نامور محقق تاج صحرائي (تابش بخاري)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    نامور محقق تاج صحرائي
    تابش بخاري
    سنڌ انهن عظيم ۽ لازوال ڪردارن سان ڀري پئي آهي، جن هميشه پنهنجي زندگي جون سڀ بهارون جوانيءَ کان پيري تائين قوم ۽ ڌرتي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ نئين نسل لاءِ مثال قائم ڪري ويا، انهن جي لسٽ ته تمام گهڻي ڊگهي آهي، آئون هتي ان سنڌ جي سچي سيلاني عاشق قلندرانه فقير منش انسان سائين تاج صحرائي جي 10هين ورسي تي خراج پيش ڪندس.
    11 سيپٽمبر 1921ع سنڌ جي ساهتي پرڳڻي اڳوڻي شاهوڪار شهر شڪارپور ۾ ميان نور محمد ميمڻ جي وشال گهر ۾ جنم وٺندڙ تاج محمد ميمڻ جنهن پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ اچي دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1952ع جو زمانو هو جڏهن پاڻ دادو شهر ۾ هڪ تعليمي ادارو کولڻ ۽ هلائڻ جو نيڪ ارادو ڪيائون، شروع ۾ هڪ مڊل اسڪول دادو ۾ کولي تعليم ڏيڻ جو آغاز ڪيائين، ان نيڪ ڪوششن ۾ ان وقت جا علمي ادبي ساٿي علي احمد قريشي وڪيل، آخوند شفيع محمد، شفيع محمد سولنگي وغيره جن جي صلاح مشوري سان اسٽيشن روڊ دادو سان هڪ وڏي ڊبل اسٽوري عمارت جيڪا هندن جي ڌرم شالا هوندي هئي، ورهاڱي بعد هندن جي هندستان لڏپلاڻ سبب خالي ٿي، تاج صاحب ساٿين جي مدد سان ان جاءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اُتي اسڪول شروع ڪيائون، استادن کي پگهارون به پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڏيندا هئا.
    تاج صاحب هڪ منظم بي باڪ مخلص سخت استاد طور سڃاتو ويندو هو. سندس ايامڪاري ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي رزلٽ سؤ سيڪڙو پاس ۾ ايندي هئي، جيڪو هڪ رڪارڊ هو. ان زماني ۾ هن اداري مان هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري نڪتا، هن وقت انهن مان ڪيئي وفاقي توڙي صوبائي کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز آهن يا ته رٽائرڊ ڪري ويا آهن، انهن ۾ اڪثريت ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي به آهي.
    1968ع ۾ ٻيو عظيم ڪارنامو تاج صحرائي جو اهو آهي جو هن علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي تي هڪ بهترين لئبريري جو بنياد وڌائين، جيڪا اڄ ضلعي دادو جي وڏي لئبريري طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ هاڻي سنڌ ثقافت کاتي جي نگراني ۾ هلي رهي آهي، هر روز سوين شاگرد مطالعو ڪن ٿا. صدين کان عظيم بزرگ قلندر لعل شهباز جو عرس مبارڪ ٿيندو پيو اچي، قلندر شهباز جي شخصيت ۽ تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ به تاج صحرائي صاحب فڪرمند رهيو ۽ 1962ع ۾ شهباز ادبي ڪانفرنس جو قيام عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتائين ۽ اُها ادبي ڪانفرنس اڄ تائين جاري آهي. پاڻ حياتي تي آخري ڏينهن تائين ان شهباز ادبي ڪانفرنس جو بنيادي ميمبر ۽ ڪنوينر رهيو. سندس ايام ڪاري ۾ بهترين ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيا، جنهن ۾ ملڪ جي نامور اديبن عالمن شاعرن شرڪت ڪئي، پر افسوس اهو آهي جو هن يگاني جاکوڙي انسان جي نالي سان سنڌ ۾ ڪوبه ادارو يا روڊ نه آهي، جنهن سڄي ڄمار ادارا قائم ڪيا. تاج صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آهن، جن ۾ سنڌو تهذيب، پڻي لوڪ، انگريزي ۾ منڇر ڍنڍ جي مڪمل تحقيقي جائزي سان مرتب ڪيل ڪتاب عالمي شهرت رکي ٿو.
    نيڻين ننڊ اکوڙ، ڀٽائي سرڪار جي سرن تي مشتمل بهترين ڪتاب آهي، پر اڻلڀ آهي، ڇو ته هنن ڪتابن جا وري ڇاپا نه آيا آهن، جن جي ضرورت آهي. سنڌ جي هن سچي عاشق کي ڀونءِ جي هر ڀينڊ سان عشق هو. ايتري قدر جو سنڌ جي ڪچي، ڪاڇي پڪي، لاڙ سري مطلب ته ڪنڊ ڪڙڇ وڃي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، قبرستانن دڙن مان لڌل قديم ٺڪر پٿر گڏ ڪري طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ هڪ مني ميوزيم قائم ڪيائين.
    تاج صحرائي 28 آڪٽوبر 2002ع ۾ اسان کان وڇڙي ٿي ويو، پر سندس ڪم، ڪردار صدين تائين زنده رهندو:
    جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين. (شاهه)
    ( روزاني عبرت جي ٿوري سان)​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    تاج صحرائي سنڌ جو سڄڻ، سندس ياد ڏيارڻ لاء لک مهربانيون۔

    اسان جي دوست ممتاز وگهيو پاران تاج صحرائي بابت لکيل آزاد انور ڪانڌڙو جو ونڊ ڪيل ليک پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو