سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
ڏوھ بن جيل گذاريو مون
ڏوھ بِن جيل گذاريو مون
دلِڙين بِن دُور گھاريو مون
مونکي ساري منھنجي ننڍڙي
ھو ٻڌائين ٿا روز رُني ٿي
نيڻن نير وھائي مور
پل پل آيس ٿي ڪي پور
پتڪڙا ھٿڙا اڀ ڏي ڌاري
پنھنجي ابل کي ھر پل ساري
لبڙن تي ڪا سِٽ ھُئي
ھن لئـ ڄڻ ڪا پِٽ ھئي
مون کي آھي پڪ اھا
۽ اُڀي حاڪم حق اھا
آنھ آسماني مور نـ ورڻي
جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي
ڏوھ بنا مان ڏوھي آھيان
جوئي آھيان سوئي آھيان
ھنيئڙيو ڪين ھاريو مون
ڏوھ بن جيل گذاريو مون