دوستي کي ڪڏهن به نه آزمايو ؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مشتاق احمد مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2012۔

  1. مشتاق احمد مگسي

    مشتاق احمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دوستي محبت کان عظيم آهي ، ان لاءِ جو محبت ، دوستئ مان اڀري ٿي !

    هر شخص ، سچي دوست جي تلاش ۾ رهندو آهي ، پر پاڻ

    سچو دوست بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي ؟

    دوستن جي تڪليفن تي همدردي ڪرڻ معمولي ڳاله آهي

    اهو ته هرڪو شخص ڪريٿو ، پر دوستن جي ڪاميابئ تي خوش ٿيڻ ۽

    همدردي ڪرڻ بلند فطرت ماڻهوءَ جو ڪم آهي

    دوستي هڪ اهڙو فصل آهي جيڪو محبت سان پو کبو آهي ۽ شڪريي سان

    لڻبو آهي . دوستي فقط دوستئ خاطر ڪيو ، ڇو ته جيڪا دوستي

    مطلب لاءِ ڪئي وڃي ٿي ، سا دوستي نه بلڪ ڄار آهي

    جنهن ۾ شڪار ۽ شڪاري ٻئي فاسن ٿا

    دوست ، ان وقت تائين دوست نٿو ٿي سگهي ، جيسائين هو پنهنجي

    دوست جي مدد نه ڪري ، مصيبت ۾ ، سندس غير حاضرئ ۾ يا

    سندس مرڻ کانپوءِ ؟

    جيڪو پنهنجي دوست کي ڌوڪو ڏئي ٿو ، سو خدا کي به

    ڌوڪو ڏئي سگهندو

    پنهنجي دوست کي سٺي محبت ڏيو ،” پر پنهنجو هر گز نه ٻڌايو“

    دوستن تي اهڙي طرح احسان ڪريو جو کين خبر به نه پوي ؟

    دوست کي نصيحت اڪيلائي ۾ ۽ تعريف سڀني جي روبرو ڪريو ؟

    سچي محبت هڪ ناياب شئ آهي پر سچي دوستي

    ان کان به وڌيڪ ناياب آهي

    دوستي ، برف جي گولي وانگر هندي آهي ؟ ا

    ان کي بنائڻ ته آسان هوندو آهي ، پر برقرار رکنڻ

    نهايت مشڪل هوندو آهي

    دوستي اهو واحد رشتو آهي ، جنهن لاءِ عمر، نسل ،

    مذهب ۽ رشتئ جو قيد نه هوندو آهي

    جيڪي ماڻهو معمولي معمولي ڳاله تي رسي وڃن ، انهن سان

    دوستي رکڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن ٻار سان دوستي رکجي

    منهنجا رب ، انهن کان پناه ڏي جيڪي انسان دوستئ جو پرچار ڪن ٿا ۽

    دوستئ ۾ دغا ڪن ٿا ؟

    قدرت جانور کي به پنهنجي دوست جي سڃاڻپ

    جي سمجه عطا ڪئي آهي

    دوست ، تنهجي محبت جو توتي اعتبار ئي نه ڪندا جيڪڏهن

    تون انهن جون ننڍيون غلطيون کين ياد نه ڏياريندو رهندين

    ( دوست کي ڪڏهن به نه آزمايو ، ممڪن آهي نه ڪنهن مجبورئ

    سبب توهان جي آزمائش تي پورو نه لهي ۽ توهان مشاق سٺي

    دوست کان محروم ٿي وڃو )
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام بهترين نموني دوستي جي عظمت ۽ دوستي بابت تفصيلي ليک آهي مهرباني ادا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستي بابت سهڻا قول، دل واريون ڳالهيون ۔۔۔ بهترين شيئرنگ۔

    دوستي

    دوستي پنجن لفظن سان ٺهندي آهي (د) مان دعا ۽ دل ( و ) مان وعدو ۽ وفا (س) مان سچائي ۽ ساٿ ( ت ) مان تحفظ ۽ تسلي ( ي) مان ياد ۽ يقين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مشتاق احمد مگسي

    مشتاق احمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني ادا لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو