ٻارن جوعالمي ڏينهن : شاهين سنڌي

ٻارن جوعالمي ڏينهن
شاهين سنڌي

هڪ اسڪول جي
هڪ ڪشادي حال ۾
وڏي تعداد ۾ ٻارڙا موجود
رنگ برنگي ڪپڙن ۾
ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا هئا
ته گند مان ڪم جون شيون چونڊيندڙ ٻار
گهڻان ٻار ڏسي
اُن هال جي درتي اچي بيٺو
هڪ حسرت ڀري نظر سان
اهو سڀ ڪجھ ڏسي رهيو هو ته
هڪ اُستاد آيو
در تي بيٺل ٻار کي ڌڪو ڏيندي چيائين
هَل هتان هَلُ
هتي ٻاررن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون.
 
شاهين سائين سلام

اوهان جو نظم وڻيو ۔۔۔ هي ٻٽو نظام هي ٻٽا معيار ۔۔۔۔ الائي ڪڏهن ختم ٿيندا۔
 
هڪ اُستاد آيو
در تي بيٺل ٻار کي ڌڪو ڏيندي چيائين
هَل هتان هَلُ
هتي ٻاررن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون.
 
Back
Top