنن سنڌي موسيقي ۾ پنهنجو پاڻ موکيو آهي تن مان هڪ راڳي آهي رونا ليليٰ هي سريلي آواز جي مالڪياڻي17نومبر 1952ع تي بنگلادش جي شهر سلهٽ ۾اک کولي
هن ڪلاسيڪل موسيقي جي تعليم استادحبيب الدين کان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڪيرئير جو آغاز پي ٽي وي تان ڪيو
هن اردو سان گڏوگڏ سنڌي ۾ به ڳايو 1970 واري ڏهاڪي ۾تمان گهڻي مقبوليت ماڻي ۽هن ڪئترين ئي سنڌي فلمن ۾ پنهنجي آواز جي ڪري راڄ وڪيو ۽ هن جا کوڙ سارا فلمي ۽ غير فلمي نغمااڄ به مقبول آهن
 
سنڌي موسيقي ۾ رونا ليلى جو پنهنجو مقام آهي، سنڌي فلمن ۽ طالب المولا کي اهڙو ته مٺڙي آواز ۾ ڳايو اٿائين جو سنڌ کيس سدائين ياد رکندي۔ رونا ليلى ڪيترن ئي ٻولين ۾ ڳائي مقام ماڻيو آهي۔
 
Back
Top