ڪرڪيٽ جي تاريخ ، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٽيم

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪرڪيٽ جي تاريخ ، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٽيم

    اڄوڪي ڏينهن 22 نومبر 1935ع تي ڪراچي ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ راند ٿي جنهن کي ڇهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو. سنڌ جي ٽيم جي قيادت ڪيپٽن غلام محمد ڪري رهيو هو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جي نائون مل، ايم جي عبدالله، بي ڊي شنڪر، جي حارث، ايم جي موبڊ، عبدالعزيز، ديپچند، ايم ابراهيم ۽ دولت شامل هئا. افسوس اهو آهي جو اڄڪلهه پاڪستان جي ٽيم ۾ هڪ به سنڌي رانديگر شامل ناهي.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ٿورن سان.
    _____​
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هي ته نئين تاريخ ملي آهي۔ اسان جي وڏن اهو ڪم به ڪيو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسين پڻ اهو ئي سور سلڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وڌندڻ سنڌ جي قدم روڪ ڪري مختلف حربن سان دنيا جي هن ڏاهي ۽ امن پسند قوم کي باهه جي طرف ڌڪيو پئي ويو آهي ...

    قومن جي نشاط سندن آزاديءَ ۾ هوندي آهي يا آزادي پسند قومن جي ساٿ ۾ ... پر افسوس جو اسين ساٿ ۾ سازشي ۽ قاتل قومن کي کڻي پنهنجي قومي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ...

    هر هنڌ مقابلي جا وچن ڪري اڳتي وڌڻو آهي، ٻي صورت ۾ .....؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو