سائين جي ايم سيد: جنهن جو ايمان آزادي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ بيدل بيڪس بيوس طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. بيدل بيڪس بيوس

    بيدل بيڪس بيوس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2012
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    138
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جده _ سعودي عرب
    ڪو عظيم اڳواڻ، مفڪر ۽ فلسفي ڪنهن عام ماڻهوءَ کي سندس غير موجودگيءَ ۾ نالو وٺي ياد ڪري ته حيرت ۽ خوشيءَ وچان اُن شخص جي جهڙي حالت ٿيندي، بلڪل ايئن ئي ڊسمبر 1989 ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڪوٺايل سچل انٽرنيشنل ڪانگريس هلندي مون سان به ٿيو، جڏهن ڪنهن دوست ٻڌايو ته، هڪ اردو رسالي کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ سائين جي ايم سيد منهنجو ذڪر ڪيو آهي. مون انهيءَ مهل ئي اسٽال تي وڃي رسالو خريد ڪيو هو. سائينءَ سان ڪنهن ملاقات ۾ مون ذڪر ڪيو هو ته، پنهنجي ڳوٺ ڀريا ويندي ۽ موٽندي مون کي جيئي سنڌ تحريڪ جا جهنڊا تمام گهڻي تعداد ۾ نظر آيا هئا، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته قومپرست تحريڪ جو اثر سنڌ ۾ وڌي رهيو آهي. سائين جي ايم سيد ان حوالي سان منهنجو ذڪر ڪيو هو. سائينءَ جو مون کي ياد رکڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه هئي. مون اهو رسالو اڄ تائين سانڍي رکيو آهي.
    مون پهريون ڀيرو سائينءَ کي تڏهن ڏٺو هو جڏهن حيدر آباد ۾ مسلم ڪاليج هاسٽل جي گرائونڊ ۾ سائينءَ جلسي کي خطاب ڪيو هو. اهو سال شايد اُڻويهه سئو ايڪهتر جو هو ڇو ته، شهدادپور جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ اُڻويهه سئو ستر ۾ مئٽرڪ دوران سنڌي شاگردن ۽ استادن تي رانگڙن خوني حملو ڪيو ۽ اسڪول بند ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ اسان به حيدر آباد لڏي آيا هئاسين ۽ مان تعليم جو هڪ سال وڃائڻ کانپوءِ سچل ڪامرس ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخل ٿيو هئس. مون هڪ عام ماڻهوءَ وانگر پري کان بيهي سائينءَ جي تقرير ٻُڌي هئي. اهو زمانو منهنجي اندر سنڌيت پئدا ٿيڻ جي ابتدا وارو هو جو رانگڙن جي حملي منهنجي سوچ بدلائي ڇڏي هئي. سائينءَ جي تقرير ۽ پوءِ سندن ڪتابن منهنجي نظرياتي رهنمائي ڪئي.
    اُن جلسي کان پوءِ وڏي عرصي تائين نه مون سائينءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي ملاقات ٿي پر تعليم پوري ڪري اُڻويهه سئو ڇاهتر کان ڪراچيءَ ۾ صحافت شروع ڪرڻ سان جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ سائينءَ جي پوٽن سان منهنجي ويجهڙائپ وڌي وئي ۽ حيدر منزل تي اچڻ وڃڻ شروع ٿيو ته سائينءَ سان به ملڻ جا موقعا مليا. ڪڏهن ٻين سان گڏ ته ڪڏهن خُلاصي ڪچهري به ٿيندي هئي. سائينءَ سان اڪيلين ڪچهرين جو موقعو دوست سيد غلام شاه جي ڪري ملندو هو جيڪو فون ڪري گهرائي وٺندو هو. سائين حيدر منزل جي لائونج ۾ دريءَ ڀرسان ڪنهن اونهي سوچ ۾ ٻُڏل ويٺو هوندو هو ته، اسان به وڃي ڀرسان بيهندا هئاسين ۽ سيد غلام شاهه ٻُڌائيندو هئن ”سائين! نصير اعجاز اچي ويو آهي.“
    سائين مون کي ان ڪري به ياد رکندو هو جو سندس ڪي جهونا يار منهنجي ڳوٺ جا رهواسي هئا جيڪي ورهاڱي وقت هندستان لڏي ويا هئا. سائين نه رُڳو سندن ڳالهيون ڪندو هو پر کيس پنهنجي جوانيءَ جي زماني جو صحافي ڪاڪو گُرداس واڌواڻي به ياد هو جيڪو تن ڏينهن ۾ ساڻس ملندو رهندو هو. مان حيران ٿيندو هئس ته پيرسنيءَ ۾ به سندس حافظو تيز هو جڏهن ته ڪن ماڻهن کي شڪايت هوندي هئي ته سائين کين سُڃاڻي به نٿو.
