سائين مهنجو مقصد ته جڏهن مان مائڪرو سافٽ ورڊ استعمال ڪندو هان ان ۾ جيڪڏهن انگريزي جو ڪو لفظ لکڻو آهي ته بنا لينگويج چينج ڪرڻ کان سوا انگريزي لکي سگهجي۔؟ادا اگر توهان سنڌ سلامت جي ورڊ پيڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته ورڊ پيڊ جي کاٻي پاسي کان انگري حرف اَي A تي ڪلڪ ڪيو بعد ۾ وري سنڌي لکڻ لاء هيٺان رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر استعمال ڪريو تي ڪلڪ ڪندا اميد ته اوهان سمجهي ويا هوندا اگر اڃا به ڪو مسئلو هجي ته ٻڌائيندا۔
جي سائين بلڪل ڪَم ٿي ويو پر اڃا هڪ مسئلو آهي جڏهن سنڌي ڪمپوزنگ ڪندي اگر وچ ۾ انگريزي ورڊ جي ضرورت پئجي ٿي ته ان جي سيٽنگ ۾ مسئلو ٿئي ٿو مطلب انگريزي ورڊ اڳيان اچي وڃي ٿو سنڌي جي لفظ کان۔
سائين عبدالحفيظ صاحب اوهان جي تمام وڏي مهرباني اوهان منهنجو مسئلو حل ڪري ڇڏيو لک ٿورا اوهان جا ۔ادا راشد ميمڻ اوهان شايد هاڻي صرف هڪ ننڍڙي غلطي ڪري رهيا آهيو۔ ايم سنڌي سان مائڪروس سافٽ ورڊ ۾ سنڌي لکندي اڪثر ساڄي کان کاٻي لکڻ ۽ ايم بي سنڌي ۾ سنڌي سان گڏ انگريزي لکڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ٿيندي آهي سان صرف ٽيڪسٽ ڊائريڪشن جي ڪري آهي۔
مٿي ڏنل تصوير ۾ جتي مٿي پاسي جتي گول نشان آهي انهي ۾ اوهان ٽيڪسٽ ڊائريڪشن ساڄي کان کاٻي سيٽ ڪريو۔ هاڻي جڏنهن وچ ۾ انگلش لکندؤ ته اوهان کي Alt+shifT دٻائي واپس سنڌي تي اچڻو پوندو۔ پر ڪرسر تيستائين انگلش جي جي آخري اکر جي ساڄي پاسي تي هوندو جيستائين اوهان اسپيس ڻه ڊٻايو۔ جيئن مٿي تصوير ۾ به آهي۔ اميد ته هاڻي اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو