• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر ۽ راجستان

نثارابڙو

نائب منتظم
231172_10151256591653948_599685822_n.jpg

هندستان جو راجستان ۽ سنڌ جو ٿر تاريخي طور تي سنڌين جي حڪمرانيءَ ۾ رهيا آهن .... پر موجوده تاريخي ڦير گهير سبب هندستان جو راجستان ۽ سنڌ جو ٿر الڳ الڳ آهن ، هندستان جو راجستان سالانه سياحت جي نسبت ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٿو ۽ سموري دنيا مان سياحن کي راجستان اچڻ جي دعوت ڏئي کين تمام سهڻو آڌرڀاءُ ڏئي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ...!!!
جي ڳالهه ڪجي سنڌ جي ٿر جي ته، بک، بدحاليءَ سبب مال ۽ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون عام آهن ... غربت ۽ جهالت ايتري جو الامان ... نه ترقي نه ئي ڪنهن سياحتي اداري کي ڪو اهڙو خيال خواب ته ان علائقي جي مالڪي ڪري، ماڻهن ۾ خوشحالي آڻجي ...!!!
ڇا غلاميءَ کي سنڱ هوندا آهن ،،،، جنهن قوم جون سڀ قيمتي شيون ڌارين جي حوالي هجن ۽ جيڪي رهيون کيون بچيون هجن سي به مالڪن جي عدم توجهه جو شڪار هجن ته ان قوم جي ذهني اوسر تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ...!!!
”غلامي زهريلو نانگ آهي جنهنجي ڏنگڻ سان ماڻهو اذيتناڪ موت مرندو آهي “
 
ڇا غلاميءَ کي سنڱ هوندا آهن ،،،، جنهن قوم جون سڀ قيمتي شيون ڌارين جي حوالي هجن ۽ جيڪي رهيون کيون بچيون هجن سي به مالڪن جي عدم توجهه جو شاڪر هجن ته ان قوم جي ذهني اوسر تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ...!!!
”غلامي زهريلو نانگ آهي جنهنجي ڏنگڻ سان ماڻهو اذيتناڪ موت مرندو آهي “


سائين نثارابڙو نه سائين بلڪل غلاميء کي سنڱ نه هوندا آهن اها اسان جي قوم وانگر هوندي آهي۔ توهان جي ڳالهه درست آهي ته انڊيا راجستان مان هر سال ڪروڙين رپيا ڪمائي ٿو ء اسان جي ٿر وارا ماڻهون پيٽ گزر لاء به پريشان آهن۔
اهڙي زهر سان اسانجي قوم آهسته آهسته مري رهي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله ائين نه ٿي جو پڙهجي ڪتابن ۾ هئي سنڌ ء سنڌي ٻولي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
هن ڌرتي تي جتي موسمون، پاڻي، هوائون نعمت ٿي مليون آهي اتي ڪافي ڄڳهون به اهڙيون آهن جيڪي ڍنگ سان سياحتي نقطه نظر سان بڻايون وڃن ته اصل هڪ وڏي انڊسٽري ٿي پئي ۽ ناڻي جي آمد جو ذريعو۔ جيئن ڏور اوڀر ايشيا جا ملڪ ڪيو ويٺا آهن۔ جن وٽ چار پنج سؤ سالن کان پراڻي ڪا عمارت ناهي۔ هڪ کان وڌيڪ موسم ناهي۔ زميني بيهڪ صرف هڪ ئي قسم جي۔ پر انهن جيڪي آهي ان کي ئي اهڙو ٺاهيو آهي جو دنيا هُتي مِڙي ٿي۔ افسوس جو هتي هوندي سوندي به بُک پئي واڪا ڪري۔
 
Back
Top