    اڪيلين ڪچهرين ۾ مان سائينءَ کان سنڌ جي حالتن، پاڪستان جي مستقبل ۽ ٻي صورتحال تي سندن ويچار معلوم ڪندو هئس. تن ڏينهن ۾ مون وٽ ڪو رڪارڊر هجي ها ته سائينءَ جون ڳالهيون هڪ اثاثي جيان مون وٽ سانڍيل هجن ها پر ان جي باوجود مان اڄ به سندن ڳالهين کي من ۾ محفوظ رکندو پيو اچان. اُڻويهه سئو اٺاسيءَ ۾ سندن ڳوٺ سن ۾ سنڌ قومي اتحاد ٺهڻ واري تاريخي موقعي تي سائينءَ مون کي هڪ اجرڪ سُوکڙي ڪري ڏنو هو جيڪو پڻ اڄ تائين مون وٽ محفوظ آهي.
    هندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻه نوان ملڪ ٺهڻ ۽ وري پاڪستان جا ٻه ڀاڱا ٿيڻ ۽ باقي رهيل پاڪستان جي مستقبل بابت سائين چوندو هو: قدرت جا ڪي اصول مقرر آهن.انهن اصولن تحت ٺهڻ ۽ ڊهڻ Integration ۽ Disintegration جو عمل هميشه جاري رهندو آيوÕآهي.جيڪو ڪجهه غير فطري طور ٺهيو هوندو اهو لازمي طور ڊهندو ۽ هن ملڪ سان به ائين ئي ٿيڻو آهي. آزادي سائينءَ جو ايمان هو ۽ سندن چوڻ هو ته قدرت جي عمل سان گڏ جدوجهد بهرحال لازمي آهي.
    اردو اخبارون سائينءَ جي ڳالهين کي سدائين غلط رنگ ڏئي ڇاپينديون هيون. آمر جنرل ضياء جي زماني ۾ سائينءَ ڪنهن اردو صحافيءَ جي سوال تي وراڻيو هو : جنرل ضياء ڏاڍو سُٺو ماڻهو آهي ڇو ته جيڪو ڪم اسان کي ڪرڻو آهي (ملڪ کي ٽوڙڻ) اهو هُو ڪري رهيو آهي.
    اُردو اخبارن ان ڳالهه کي غلط رنگ ڏئي خبر ڇاپي ته ،”جي ايم سيد ني جنرل ضياء ڪي تعريف ڪرتي هوئي ڪها ڪه جنرل ضياء بهت اڇا آدمي هي.“ ان غلط خبر هلائڻ جو مقصد سنڌين ۾ سائينءَ بابت غلط تاثر پيدا ڪرڻ هو. هي اهو زمانو هو جڏهن ڀُٽي صاحب جي شهادت جو ڏک سنڌين جي دلين ۾ اڃا تازو هو ۽ ڪنهن سنڌيءَ وٽان ڀُٽي صاحب جي قاتل جي ساراهه ڪير به پسند نٿي ڪري سگهيو. ان وقت ڀُٽو خاندان ۽ سائينءَ جي وچ ۾ سياسي دشمنيءَ کي به اردو اخبارن ۾ گهڻو ڇاپيو ويو هو ته، جيئن سنڌ اندر پيپلز پارٽي ۽ قومپرستن وچ ۾ وڇوٽيون وڌائي سگهجن.
    پر سائينءَ جي مختلف سوچ جو مان شاهد آهيان.شهيد بينظير ڀُٽو جي پهرين حڪومت ۾ سائين جي ايم سيد سندس غير مشروط حمايت جو اعلان ڪرڻ وارو هو پر افسوس جو تحريڪ جي اندر ئي ويٺل ايجنسين جي ماڻهن کيس اهڙو موقعوئي ڪونه ڏنو بلڪه اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو پ پ پ حڪومت ۽ سائينءَ جي وچ ۾ وڇوٽيون اڃا وڌي ويون.
    هڪ ڏينهن اڪيلي ڪچهريءَ ۾ سائينءَ چيو هو: بينظير سنڌ جي نياڻي ۽ وڏي قابل عورت آهي. بينظير کان پوءِ جيڪو به حڪمران ايندو اهو انتهائي نااهل ۽ بد فطرت هوندو، تنهنڪري مون سندس غير مشروط حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو اعلان مان ٺٽي ۾ پنهنجي پهرين جلسي ۾ ڪندس.
    ٺٽي وارو جلسو سائينءَ جي عوامي مهم جو پهريون جلسو هو پر ان کان اڳ ئي تحريڪ جي ڪن خاص ماڻهن سيد تي اثر وجهي کيس اهڙو اعلان ڪرڻ کان في الحال روڪي ڇڏيو ۽ ٺٽي کان وري سکر هوائي اڏي تي پهچائي اهڙو ماحول ٺاهيو جو سائينءَ تي جهنڊي وارو ڪيس داخل ٿي ويو ۽ گرفتاريءَ کان بچائڻ لاءِ کين گاڏيءَ ۾ ويهاري سنڌ جي سرحد تي وڃي کين گرفتار ڪراين جتان سائينءَ کي آڻي ڪراچي جيل ۾ رکين.
    سائينءَ کي ڪڏهن به گرفتاريءَ جو ڊپ نه هوندو هو. سڄي حياتي گرفتارين ۽ نظربندين ۾ رهندي عمر جي ان حصي ۾ ته پاڻ چوندا هئا ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو هجي ڀلي اچي ڪري. هڪ ڀيري ته شايد سنڌ هاءِ ڪورٽ حاضر ٿيڻ جو نوٽيس موڪلين ته به اهو ئي جواب موڪلين.
    اڄ سائين جسماني طور موجود ڪونهي پر سندس سوچ ۽ فلسفو اسان وٽ رهنمائيءَ لاءِ موجود آهي، پر مان سوچيان ٿو ته ڇا اسان سندس ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون يا اهي سڀ مقصد ۽ منزلون وساري ڪي ٻيا گس وٺي پيا هلون؟ ڇا سنڌين جي ايڪي وارو سندن خواب پورو ٿي سگهيو آهي يا مورڳو ئي ويڇا وڌائي هرڪو ڏيڍ سِر جي مسيت ٺاهي الڳ ٿيو ويٺو آهي؟ اهڙا گهڻائي سوال ذهن ۾ اُٿي رهيا آهن جن جا جواب تحريڪ جي هر عام ڪارڪن کان ويندي انهن جي اڳواڻن توڙي سائينءَ جي پوٽن کي پاڻ کان به پُڇڻ گهرجن ۽ کين ئي انهن جا جواب به ڏيڻ گهرجن.
    نصير اعجاز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين جي ايم سيد ٻين کي عزت ڏيڻ سکيو هيو ۔۔۔ذوالفقار ڀٽي يا محمد علي جناح جو سخت مخالف هيو پر پوءِ به چوندو هو ته سنڌ هن صديءَ ۾ تمام ڏاها شخص پئدا ڪيا پر افسوس سنڌ جي ڪم نه آيا ۔۔۔ انهن ۾ ڀٽي ۽ جناح کي شامل ڪندو هو ۔۔۔ مطلب هو انهن کي ڏاهو شخص چوندو هو ۔۔۔ اها سائين محترم جي ايم سيد جي وڏ ماڻهائپ هئي جو مخالفن جي به تعريف ڪندو هو ۔۔۔ پر اها مخالفن جي گهٽتائي هئي جو کيس هميشه کيس گهٽ لفظن ۾ ياد ڪندا هيا ۔۔۔

    مان ته چوان ٿو ته جي ايم سيد سنڌ جي گذريل ۽ موجوده صديءَ جو سڀ کان وڏو ڏاهو ۽ سنڌ جو خيرخواهه شخص پئدا ٿيو ۔۔۔ ۽ سچ جو ساٿي جو پنهنجي خلاف ڳالهيون نه فقط برداشت ڪندو هو بلڪ ٻين ماڻهن کي عام ٻڌائيندو رهندو هو ۔۔۔

    اهڙا ماڻهون صدين ۾ پئدا ٿيندا آهن بلڪ ڪڏهن ڪڏهن صدين ۾ پئدا ڪون ٿيندا آهن۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو