• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا ۽ سنڌ جا درياهي شهر

نثارابڙو

نائب منتظم
69434_10151255261313948_351815378_n.jpg

جڏهن دنيا جي شهرن مان ڪو درياه يا ڪا ندي گذرندي آهي ته انهن شهرن جا رهاڪو انکي غنيمت سمجهي، انهن مٿان سهڻا باغ، وڏيون پليون، سهڻيون عمارتون ۽ تفريحي مقام ٺاهي، جديد ٻيڙا هلائي ڪروڙن جي آمدني ڪمائي قومي خوشحالي پئدا ڪندا آهن !!!

جڏهن سنڌ جو درياه سنڌ جي شهرن مان گذرندو آهي ته اسين شهر جون سڀ ناليون، شهر جو سڀ ڪچرو ۽ گهرن جو پائخانو درياهن ۽ ندين ۾ اڇلائي سک جو ساهه کڻندا آهيون.!!!

ڇا اسين سنڌي پنهنجين عادتن ۾ ڪا ڦير آڻي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪري سگهنداسون يا ” نالو وڏو ديهه ويران“ واري روش رکندا اينداسون ...؟؟؟​
 
ڪاش ڪو سکر بئراج تان بيهي سکر شهر جو نظارو ڪري ۽ وري روهڙي واري پاسي ڏانهن نظر ڪري ۔۔۔۔ نعمت آهن اهڙيون سينريون، پر افسوس جو اسان پنهنجي سياحتي ۽ سهڻن شهرن جي پرگهر لهڻ ته پري پر دنيا اڳيان پيش ڪرڻ به ناڪام رهيا آهيون۔ نه ته ڪو ادارو آهي ۽ جي آهي ته سمجهو ڪم کان قاصر آهي۔

اوهان جا احساس سمجهي سگهون ٿا۔
 
Back
Top