• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائل ۾ ڪيترا سگنل اچن پيا ۔۔ معلوم ڪريو۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستوٰٰ!
اڄ جيڪو سافٽ ويئر مان توهان سان شيئر ڪرڻ پيو چاهيان اهو هر موبائل يوزر لاءِ اونئن ته فائيديمند آهي ئي، پر جيڪي ٽيليڪام جا شاگرد آهن يا جن جو واسطو انهيءَ شعبي ۾ سڌي اڻ سڌي طرح آهي اُن کي هي سافٽ ويئر فائدو ضرور پهچائيندو۔
هن سافٽ ويئر جو نالو آهي سَيل ٽِرَيڪ۔۔
هن سافٽ ويئر کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪرڻ سان توهان کي اها ڄاڻ مِلندي ته جنهن ڪمپنيءَ جي سِم توهين استعمال ڪري رهيا آهيو، اُن جي موبائل ٽاور جا سِگنلز اوهان تائين اُنهيءَ وقت ڪيترا پهچي رهيا آهن ۽ اُنهيءَ کان علاوه اُنهيءَ موبائل ٽاور جي آءِ ڊي ڪوڊ به ٻڌائيندو۔
هي سافٽ ويئر ٽيليڪام جي شعبي ۾ ڪنهن به ٽاور جي شروع ڪرڻ مهل هڪ انجنيئر استعمال ڪندو آهي، ۽ انهيءَ عمل کي ٽيسٽ ڊرائيو چئبو آهي، اونئن ته اِهو سافٽ ويئر ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ ۾ انسٽال ٿيندو آهي پر مان توهان جي لاءِ موبائل ۾ انسٽال ٿيندڙ ورزن کڻي آيو آهيان۔۔۔
هي صرف سِمبين موبائلز ۾ انسٽال ٿيندو آهي، جيئن نوڪيا 6600 ۽ اُن کان مٿانهان سيٽ، خاص ڪري مان هي سافٽ ويئر نوڪيا اين 70 تي استعمال ڪري ڏٺو آهي۔۔
http://www.4shared.com/file/132870100/853f96d3/CellTrack.html
مهرباني​
 
Back
Top