نثارابڙو
نائب منتظم
پاڪستاني ۽ دنيا جي ماڻهن ۾ فرق ڪهڙو ...؟؟؟؟
هڪ پاڪستاني ۽ ٻاهرين ملڪ جي انجنيئر ۾ دوستي ٿي وئي ...
ٻاهرين ملڪ واري پاڪستان واري کي پنهنجي ملڪ گهمڻ جي دعوت ڏني ...
پاڪستاني انجنيئر اها دعوت قبول ڪندي جڏهن انجي گهر پهتو ته
حيران ٿي ويو ... انجنيئر جو گهر هڪ محل جيئان هيو ...
پاڪستاني انجينيئر سوال ڪيو؟ ته هي ايترو وڏو گهر؟
ان انجنيئر سامهون هڪ پل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ان پل مان 5 کان 10 فيصد گهپلو ڪيو اٿم ته هي محل تيار ٿي ويو آهي ...!!!
پاڪستاني انجنيئر ٻاهرين ملڪ جي انجنيئر کي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏني، اهو انجنيئر جڏهن پاڪستاني انجنيئر وٽ پهتو ته حيران ٿي ويو ۽ پڇيائين ؛” هڪ انجنيئر وٽ ايڏي وڏي اسٽيٽ ڪيئن آئي؟
پاڪستاني انجنيئر سامهون اشارو ڪندي چيو؛ “ هو سامهون پل نظر اچي ٿي؟
ٻاهرين ملڪ جي انجنيئر حيرت مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چيو ؛ ـپر پل آهي ڪٿي؟“
پاڪستاني انجنيئر وراڻيو؛ اهو ئي ته ڪمال آهي ته ان پل جي سمورن پئسن مان هي اسٽيٽ قائم ٿي آهي ....!!!!