تعليمي تصور سان سلهاڙيل سماجي تبديلي رفيق وساڻ عام طور تي هي خيال آهي ته ڄاڻ، علم يا تعليم ڪنهن به سماج ۾ سماجي تبديلي ۽ ترقيءَ جو بنيادي محرڪ هجي ٿي. ان بنيادي نقطي جي حوالي سان ئي اسان اڪثر ڪري علم ۽ تعليم کي جهالت خلاف اهم هٿيار سمجهون ٿا. ان ۾ ڪو ٻيو رايو نه آهي ته تاريخي طور تي علم، ڄاڻ ۽ تعليم سماجن کي بدلائڻ ۾ بنيادي محرڪ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص ڪري همعصر جديد دور جي سماجي، معاشي تقاضائن ۽ حالتن پٽاندر ڄاڻ ۽ تعليم کي ئي ڪنهن به رياست ۽ سماج ۾ رهندڙ فردن جي ترقي ۽ سماج جي مجموعي تبديلي ۽ ترقيءَ جو اهم جز تصور ڪيو وڃي ٿو. ان تصور تحت ئي تنقيدي تعليمي تحقيق واري ڊسڪورس ۾ تعليم ۽ سماج جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي کي اهم نوعيت ۽ هيت طور جاچيو وڃي ٿو، يعني تعليم ۽ سماج هڪٻئي تي اثرانداز ٿي تبديليءَ جي راهه هموار ڪن ٿا، علم يا تعليم جي ان ايڏي وڏي تصور جي پيشِ نظر، ان کي سماجي معاشي ترقي، سياسي شعور، تبديلي، آزادي، خود مختياري ۽ سماجي انصاف سان سلهاڙيو وڃي ٿو. سماجي انصاف، سماجي تبديلي ۽ ترقي سان جڙيل اهڙو تعليمي تصور ۽ نظام جيڪو سماج ۾ موجود طبقاتي، نسلي، گروهي ۽ مذهبي اڻبرابريءَ کي ختم ڪري برابري، آزادي ۽ ترقي کي هٿي ڏي. يعني تعليم ۽ علم جو سئون سڌو تعلق ۽ ڪردار سماجي انصاف جي آفاقي تصور کي عملي شڪل ڏي، نه ڪي ڪنهن طبقاتي، نسلي ۽ گروهي برتري ۽ اڻ برابريءَ کي هٿي ڏي. تعليم ۽ تعليمي نظام جو وسيع تصور دراصل انساني آزادي ۽ سماجي انصاف جي عڪاسي ڪندڙ آهي، جنهن کي برازيل سان تعلق رکندڙ عظيم تعليمي ماهر ۽ ڏاهي پالو فراري ”تعليم مظلومن لاءِ“ يا ”آزادي بخشيندڙ عمل“ (Practice of freedom) سان منسوب ڪيو آهي. پالو فراري مطابق تعليم يا علم اهو آهي، جيڪو فردن اندر تنقيدي شعور کي بيدار ڪري ۽ فرد ان تنقيدي شعور کي استعمال ڪندي سماجي تبديلي ۽ انصاف جي راهه هموار ڪن. مٿي ذڪر ڪيل پالو فراري جي تعليمي فڪر جي حوالي سان علم ۽ تعليم جي اصل ڪردار وارو ڊسڪورس، پاڪستاني رياست ۽ سماج ۾ وڌندڙ طبقاتي، نسلي، گروهي، سرمائيدار ۽ جاگيردارڻي مفادن واري بحران ۾ هڪ اهم تجزياتي بحث آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن تعليم درس و تدريس ۽ علم جي اصل مقصد ۽ افاديت کي جاچجي. نه صرف ايترو پر اهو به پرکجي ته ڪنهن به رياست يا سماج ۾ موجود طاقتور ڌريون ۽ طبقا تعليم ۽ تعليمي نظام وسيلي پنهنجو ڏاڍ، جبر ۽ اقتدار ڪيئن ٿا قائم ڪن؟ سو اهو سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته تعليم ۽ علم صرف ۽ صرف ۽ هميشه جهالت خلاف يا مظلوم جو هٿيار نٿو هجي پر طاقتور ۽ اقتدار پرست طبقا تعليم کي طاقت جي هٿيار طور هيڻن طبقن کي محڪوم بڻائڻ ۽ پنهنجي اجاراداري قائم ڪن ٿا. جنهن جو هڪڙو سادو ۽ عام فهم مثال تعليمي نظام اندر موجود اڻبرابري آهي، جنهن تحت سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي پنهنجي راءِ اعليٰ سهولتن سان آراسته انگريزي ميڊيم اسڪولن کي هٿي ڏني آهي، جڏهن ته غريب ۽ لاچار طبقن لاءِ اهڙو اسڪولنگ سسٽم ڇڏيو آهي، جنهن ۾ استادن کي وقت تي ڊيوٽي نه ڪرڻ جي به ”سهولت“ مليل آهي. هڪ طرف اهي اپر ڪلاس پرائيويٽ اسڪول، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن، جيڪي ڪلاس رومز کان ويندي ڪيفيٽيريا تائين، لائبريري کان ويندي ڪتابن ۽ ڪورسز جي چونڊ تائين، جديد ۽ مهانگي سهولتن سان آراسته آهن ته ٻئي طرف سرڪاري بي ڌيانيءَ جي ور چڙهيل اهي تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون آهن، جن مان هر سال غريب طبقي جا ٻار ڊگريون وٺي بيروزگارن جي لشڪر ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. هن سڄي بحث ۾ انتهائي اهم ۽ تنقيدي سوال هي آهي ته ”ڪهڙي تعليم، ڪنهن لاءِ ۽ ڇا لاءِ؟“ يعني تعليم ڪهڙن طبقن لاءِ، تعليم جي افاديت ۽ ان تعليم يا تعليمي نظام جو ڪهڙو ۽ ڪنهن کي فائدو رسي رهيو آهي؟ مثال طور پاڪستان ۾ ڪو به هڪڙو يونيفارم تعليمي نظام نه آهي، بلڪه طبقاتي سرشتي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ اسڪول، سرڪاري اسڪول، سنڌي، اردو ميڊيم اسڪول ۽ مدرسا وغيره اچي وڃن ٿا ۽ انهن سڀني قسمن جي تعليمي نظامن جو پنهنجو مخصوص ڍانچو ۽ مقصد آهي، جنهن تحت ٻارن جي سکيا ۽ تربيت ٿئي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙي طبقاتي تعليمي نظام جي نتيجي ۾ ان جا سماج ۽ رياست تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ان سوال جو جواب سمجهڻ بنهه آسان آهي، ظاهر آهي ته جيڪو ٻار مدرسي واري تعليمي نظام مان سکيا وٺي نڪرندو اهو مولوي ٿيندو. جڏهن ته آءِ بي اي (IBA) مان ڊگري حاصل ڪندڙ ٻار ڪنهن وڏي سرمائينداراڻي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ نوڪري وٺي شاهاڻي زندگيءَ جو موقعو حاصل ڪري وٺندو. ساڳئي ئي بحث سان سلهاڙيل ٻيو اهم سوال تعليم يا تعليمي نظام جي ڪردار ۽ افاديت جو آهي، يعني جيئن ته تعليم ۽ تعليمي نظام جو سڌو سنئون تعلق سکيا ۽ تربيت سان جڙيل آهي. سماجي سائنس جي تجزيي ۽ خاص ڪري پالو فراري جي وسيع تعليمي تصور جي حوالي سان ان سوال کي ائين به بيان ڪري سگهجي ٿو ته ڇا تعليمي سکيا ۽ تربيت، سياسي ۽ سماجي شعور جي صلاحيت ۽ سگهه بيدار ڪرڻ سان ڪيتري سلهاڙيل آهي ۽ اهو تنقيدي شعور سماج ۾ موجود فرسوده قدرن کي ٽوڙي سماجي تبديلي آڻڻ ۾ ڪيتري قدر ڪارفرما هجي ٿو؟. مثال طور اسان جڏهن اهو چئون ٿا ته تعليم ۽ علم مظلومن جو هٿيار آهي يا سماجي تبديلي ۽ ترقي جو اهم محرڪ آهي ته پوءِ اسان جي سماج اندر پڙهيل لکيل ۽ تعليمي يافته ماڻهن جي شعوري سگهه ۽ صلاحيت سماج ۾ موجود اڻبرابري ۽ فرسوده رسمن تي ٻڌل سماجي جمود کي ٽوڙڻ بجاءِ وڌيڪ سگهارو ڇو ڪندي رهي آهي، يا جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ رائج تعليم ۽ تعليمي نظام سماجي تبديلي ۽ شعور واري تصور کان بلڪل خالي آهي ۽ ان جو ان حوالي سان ڪو به ڪردار ۽ ڪارج ڪونه آهي. اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو ايم اي، ايم ايس سي ۽ ايم بي اي پاس آهن پر پوءِ به انهن مان جاگيرداراڻا رويا، عورت مخالف رويا، ڪرپشن، اقربا پروري جهڙا منفي رويا ۽ عمل ڇو ڪونه گهٽ ٿي سگهيا آهن. يعني جيڪڏهن ڪو به يونيورسٽي جو ليڪچرار يا پروفيسر به ان فرسوده سوچ جو مظاهرو ڪري ته ”ڪارو ڪاري سنڌ جي ثقافت آهي“ ته پوءِ اهڙي تعليم يا تعليمي نظام جي سکيا ۽ تربيت جي سياسي ۽ سماجي شعور جي حوالي سان باقي وڃي ڪهڙي افاديت ۽ معيار ٿو بچي. هن مضمون ۾ هن هيڏي ساري بحث ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اسان تعليم ۽ تعليمي نظام کي سماجي تبديلي، برابري ۽ آزادي جهڙن انسان دوست تصورن، روين ۽ عملن جي دائري ۽ روشني ۾ سمجهون ته جيئن اسان هڪ اهڙي سماج جي تعمير ڪري سگهون، جنهن اندر تعليم جو بنيادي سياسي ۽ سماجي مقصد انساني برابري، انساني ترقي ۽ تبديلي هجي نه ڪي ڪنهن خاص طبقي ۽ گروهه جي مفادن ۽ طاقت جي واڌ ويجهه ٿئي. اهڙا سماج جن جا بنياد سماجي انصاف ۽ برابري جهڙن آفاقي ۽ انسان دوست قدرن تي جُڙن ٿا اهي سماج ئي صحيح معنيٰ ۾ انساني ترقي ۽ مهذ پڻي جي معياري وصف کي پورو لهن ٿا. موجوده حالتن ۾ سنڌي سماج کي اهڙي وسيع تعليمي تصور جي ضرورت آهي، جنهن جو ترجيحي مقصد سماجي تبديلي سان سلهاڙيل هجي.