اڄوڪو ڏينهن 19 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو.
    19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو.
    19 نومبر 1951ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره زينت امان جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1975ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو.
    19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي.
    19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو (ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي.
    19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي (شڪارپور) جي وفات ٿي.
    19 نومبر 2008ع نامياري شخصيت ۽ ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخاري جو انتقال ٿيو.

    حوالہ:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانہ ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الهه بخش شاهه بخاري:

    سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه، تعلقي ڪنڊياري ۾، صوفي بزرگ حاجي ٻُڍل شاهه ”حُسينيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه (موجوده ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول) مان ڪيائين. بي. اي 1954ع ۾ ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) 1966ع ۾ ڪيائين. 1950ع کان 1954ع تائين نورمحمد هاءِ اسڪول، ۽ 1958ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1- ۾ بحيثيت -استاد- ملازمت. جولاءِ 1958ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بطور پروڊيوسر مقرر

    ٿيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ پروگرام مينيجر، -بهاولپور- ۽ خيرپور ۾ -اسٽيشن- ڊائريڪٽر به رهيو، جتان 31 -آڪٽوبر- 1991ع تي رٽائر ڪيائين. 12 جون 1994ع کان 14 نومبر 1996ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    سيد -الهه بخش شاهه بخاري- صوفي مسلڪ جو ماڻهو هو، سلسلي ’قادريه‘ ۽ ’چشتيه‘ جو طالب هو ۽ انهيءَ نسبت جي ڪري راڳ سان گهڻو لڳاءُ هئس. ڪيترن ئي ناميارن راڳين سان سندس سٺا لاڳاپا رهيا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو