جهنگلي جيوت جو تحفظ ڪير ڪندو؟

'مقالا' فورم ۾ سرفرازملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سرفرازملڪاڻي

    سرفرازملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد، ڄامشورو، دادو
    جهنگلي جيوت جو تحفظ ڪير ڪندو؟
    هڪ اخبار جي رپورٽ موجب سياري جي آمد سان گڏ ٿر جي رڻ ڪڇ واري سامونڊي پٽي تي پهتل مهمان پکين، تلور جي شڪار کانسواءِ مقامي جهنگلي جيوت هرڻ ۽ روجهه جي شڪار لاءِ شڪارين جون ڪئمپون قائم ٿي ويون آهن ۽ هن ڀيري ڪئمپن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. هن ڀيري ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺن ۾ ٽن بدران چار ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.
    چيو وڃي ٿو ته رڻ ڪڇ جي سامونڊي پٽي جي سرحدي علائقي ۾ 8 ڪلوميٽر ايراضي ۾ شڪار ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳل هجڻ باوجود وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدران جي ملي ڀڳت سان عرب شهزادي جي ملازم راکن طرفان ڳوٺن اندر ڇهه مهينا قائم رهندڙ ڪئمپن دوران ملازم مقامي ناياب نسل جي جهنگلي جيوت هرڻ ۽ روجهه جو به شڪار ڪندا آهن، جنهن ڪري ٿر جي انهي سامونڊي پٽي ۾ هرڻ ۽ روجهه جو نسل گهڻي ڀاڱي ناياب ٿي ختم ٿي ويو آهي.
    رپورٽ موجب عرب شهزادي جي راکن طرفان ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٽوٽل 10 ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، انهن لڳايل ڪئمپن ۾ ڳوٺ راٺي ، ڳوٺ ڀيمرڙا ، ڳوٺ ڇڇي ، ڳوٺ لڙيو ۽ ٻيا شامل آهن چيو وڃي ٿو ته عرب شهزادن جي راکن جي ڪئمپن سان گڏ وائيلڊ لائيف کاتي جي مقرر ٿيل ملازمن کي پڻ عرب شهزادي طرفان خرچي ۽ گاڏي جو تيل وغيره ملڻ جي ڪري وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار پڻ مقامي جهنگلي جيوت هرڻ ۽ روجهه وغيره جي شڪار ٿيڻ واري غيرقانوني ڪم ۾ شامل هوندا آهن.

    ٻئي طرف ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي آيل مهمان پکي جيڪي هر سال لکن جي تعداد ۾ سائيبيريا ۽ ٻين برفاني علائقن ۾ سنڌ ايندا آهن انهن جو به بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شڪار جاري آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ مهمان پکين ۽ ناياب نسل جهنگلي جيوت جو قتل عام هر سال ٿيڻ سبب انهن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت جو اعليٰ اختيارين کي سنڌ جي سونهن مهمان پکين، توڙي ٻي جهنگلي جيوت جي ناياب نسل کي بچائڻ لاءِ فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ وائيلڊ لائيف قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ سميت قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو