مشتاق احمد مگسي
سينيئر رڪن
سڀ کان وڏي خيانت ،قوم سان غداري آهي ؟
افسوس ان قوم تي ! جنهن جا مدبر گونگا ۽ ٻوڙا آهن ۽
جنهن جا نوجوان اڃا پينگهن مان لهڻ ئي نٿا چاهين ؟
ڪنگال قوم اها آهي ، جنهن جا استاد ڪاهل ۽ جاهل آهن ۽
ان قوم جو مستقلبل به يقينا غير محفوظ هجي ٿو !
هو چون ٿا ته ( هڪ سنڌ ي غلام ستو پيوآهي ) کيس نه ٿاريو ، ڇاڪاڻ
ته هو آزادئ جو مٺڙو خوب ڏسي رهيو آهي . آءُ چوان ٿو ته ان
سنڌ ي غلام کي ٺوڪر هڻي سجاڳ ڪريو ته ، آزادئ جي
جدوجهد ۾ شامل ٿئي !
پنهنجن ماڻهن کي ( سون تي سيڻ نه مٽڻ ) جو سبق سيکارڻو پوندو
هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن ؟
دنيا وڙهي جيئڻ جو ميدان آهي ، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح
قو مون زند ه سلامت رهن ٿيون . ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن
جنهن قوم ۾ غدار پيدا ٿيڻ لڳن ، ان قوم مضبوط قلعا به مٽئ
جا گهرڙا ثابت ٿيندا آهن
افسوس آهي انهن ماڻهن جي حالت تي ، جن سنڌي پنهنجي سنڌ کي
وساري ڇڏيو ؟؟؟؟؟