سچل ڳوٺ ڪراچي جي انهن ڳوٺن مان آهي جتان جا شاگرد چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ته ڪاميابي ماڻيندا رهيا آهن پر تازو سچل ڳوٺ سان تعلق رکندڙ سونهن لڌي رستماڻي پينسلوانيا اسڪالر شپ حاصل ڪندڙ پهرين سنڌي شاگردياڻي بڻجي وئي آهي۔ ڪراچي يونيورسٽي جي لائبريري سائنس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پهرين سنڌياڻي آهي جنهن 2012 جي آمريڪي حڪومت جي اسڪالرشپ تي ڪلرين يونيورسٽي پينسلوانيا ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي۔
سونهن رستماڻي ڪراچي يونيورسٽي جي پهرين سنڌياڻي آهي جنهن پنهنجي محنت ذريعي اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ سونهن لڌي رستماڻي سماجي اڳواڻ ڪرم رستماڻي جي نياڻي آهي۔ هن ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ مان جڏهن ته انٽر گلشن اقبال سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج مان پاس ڪئي۔ سونهن رستماڻي اخبارن ۾ ڪالم به لکندي رهي آهي۔
سونهن رستماڻي وائيٽ هائوس سميت ٻين ادارن ۾ پهچي سنڌي ثقافت جون شيون اجرڪ، گج ۽ رليون تحفي طور پيش ڪيون جنهن جي گهڻي تعريف ٿي آهي۔
روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي چيئرمين تاج محمد وساڻ سونهن راڻي جي ڪاميابيء تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان سنڌي هاڻي تعليم ذريعي ئي انقلاب آڻينداسين۔ هن روشن تارا اسڪول انتظاميه پاران سونهن راڻي ۽ سندس والدين کي مبارڪباد ڏني آهي۔