سٺي حڪمراني۔۔۔۔،،، هڪ خواب!! (مهتاب اڪبر راشدي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    سٽي حڪمراني۔۔۔۔،،، هڪ خواب!!


    (مهتاب اڪبر راشدي)

    سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو به ڪمال آهي، هزارين ميل پري ويهي به سينڊي نالي طوفان جا نظارا پنهنجي ٽيليويزن جي اسڪرين تي ڏسي سگهون ٿا. اوباما جي ٻيهر کٽي اچڻ جا منظر به ڏٺاسين ته رومنيءَ جو پنهنجي شڪست مڃيندي خاموشي سان پس منظر ۾ غائب ٿيندي به ڏٺوسين، انهيءَ سڄي طريقي ڪار ۾ سڀ کان متاثر ڪندڙ شئي هئي ”برداشت“. جنهن جو ڏيک اليڪشن جي هر مرحلي تي نظر آيو. لفظن جا تير ته ٻنهي وٽ هئا پر انهن جي استعمال ۾ به اهڙو احتياط نظر آيو جو ڪنهن جي عزت نفس مجروح نه ٿي. بحث مباحثن دوران ٻنهي پاسي جوش ته هيو پر هوش جو دامن ڪنهن به هٿان نه پئي ڇڏيو. هڪ ٻئي جي سامهون ساڳئي پليٽ فارم تي بيهي، پنهنجين پاليسين جو دفاع به ڪيائون پئي ۽ تنقيد به ٿي پئي. پر نه ته هڪ ٻئي جو منهن پٽيائون نه ئي هڪ ٻئي کي گار گند ڪئي وئي. نه رستن تي پٿر بازي ٿي. نه ئي ڪارن جا شيشا ڀڳا. بارڪ اوباما ۽ مٽ رومني جي مباحثن دوران ڪنهن به هڪ ٻئي کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. نه ”شٽ اپ“ چيائون ۽ نه ئي وري اها ڌمڪي ڏنائون ته تو کي خبر ناهي ته تنهنجو ڪهڙو حشر ڪري سگهجي ٿو” اڃا ته اسان ڪجهه ڪيو ئي ناهي. توهان ته ڪجهه ڏٺو ئي ناهي! جن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. انهن ته اهو سڀ ڪجهه ڏٺو، ٻڌو ۽ سَٺو پر اهو سڀ سڄي دُنيا، بالخصوص، پاڪستان ۽ خاص الخاص سنڌ جي ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ ٽيليويزن جي ذريعي پڻ ڏٺو. اهو هڪ اهڙو سينڊي طوفان هو، جنهن ۾ اسيمبليءَ جا هڙئي قائدا قانون هڪ ڌڪ ۾ اڏامي هليا ويا. ۽ اخلاق، شائستگي ۽ فضيلت ۽ شرافت جون ڌچيون اُڏامي ويون. ماڻهن تي پنهنجن چونڊيل نمائندن جا ڪارنامه ته اڳ ۾ ئي واضح ٿي چڪا آهن. پر هن واقعي کان پوءِ سنڌ جو هر ماڻهو هاڻي هنن جي تدبر ۽ معتبري جو اڳ کان به گهڻو معترف ٿي چڪو آهي کين اها به خبر آهي ته انهن اسيمبلين ۾ ٿيندڙ قانون سازي هنن جي مستقبل جي بهتريءَ لاءِ نه بلڪه سندن ۽ ايندڙ نسلن جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳَٽُ وجهڻ لاءِ ڪئي ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ واسين جون گهڻيون غلط فهميون ته ائين ئي دور ٿي چڪيون هيون، پر عام ماڻهن کي جمهوريت ۽ جمهوري اقتدار جا سبق ڏيڻ وارا پاڻ جمهوريت جا ڪيترا علمبردار آهن، سا پت به وائکي ٿي وئي.
    اسيمبليءَ جا ايوان هڪ مقرر ضابطي تحت ڪم ڪندا آهن. اُتي ويهندڙ ميمبرن تي پنهنجي حلقي جي ماڻهن طرفان وڏي ذميواري ڏنل هوندي آهي. اهي هُنن جي ڀروسي جا امين هوندا آهن، کين اها به خبر هوندي آهي ته ساڳي پڳ ٻيهر پائڻ لاءِ وري انهن ماڻهن وٽ ئي موٽي وڃڻو پوندو. ساڻن ڪيل واعدن جو حساب ڪتاب ته کين ڏيڻو ئي پوندو.
    اها به حقيقت آهي ته حزب اقتدار جي هر عمل تي سڀني جون نگاهون هونديون آهن. عام ماڻهن جون حڪومت ۽ حڪمرانن ۾ وڏيون تو قعات هجن ٿيون. هو سمجهن ٿا ۽ صحيح ٿا سمجهن ته سندن تڪليفون دور ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي. کين روزگار مهيا ڪرڻ مٿن لازم آهي. امن امان کي يقيني بنائڻ حڪومت جو بنيادي فرض آهي. ٻارن لاءِ نه رڳو تعليم بلڪه معياري تعليم مهيا ڪرڻ هنن لاءِ ترجيح هئڻ گهرجي. ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته کين رڳو اڄ لاءِ ئي نه سوچڻو آهي، بلڪه پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ اهڙا ڪم ڪري وڃڻا آهن ۽ اهڙا مثال قائم ڪرڻا آهن. جيڪي عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪن. اهڙا ڪُڌا ڪم نه ڪن. جيڪي اڄ ۽ ايندڙ وقت لاءِ جنجال بڻجي وڃن.
    حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي، اسان سڀني جي آڏو آهي. وزيرن جو طرز حڪمراني به ڏٺو وائٺو آهي. توهان ڪجهه نه ڪيو، سندن آفيسن جو رڳو هڪ ڦيرو ڏيو. سنڌ سيڪريٽريٽ مان گهمي اچو. خبر پئجي ويندي ته قائدا ۽ قانون ڪيئن پامال ٿيندا آهن ۽ عام ماڻهو جنهن وٽ پئسو ۽ سفارش ناهي، اهو پنهنجي جائز ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪيئن در بدر ڦرندو ٿو وتي. وفاقي يا صوبائي سرڪار جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ته حڪمران پارٽي ”خودڪشي“ جي مهم تي نڪتل آهي. ڪي ته بلڪل خودڪش حملا آورن جو ڪردار پيا ادا ڪن. پاڻ ته مرندا پر ٻين کي به تباهه ڪري ويندا سنڌ ته هڪ عرصي کان اهڙي مهم جو شڪار آهي. پر پهرين آڪٽوبر کان جيڪو ممڻ مچايو اٿن، تن تي شرمساري ته پري رهي پر اسميبليءَ اندر شائستگي کي پٺيان ڇڏڻ جي مقابلي ۾ به حڪومتي وزيرن هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ته کين ڪو ٽارگيٽ مليل هجي. جنهن جو پورائو ڪرڻ تي چاڪليٽ انعام طور ملڻو هجي. هڪ همراهه کي ته ٻئي ڏينهن ئي پروموشن ملي ويو! ۽ پارٽي جي مرڪزي عهدي تي کڄي ويو. اخبارن ۾ مبارڪبادن جا ٺَڪاوَ شروع آهن. اهو پڇڻ لازم آهي ته انهن اشتهارن جا پئسا ڪنهن جي هڙ مان پيا نڪرن سو لڳي ٿو ته سياست ۾ ڄمي رهڻ جي پيمانن ۾ زمين سان وفاداريءَ بجاءِ قيادت جي ڪمداري ۽ جي حضوري، شرط اول آهي! باقي عوام جي لاءِ صرف خالي لفظ ۽ ڪوڙا دلاسا رهجي ويا آهن. هاڻي اهو واضح ٿي ويو آهي ته خانداني هئڻ جا معيار به مٽجي ڪنهن وڏي خاندان سان تعلق هئڻ لاءِ ضروري ناهي ته تهذيب يافته به هججي؟ ضروري ته ناهي ته هروڀرو فضيلت به ڏيکارجي؟ وزيرن جي هن مهذب طرز عمل جو مظاهرو صدر صاحب جي ان بيان کان پوءِ ظهور پذير ٿيو آهي. جنهن ۾ هُن، پنهنجي سنڌ واري ٽيم جي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگيءَ تي مايوسي جو اظهار ڪيو هو. منهنجو خيال آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي گذشته ڪارروائي نه صرف وڏن صاحبن کي تفريح مهيا ڪئي هوندي بلڪه سندن حوصلا به بلند ڪيا هوندا. هتي ڪهڙي ڪهڙي شيءَ جو افسوس ڪجي. سنڌ واسين جي، پنهنجي حقن تي ڌاڙي جو صدمو اڃا جاري آهي. احتجاج کٽن نه ٿا، هر مڪتبه فڪر پنهنجي طريقي سان پاس ٿيل قانون کي ننديو آهي ۽ اهو قانون نندبو رهندو، جيستائين ان جو خاتمو نه ٿو اچي.
    حڪمران ڌُر جي بيحسي ثابت ٿي چڪي. ان قانون جي بچاءُ ۾ هنن وٽ ڪي به دليل ناهن. مخالف ڌر کي هو ڪيترو به گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ بدتهذيب قرار ڏين. پر حڪومتي بئنچن تي ويهي جنهن اخلاق جو مظاهرو پاڻ ڏيکاريو اٿن. سو اسپيڪر صاحب جي مهربانيءَ سان (جنهن ڪنهن به غير پارلياماني اکر کي اسيمبليءَ جي ڪارروائي مان حذف نه ڪرايو) اسيمبلي رڪارڊ جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ ايندڙ نسل ان اجلاس جي ڪارروائي کي پڙهي، نه صرف حيران ٿيندا، بلڪه هنن ميمبرن جي رويي تي افسوس ضرور ڪندا. انهيءَ اجلاس جي ڪارروائي دوران وزير صاحبن جي تقريرن ۾ مخالف ڌر تي جيڪي حملا ڪيا ويا. تن ۾ اهو به چيو ويو ته هو مشرف جا ساٿاري رهيا آهن. حيدرآباد کي تقسيم ڪرڻ مهل ڇو نه ڪڇيا، جو هاڻي ٿا احتجاج ڪن. اوڏي مهل ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا سندن ان دليل تي حيران هئا ته، مخالف ڌر کي ته بيشڪ اهي طعنا ڏيڻ سندن حق آهي. پر هو پنهنجن جن ساٿين جي خدمت گذاري لاءِ هٿان نڪتا پئي ويا. انهن جي ماضيءَ تي سندن نظر ئي ڪانه ٿي پوي!!
    جيڪو ضياءُ الحق جي هٿن ۾ ڄاوا ۽ مشرف کي پالين تاتي وڏو ڪيو… جيڪي اڄ سندس پارٽينر تصور پيا ڪن وڃن. اُهي کين قابل قبول آهن! باقي هَلان اُنهن تي جيڪي ڌرتي ڌڻي آهن ۽ کين اها لڄ پيا ڏيارين ته هنن چند ڪرسين ۽ اقتدار خاطر ڌارين وٽ ڌرتي کي گروي رکي چڪا آهن!؟
    اهو منظر به عبرت انگيز هو ته جڏهن وزير صاحبان مخالف ڌر سمان جهيڙي ۾ رُڌل هئا ته سندس ”نوان ڪامريڊ“ ان تماشي کي نهايت ”بردباري“ ۽ خاموشي سان ڏسندا رهيا. هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا. جيڪو گهرايائون سو پليٽ ۾ رکجي ملين. هاڻي ڄنڊا پٽ به سنڌين جي پاڻ ۾ آهي، جيڪا به سندن فائدي ۾ آهي. پر اهو شڪوو ته حڪمرانن کي کانئن ڪرڻ گهربو هو ته جڏهن هو چومکي وڙهي رهيا هئا. تڏهن سندس ساٿاري هڪ لمحي لاءِ به وات ٽڪاڻي ڪرڻ لاءِ به سندن واهر لاءِ ڪونه آيا ۽ نه ئي وري ٻاهر نڪري ڪو تبصرو ڪيائون. باقي اسان وارن ته سڀني همراهن، هڻي هڪ ٻئي جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا، هونئن به اڄ ڪلهه زماني ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا، سڀني کي آئيني ڏيکارڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي ڪري. ايس ايم ايس تي ته جيڪا پيغام رساني هلي پئي، ان گهڻن جي لاک ئي لاهي ڇڏي آهي.
    اسان جي سامهون ايندڙ هي واقعا سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مستقبل تي يقينن اثر انداز ٿيندا. مڪاني نطام واري قانون جو خاتمو سڀني سنڌ واسين لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو معاملو ٿي چڪو آهي. سنڌ جو سياستدان ان نظام جي خاتمي جي قسم کڻڻ بنا ماڻهن کي مطمئن نه ٿو ڪري سگهي. ايندڙ اليڪشنون جڏهن به ٿينديون، اُن ۾ سنڌ جي عوام ۽ ڌرتيءَ جي پاسداري ڪرڻ کان علاوه هڪ جامع ترقياتي ۽ معاشي نظام ڏيڻو پوندو. ”تنهنجي“ ۽ ”منهنجي“ ماڻهوءَ جو ويڇو رکڻ بنا سڀني جي راءِ جو احترام ڪبو ۽ جمهوريت جي صحيح روح کي سامهون رکي چونڊيل نمائندن کي يڪسان سڀني جي خدمت ڪرڻي پوندي. کين ائين ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي بيدار ٿي متحد ٿي، پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ انهن نمائندن کي سُٺي حڪمراني ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻو پوندو. ٺيڪن جي ۽ ڪميشنن واري سياست کي ٻنجو ڏيڻو پوندو. جنهن سنڌ جي ترقيءَ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. سڀني چڱن مڙسن جا ڇاڙتا ميدان ۾ لٿل آهن، ڪير ڇا ٿو ڪري؟ ڪٿان ڪيترو ٿو ڪمائي، سڀني کي، سڀ خبرون آهن، عوام جي پئسي تي گهڻائي مڇ مچي مانگر ٿي ويا آهن، اُنهن کي واپس سندن اوقات تي سنڌ جو ماڻهو ئي آڻيندو. سنڌ کي هڪ صاف ۽ ساڃاهه واري سماج ڏانهن واپس موٽائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
    پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ لٿل سياسي پارٽين کي به نوان اتحاد جوڙڻ مهل ۽ عادي کيڏارين کي پنهنجي صفن ۾ داخل ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏهه دفعا سوچڻو پوندو. اهو به ڏسڻو پوندو ته اُهي ڪير آهن، جن جا پير، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۾ نه ٿا کُپن، ته هو وري پلٽو کائي اچي ”ف“، ”م“ ۽ ”ق“ وغيره جي ڀاڪرن ۾ ڀرجن. اهڙا گهڻائي واقعا نمودار ٿيڻ وارا آهن. خاص طور تي ٺٽي، سکر ۽ گهوٽڪيءَ جي ڊانوان ڊول همراهن تي به نظر رکجي ۽ سبق به سيکارجي. جيڪڏهن سياسي پارٽين اهڙا جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا ته مستقبل جي بهتري ۽ پائيدار صورتحال جي ڪا اميد ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪي نوان چهرا ۽ نئين قيادت سامهون اچي سگهي ٿي.
    اديبن ۽ دانشورن کي پنهنجي حڪمت عمليءَ تي نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ڪمزور ڪڙين کي ٽٽڻ جي بهاني ڏيڻ بجاءِ وري کين قابو ڪرڻو آهي. هڪ ٻئي تي تنقيدون پاڻ ۾ اندر ويهي ڪريو. ٻاهر ٻڙڪ نه ڪڍو. دشمن توهان جي ان ڪمزوريءَ جو ئي منتظر آهي. حضرت عمر فاروق رضه جو قول آهي ته ”جيڪو هڪ دفعو پٺيان هٽيو، سو وري اڳيان نه اچي سگهندو“ انڪري قدم پٺيان ناهي وڃڻو، جيڪا وک کڄي، اڳيان ئي کڄي.
    امن امان جي صورتحال سڀ جي اڳيان آهي عام ماڻهو ته ويچارو اڳ ۾ ننڌڻڪو ٿي چڪو آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين بدامنيءَ جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي. ان کان وڌيڪ عوام سان ٻي ڪهڙي مذاق ٿي سگهي ٿي ته، ملڪ جي ”وڏي“ جي همشيره کي پنهنجي ذاتي حفاظت جي سلسلي ۾ ايترا خدشات لاحق آهن. جو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري اضافي سيڪيورٽيءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي احڪامات جاري ڪرائڻ ٿي چاهي. هوڏانهن پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين جڏهن سفر ٿو ڪري ته ٽيهن کان چاليهه موبائيلون ڪڍ ٿيون هلن.
    انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جو ”گهرو“ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري صاحب سنڌ ڪابينه کي دل کي اطمينان ڏيارڻ واري اها خبر ٻڌائي روانو ٿيو ته ڪا پرواهه ناهي، سنڌ امن امان جي هندوري ۾ پئي جهولي رڳو ڪراچي ۾ پندرهن ويهه ماڻهو مرن ٿا، سو ته سڀني وڏن شهرن ۾ ٿيندو آهي. هتي ٿيو ته ڪهڙي پريشاني جي ڳالهه آهي؟ باقي بچيل سنڌ سان هونئن به سندن واسطو ڪونهي، جتي روزانو ٻن کان چئن ماڻهن جو اغوا ٿيڻ، ڪنهن شمار قطار ۾ ناهي. اسٽريٽ ڪرائيم، موبائيل ۽ موٽر سائيڪلون ڦرجڻ، اهو اسان جي روز مره جي زندگين جو حصو بڻيل آهي. جنهن ملڪ جو وزير اعظم اهو فرمائي ته ”ٻڌو اٿئون“ ته ملڪ جي آبادي 21 ڪروڙ ٿي وئي آهي. پر گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. جاچ ٿا ڪريون ته ائين ڇو پيو ٿئي؟ ٻڌايو ته ان خبر تي ڪهڙو تبصرو ڪجي؟ هوم ڊپارٽمينٽ جو چڱو مڙس، ڪابينه جي سامهون چين جي بانسري وڄائي رمندو رهيو. کانئس سوال ڪرڻ جي همت ڪنهن ڪانه ڪئي، خير سان هو اڄ به ڪُرسيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آهي. جڏهن هر وڏو عهدو قانون ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي، جوابدهيءَ کان مٿانهون هوندو، ته پوءِ عوام سان هي حشر هئڻ لازم آهي. مرڪزي وزير داخلا جي سندس ئي پارٽيءَ جي هڪ رُڪن رضا رباني سينيٽ ۾ جيڪا کَل لاٿي، اُن کان پوءِ به هن جو وزير رهڻ، حڪومتي بي حسي ۽ نڪ جي پڪائيءَ جو لاجواب مثال آهي.
    هي بدترين حڪمرانيءَ جا ٿورڙا مثال آهن. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته وزير پڻ پنهنجن محڪمن ۽ آفيسرن جون شڪايتون ڪندي نظر پيا اچن. اهي شڪايتون هو ڪنهن سان ٿا ڪن؟ خانو خراب ته سندن ئي ڪيل آهي. باقي رهيل سهيل ڪثر، وزير اعليٰ صاحب اهو چئي پوري ڪئي آهي ته اڌ ۾ رهيل ترقياتي منصوبا چونڊن کان اڳ پورا ٿيڻ ضروري آهن. ٺيڪيدار مافيا جي موج ٿي وئي. اليڪشن جي خرچ نڪرڻ جي به اميد پيدا ٿي وئي. نوڪريون به ملڻ جو آسرو ٿيو آهي. هاڻي هر وزير صاحب ”اديون ۽ ادا“ نوڪرين جا آرڊر کڻي ميدان ۾ لهندا، هوڪا لڳندا، اچو سنڌ واسيو توهان جي قيمت لڳي آهي. اچو اچي آرڊر وٺو، هڪ پٽيوالي، هڪ ماستري ۽ هڪ ڪلارڪي جي عيوض پنهنجي سوچ ۽ آزادي وڪڻي اچو، ڇو ته ان جي قيمت ته توهان کي ووٽ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي آهي. اهو ٿورو ته توهان کي لاهڻو پوندو.
    پر سوچڻو اهو آهي ته اڄ سرڪاري پروٽوڪول ۾ هلندڙ، اضافي سيڪيورٽي گهرندڙ ۽ چاليهه موبائيلن سان گڏ سفر ڪندڙ، جڏهن سندن حڪومت نه هوندي ته پوءِ عوام وٽ اليڪشن مُهم ۾ ڪيئن لهندا؟
    mahtabrashdi@hotmail.com

    (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو