سڀ کان وڏي خيانت ،قوم سان غداري آهي

مشتاق احمد مگسي

سينيئر رڪن

سڀ کان وڏي خيانت ،قوم سان غداري آهي ؟

افسوس ان قوم تي ! جنهن جا مدبر گونگا ۽ ٻوڙا آهن ۽

جنهن جا نوجوان اڃا پينگهن مان لهڻ ئي نٿا چاهين ؟

ڪنگال قوم اها آهي ، جنهن جا استاد ڪاهل ۽ جاهل آهن ۽

ان قوم جو مستقلبل به يقينا غير محفوظ هجي ٿو !

هو چون ٿا ته ( هڪ سنڌ ي غلام ستو پيوآهي ) کيس نه ٿاريو ، ڇاڪاڻ

ته هو آزادئ جو مٺڙو خوب ڏسي رهيو آهي . آءُ چوان ٿو ته ان

سنڌ ي غلام کي ٺوڪر هڻي سجاڳ ڪريو ته ، آزادئ جي

جدوجهد ۾ شامل ٿئي !

پنهنجن ماڻهن کي ( سون تي سيڻ نه مٽڻ ) جو سبق سيکارڻو پوندو

هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن ؟

دنيا وڙهي جيئڻ جو ميدان آهي ، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح

قو مون زند ه سلامت رهن ٿيون . ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن

جنهن قوم ۾ غدار پيدا ٿيڻ لڳن ، ان قوم مضبوط قلعا به مٽئ

جا گهرڙا ثابت ٿيندا آهن

افسوس آهي انهن ماڻهن جي حالت تي ، جن سنڌي پنهنجي سنڌ کي

وساري ڇڏيو ؟؟؟؟؟
 
ڪنگال قوم اها آهي ، جنهن جا استاد ڪاهل ۽ جاهل آهن ۽​
ان قوم جو مستقلبل به يقينا غير محفوظ هجي ٿو !
سڀ ڳالهيون دل سان لڳيون ۔۔۔۔ سنڌي قوم ۾ انهن مان گهڻيون بيماريون آهن، جنهن ڪري ئي پٺتي پيل آهي۔ ادا اوهان جي بهترين ۽ اکيون کوليندڙ شيئرنگ آهي۔
 
افسوس ان قوم تي ! جنهن جا مدبر گونگا ۽ ٻوڙا آهن ۽
جنهن جا نوجوان اڃا پينگهن مان لهڻ ئي نٿا چاهين ؟
اهڙي قوم تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو۔​
تمام بهترين خيال​
 
Back
Top