سنڌي ماڻهن کي ليکو ڪرڻ اچي ئي ڪونه! حسين ڪپري هي سرڪار پنهنجو پنجن سالن جو مدو ڪيئن پورو ڪري رهي آهي:”طوفانن ۾ لُڏندي ڪَشتي ساحل کي حيران ڪري وئي!“ هو اسڪينڊل، هي اسڪينڊل، هڪڙو بحران، ٻيو بحران لڳو ٿي ته حڪومت سَٽ نه سهي سگهندي، ڄاڻ وئي، مگر توقع جي برخلاف ائين ڪو نه ٿيو ۽ اڃا قائم آهي! هڪڙا تبصرا نگار چون ٿا اهو ون مين شو آهي. يعني سڀ ڪجهه جناب صدر صاحب جي عقل تي پيو هلي، جنهن کي ٺهيل ٺُڪيل مضبوط پارٽي ملي. ٻيا وري چون ٿا ته نڪو انجڻ جي خوبي آهي نه ڊرائيور جو ڪمال بس سڄو گاڏو خدا جي سهاري پيو هلي.. ٽيا وري چون ٿا ته هي پهرين جمهوري حڪومت آهي جنهن اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير پنهنجا اختيار شهري سرڪارن جي حوالي ڪري پاڻ حڪومت ڪرڻ جي خفي مان جان ڇڏائي واندا ٿي ائين ويهي رهيا آهن، جيئن ڪا سَس ٽِجوڙي ۽ گهر جون چاٻيون نئين آيل ڪنوار جي حوالي ڪري پاڻ رٽائرڊ ٿي عبادتن ۾ مشغول ٿي ويندي آهي. وزير صاحبان جي بحث جو معيار ڏسي انهن جي ذهني صلاحيتن جو اندازو ٿي وڃي ٿو. هنن ٻٽي بلدياتي نظام بابت وضاحتون ڪرڻ ۽ سرڪاري موقف پيش ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي هو جڏهن ڳالهائين ٿا ته رڳو ٻن نظامن جي مخالفت ڪندڙن تي الزام بازي ڪن ٿا. مگر انهن دليلن ۾ لاجڪ ناهي عوام قائل ٿيڻ بدران سوال ڪري ٿو ته جڏهن پيپلز پارٽي نواز ليگ سان پنجاب ۽ مرڪز ۾ گڏجي حڪومت هلائي پئي ته اهو ٺيڪ هو ۽ آهي پر جي قومپرست رڳو انهن سان ڳالهيون ڪن ته اهو غلط آهي. جيتوڻيڪ مٿن طرح طرح جون تُهمتون لڳايون پيون وڃن پر هو پنهنجي مخالفت جاري رکيو اچن! پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته نواز شريف چوي ٿو ته پنجاب ۾ نوان صوبا ٺهن ته ڀلي وڃي ٺهن، پر هو سنڌ جي ورهاڱي جو زبردست مخالف آهي! حقيقت ۾ اهو موقف ته قومپرست پارٽين ۽ ٻين وطن دوست ڌرين جو آهي، جيڪي هر قيمت تي سنڌ ۾ ٻٽي بلدياتي نظام جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هيستائين پير صاحب پاڳارو، مرتضيٰ جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا سياستدان پير پڪا ڪري بيٺا آهن. هنن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو اشوز تي سياست ڪري سگهن ٿا، پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ اسٽينڊ وٺي ڄاڻن ٿا. کين لالچون ڏيئي هرکائڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون آهن. انهيءَ موقف جي حمايت ۾ غير سياسي ماڻهو يعني سنڌ جا ليڪک ۽ دانشور به ميدان تي لهي پيا آهن. ليکڪ ۽ دانشور قوم جو ضمير هوندا آهن. سياست ۾ غير جانبدار ۽ اقتدار جي مزن کان پري رهي هو اهي آئينه ساز انسان آهن، جيڪي ڏيکاريندا آهن ته غلط ڇا آهي ۽ صحيح ڇا آهي؟ تڪراري ٻٽو بلدياتي نظام نافذ ڪرڻ وارو قدم کڻڻ کان پهرين هنن سرڪار کي سمجهايو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ اڌ به نه رهندي. سمنڊ، بندرگاهه ، صنعتن ۽ گذر سفر جي وسيلن کانسواءِ ماڻهو نه گهر جا رهندا نه گهاٽ جا! جيترا اختيار هاڻي ميئر کي مليا آهن اوترا ته وزير اعليٰ وٽ به ناهن. هن ٻٽي لوڪل باڊيز سسٽم کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڏاکڻي صوبي سنڌ ٺاهڻ جو مڪمل قانوني، اخلاقي ۽ روايتي جواز بڻجي ويندو ۽ ان کي ڪٿي به چيلنج ڪري نه سگهبو پر حڪومت انهيءَ تي ڪن ڪونه ڏنو. مسڪين سنڌي ماڻهو رُلن ته ڀلي رُلي وڃن، تنهن ۾ هنن جو ڇا! کين فضيلت ڀرئي نموني سڌي طرح سان ڳالهين ذريعي سمجهائڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون آهن. چري ڪيئن ويران وير وڌ وارو معاملو هو ۽ آهي! ”هنن وڏن ماڻهن جو سنڌي عوام سان آخر ڪهڙو سڱ سياپو! هو پنهنجو اولاد ولايت م پڙهائين. پيسا سوئس اڪائونٽس ۾ رکن، گهر ولايت ۾ جوڙين، جي ڪو خراب وقت آيو ته هڻندا جُتي کي ڌڪ، وڃي ڪنهن ٿڌي ملڪ ۾ رهي پوندا! پويان ڪارڪن لڏو ڀلي پيو پيٽرول هاري پاڻ کي ساڙي ماري. مگر انهن ڳالهين جو هنن کي ڪهڙو سيڪ؟“ هڪ ڪامريڊ ميار ڏيندي چيو. اتي هڪ ٻيو سوال به پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن هڪ اتحادي ڌر کي اڌ صوبو ڏئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ڌارين ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ اهي به اسان جا ڀائر آهن، ٻه ٽي شهر انهن کي وهائي ڇو نه ڏجن؟ ڀائرن جو قربانيون نٿيون وساري سگهجن! جي کڻي اڃا تائين ماٺ ڪريو ويٺا آهن ته سندن صبر کي شابس هجي پر جيئن روايتي طرح چئبو آهي ته ڪنهن جي خاموشيءَ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، تنهن ڪري سڀاڻي ٻه ٽي ضلعا اهي به گهري سگهن ٿا! انهيءَ لاجڪ ۽ دليل جي حساب سان سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن ۽ ذاتين کي حصو پتي ملڻ گهرجي. جڏهن هيترا دعويدار اچي گڏبا ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، وڍي ڪوري، ورهائي ٽوڙي سڀني ڀائرن ۾ ورهائڻ کانسواءِ ڪير روڪي سگهندو! ڪجهه به هجي حڪمران طبقو چوي ٿو ته سنڌي ماڻهو هنن کان ڇِيهه ڪو نه ويندا. هو سچا آهن. جي هنن کي عوامي رد عمل ۽ پڪڙ پڇا جو ڊپ هجي ها ته ائين اسان وٽ مسئلن جا انبار نه هجن ها. جن ون يونٽ ٺاهيو، دريا لکي ڏنو، شهرن تي قبضا ڪرايا، ماڻهن انهن کي ڇا ڪيو؟ حقيقت اها آهي ته سنڌي ماڻهوءَ کي احتساب ڪرڻ جي عادت ئي ڪونهي، نه ته اسان وٽ شهيدن جي ايڏي وڏي ڊگهي لسٽ به نه هجي ها! شهيد مخدوم بلاول، شهيد شاهه عنايت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد نظير عباسي، شهيد بشير خان قريشي ۽ ٻيا هزارين گمنام شهيد!! اهو شروع کان وٺي ائين هو ۽ اڃا به ائين ئي آهي، وطن لاءِ جنهن به راههِ اجل ورتي ته ڄڻ ته اڪيلو ويو، پويان ڪنهن پوئواري ڪو نه ڪئي، ڪنهن انهن جي قاتلن جي گريبان کان ڪو نه پڪڙيو! هنن کي ظلم سهڻ جي عادت پئجي وئي آهي. اهوئي سبب آهي ته افغاني، بنگالي، برمي پنهنجي پنهنجي ملڪن مان ڀڄايل سڄي دنيا جا ماڻهو اسان تي شينهن آهن! حڪمران عوام جي نس نس جا واقف آهن. ماڻهن کي ليکو ڪرڻ جي عادت ڪونهي ۽ نڪو ليکو ڪرڻ اچين به ٿو! husainkapri@yahoo.com روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
تڏهن ته چوندو آهيان ته سنڌي قوم درويش آهي نه حساب ڪتاب جي خبر نه لهڻ جي ڪوشش ڪري ۔۔۔۔۔۔۔سائين۔۔۔۔ نثارابڙو جي ڳالهه درست آهي ته هي جمهوري ڌاڙيل آهن