ڊاڪٽر ابراهيم خليل : قادر الڪلام شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي



    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ” خليل “ ، ولد محمد يوسف شيخ ، سنڌيءَ جو ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو . پاڻ 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . سندس وڏا ورهاڱي کان گهڻو اڳ حيدرآباد دکن کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا . ابراهيم خليل ابتدائي تعليم ، سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ ۾ ۽ قرآن شريف مولوي محمد عثمان نورنگزادي وٽ پڙهيو . نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ پڙهڻ کان پوءِ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين . ڊي . جي . سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ به متعلم رهيو . 1925ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم . بي . بي . ايس ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين . تعليم دوران هن ڳجهين بيمارين ، ، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين جي به سکيا ورتي . فارسي تعليم مولوي ميانجي عبدالحق کان ورتائين . ويانا ( آسٽريا ) ، رانچي ۽ بهار مان دماغي مرض جو اڀياس ڪيائين . ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فن ۾ ماهر هو . حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو . سر سي . جي . مينٽل هاسپيٽل گدو ( حيدرآباد ) ۾ چوڏهن سال سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو ، ۽ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي رٽائر ڪيائين .

    ڊاڪٽر ابراهيم خليل 1913ع ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا . پهريائين ’ غافل ‘ تخلص هوس ، پوءِ ’ خليل ‘ اختيار ڪيائين . ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي شاعريءَ ۾ استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم هو ، ۽ اردوءَ ۾ جناب عبدالله ميان ’ فضا ‘ دکني تلميذ حضرت داغ دهلوي هو . 1946ع کان 1957ع تائين ’ جمعيت الشعراءَ سنڌ ‘ جو صدر رهيو . ان طرح ڊاڪٽر صاحب ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي ، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي تي به ڪم ڪيو . سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو پڻ ميمبر رهيو . شاهه عبداللطيف ڀٽائي يادگار ڪائونسل جو شروع کان ئي رڪن رهيو . سندس ڪتابن ۾ ’ رهنمائي شاعري ‘ ( 4 حصا ) ، ’ بيت الله شريف جي تاريخ ‘ ، ’ -ادب ۽ تنقيد- ‘ ، ’ بلبلِ سنڌ ‘ ، ’ عبرت ڪده ‘ ، ( 3 حصا ) ، ’ سنڌي مثنويون ‘ ، ’ سنڌي رباعيون ‘ ، ’ سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر ‘ ، ’ ڪليات خليل ‘ ، ’ ديوان خليل ‘ ، ’ رباعيات خليل ‘ ، ’ گلزار خليل ‘ ، ’ انتخاب خليل ‘ ، ’ پنهنجا افسانا ‘ ، ’ پراوا افسانا ‘ ، ’ اسلامي افسانا ‘ وغيره . ڊاڪٽر صاحب جي صدر بازار حيدرآباد ۾ اسپتال مشهور هئي . جناب ڊاڪٽر خليل صاحب ، علم ۽ فن جي خدمتن جي سلسلي ۾ جو ڪجهه عملي طرح سان ڪم ڪيو آهي ، اهو نظر انداز ڪرڻ جهڙو ناهي . ان دور ۾ جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا ٽه - حرفا لفظ اعرابن سان استعمال ڪيا ويندا هئا ، وڏن وڏن شاعرن کي عروض جي ابتدائي مسئلن جي به خبر نه هئي ، تڏهن ” رهنمائي شاعريءَ “ نالي ڪتاب تاليف ڪري ڇپايائين . رهنمائي شاعري ، حصه اول ۾ ، مقدمه حاليءَ جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو ، ۽ ٻين ٻن حصن ۾ مثالن سان بحث ڪيو ويو . اهي ٽئي ڪتاب نه فقط نو آموز شاعرن لاءِ معلومات افزا آهن ، پر ڪهنه مشق بزرگن لاءِ به ڏاڍا ڪارائتا آهن .

    شعر و شاعري جي سلسلي ۾ هر انجمن ۽ هر مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ سندس مشغلو هو . سندس مخلصانه تعاون سان ’ ادب سنڌ ‘ جو اجراءَ ٿيو . جنهن سنڌي زبان ، ادب ۽ شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي . ان طرح ’ جمعيت الشعراءِ سنڌ ‘ جي تشڪيل ۽ تعمير به ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان ٿي ، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو ۽ پوءِ سالن جا سال صدارت جا فرائض انجام ڏيندو رهيو .

    ’ جمعيت الشعراء سنڌ ‘ پهريون علمي ادارو آهي ، جنهن جي انتظام هيٺ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ سال بسال عظيم الشان ادبي ڪانفرنسون ٿي گذريون آهن . انهن ڪانفرنسن جو لٽريچر ، مرحوم -امام بخش خادم- لاڙڪاڻوي ، ساهه سان سانڍيندو آيو ، سندس وفات کان پوءِ اهو سارو دفتر ضايع ٿي ويو . اهڙيءَ طرح سنڌي ادب مان هڪ تاريخي باب ختم ٿي چڪو آهي . بزم خليل ۽ انجمن ترقي اردو حيدرآباد ، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جا تاريخي شاهد آهن .

    ڊاڪٽر صاحب جامع الفنون رهيو آهي ، اديب ، نقاد ، شاعر ، -اهل- قلم ، مقرر ۽ انشا پرداز ، سندس ڪلام ، پخته ۽ شائسته ، عروض جو پابند ، عروض جي نازڪ ترين اصولن جو پابند ، زبان جي لحاظ سان درست ۽ فني لحاظ سان پختو ۽ زوردار آهي . هر صنف تي لکيو اٿس . غزل ، رباعي ، قطعو ، نظم ، مثنوي ، گيت ، بلڪ ڪافي به سندس ڪلام ۾ موجود آهي . سندس فن تي فارسي ۽ اردو ادب جو وڏو اثر آهي ، تاهم انفراديت ۽ افاديت قائم آهي .

    سندس تاليفات ۾ ’ عبرت ڪده ‘ ( افسانوي مجموعا ) سندس ’ مشاهدن ‘ تي مدار رکن ٿا ، جڏهن پاڻ گدو بندر اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ هو . تڏهن هزارين دماغي مريضن جي صحتيابيءَ لاءِ جيڪي نفسياتي طرح ڪوششون ڪيائين ، اهي سڀ ’ عبرت ڪده ‘ ۾ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيل آهن .

    اهڙيءَ طرح افسانا ، ڊراما ۽ ڊائلاگ پڻ ڪافي انداز ۾ لکيا اٿس . سنڌي ادب جي سڀني علمي رسالن ۾ ، سالن کان ، سندس علمي ۽ ادبي مقالا شايع ٿيندا رهيا . ڊاڪٽر خليل صاحب 18 نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
    ___
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو