• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جو غريب ترين صدر

نثارابڙو

نائب منتظم
262153_487736434581700_1180711108_n.jpg
تصوير فيسبڪ جي جمالي 4 يو تان ورتل​
هن جو نالو انگريزيءَ ۾ Jose Mujica​
سنڌيءَ ۾ هجي ڪجي ته ٿيندو ”جوس موجيڪا“ يا ”جوز مجيڪا“ .... هي يوراگوئي جو صدر آهي​
سندس چوڻ آهي ته ماڻهون کيس غريب سمجهن ٿا پر آءُ پاڻ کي امير ترين ماڻهون سمجهندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مونکي پاڻ لاءِ تمام گهڻو وقت آهي ۽ جڏهن ته اميري ۽ عياشيءَ واري زندگيءَ ۾ پاڻ لاءِ گهٽ ۽ فالتو بيڪار شين ۾ وقت گهڻو ضايع ٿئي ٿو ...​
هن يوراگوئي جو عاليشان صدارتي محل بند ڪرائي ڇڏيو آهي ...​
ڇا هي الله جي رسول صلعم جو ڪو اصحابي آهي ۔۔۔؟ يا الله جي حڪمن کي مڃيندڙ ڪو مسلم انسان ۔۔۔؟؟؟​
11-17-2012_75863_l.jpg
 
الله پاڪ اسانوٽ به اهڙا حڪمران پيدا فرمائي ، جيڪي غريبن جا همدرد ۽ ملڪ جا خير خواه هجن ۔ مگر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان الله پاڪ ۽ انجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي احڪامن جي پاسداري ڪريون!
 
ادا ابڙا صاحب مون سندس ذڪر ۽ حال احوال ٽي وي تي پئي ٻڌو ته مان تمام گهڻو حيران ٿيس ته اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي۔ادا هي ته ملڪ جو صدر آهي، هت ته (اسان جي ملڪ ۾ ) ڪو آفيسر به اهڙي سادگي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري، هت ته اسان جي حڪمرانن کي به سڪيورٽي لاء به گاڏين جي قطار گهرجي، اهو ان ڪري ته انهن جا ڪم ۽ ڪردار به اهڙا آهن، هن صدر جي ڪهڙي تعريف ڪجي، مون وٽ ته الفاظ به ڪونهن۔
 
سائين تو سائين ۔۔سائين ڪا بيٽا به سائين ۔۔۔ آصف زرداريءَ جو پٽ ۔۔۔۔ڀٽو زرداري جڏهن سنڌ گهمڻ نڪتو ته سندس اڳيان پويان حفاظتي حصار ۾ 35 گاڏيون هيون ۔۔۔۔ ۽ هزارين باڊي گارڊ ۔۔۔
 
هن دور ۾ اهڙو شخص به آهي جيڪو سڀني سهولتن جي باوجود سادگي کي پسند ڪري ٿو هڪ خواب جي حقيقت محسوس ٿي رهي آهي اهو فرشته صفت انسان آهي۔اسان جي ملڪ ۾ ته اهڙو خواب به نه ٿو ڏسي سگهجي بس اهڙن شخصن جي متعلق پڙهي دل کي سڪون ضرور اچي ٿو ته اڃا به دنيا ۾ خدا ترس ٻانها آهن جن جي ڪري الله تعالى ٻين تي به رحم فرمائي ٿو۔
 
Back
Top