ڇا اجمل قصاب ... امر سنگهه هو..؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بمبئي حملن ۾ ملوث اجمل قصاب کي ڦاهي ڏني وئي۔۔ ڦاهي ڏيڻ جي عمل کي راز ۾ رکيو ويو۔۔۔ جنهن ڪري انڊين ميڊيا سميت مختلف سوشل نيٽورڪس تي اهڙيون اهڙيون خبرون اچڻ لڳيون آهن۔۔ جن تي ڪڏهن کل ته ڪڏهن حيرت وٺيو وڃي۔۔۔
    خبرون آهن ته اجمل قصاب کي گذريل سال کان ڊينگي بخار هيو ۽ ڦاهي جي سزا کي ان ڪري پوئتي رکيو ٿي ويو ته اجمل قصاب جي صحتيابي بعد کيس ڦاهي ڏني وڃي۔۔۔ ڇو ته قانون به اهيو پيو ٻڌائي۔۔ پر ڪجهه اطلاع آهن ته اجمل قصاب ان بيماري مان بچي نه سگهيو ۽ کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڊرامو ڪري انڊين قوم کي خوش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪانگريس پارٽي پنهنجي ساک کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔

    ڳالهيون کڻي اهي به هجن پر پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ سمجهيو ويندڙ زيد حامد وري ڳالهه ئي مختلف پيو ڪري۔۔۔ هوئن ته سندس شخصيت تي کوڙ ساريون آڱريون به کنيل آهن پر سندس پروگرام ڏسندي اڪثر اختلاف رکندڙ ماڻهون به لاجواب ٿيو وڃن۔۔۔
    هتي دوستن جي معلومات خاطر سندس هڪ اردو پروگرام جي مختصر وڊيو ڏيکارجي ٿي ۔۔ جنهن ۾ موصوف ثابت ڪري رهيو آهي ته اجمل قصاب نه رڳو پاڪستاني ناهي پر مسلمان به نه آهي۔۔ ۽ اهو انڊن انٽيليجنس را جو خفيه ايجنٽ آهي۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ پنهنجا خيال ڏسيو ته ڇا توهان ساڻس متفق آهيو۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    رشيد صاحب ٿئي سگهي ٿو ته هن جي ڳالهه درست به هجي ڇو جو زيد حامد لاء ڪجهه ماڻهن جو اهيو به خيال آهي، (۽ سندس والد صاحب به پاڪستان آرمي ۾ ڪرنل رهي چڪو آهي،) ته هي ايجنسين جو ماڻهون آهي، باقي خبر خدا کي، پر مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ته هي ( زيد حامد ) پاڻ کي ٻين کان ڪجهه وڌيڪ سياڻو ۽ عقلمند سمجهندو آهي، ( جڏهن ته آهي ڪو نه ) ۽ ڳالهائڻ ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي ٿئي ويندو آهي، سندس سوچ انتها پسندن واري آهي، خاص ڪري هندو مذهب وارن لاء۔رهي ڳالهه اجمل قصاب جي ته ڏسو ته حقيقت ڪڏهن ٿي ظاهر ٿئي، ڇو جو حقيقت ضرور ظاهر ٿيڻي آهي، هڪ حديث جو مفهوم آهي ته حقيقت نيٺ ظاهر ٿيڻي آهي پوء اها ڇو نه ٻن پهاڙن جي وچ ۾ هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    انڍيا پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ ء پاڪستان خلاف نفرت وڌائڻ لاء اهڙا ڊرامان ڪندو رهندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اجمل قصاب سان هنن ڇا ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان وٽ جاسوسيء م سزا آيل سربجيت جي سزا کي هڪ سال کان ڇو روڪيو ويو آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    جي پاڪستاني حڪمرانن ۾ ڪا غيرت جي زري آهي ته هو انڍيا جي جاسوس کي به ڦاسي ڏيڻ ۾ دير نه ڪن ۔۔۔۔۔۔
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين ذيشان رشيد صاحب ، ڪو اهڙو موضوع کڻو جنهن سان سنڌ کي سنڌين کي ڪو لاڀ ملي ، اجمل ڪاسائي مسلمان هو يا هندو هو ان تي ڪنهن کي به بحث ۾ الجهائڻ وقت جو زيان ڪرڻ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هههههههه
    سائين منهنجا مان ممتاز ڀٽي وارا لفظ ته ڪونه دهرائيندس جنهن چيو هو ته ”مسلسل 30 سال سنڌين لاءِ جستجو ڪيم پر پڳون ٻڌرائي ڇڏين۔۔“
    پر موضوع جو مقصد دوستن کي دنيا و جهان جون خبرون هڪ الڳ رخ سان ٻڌائڻ هيو۔۔۔ جيئن کين هر قسم جي آڳهي ملي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا رشيد صاحب توهان نه چئي به گهڻو ڪجهه چئي ويو، ۽ توهان صحيح پيا چئو ته صرف نار جي ڏاند وانگر هڪ هنڌ نه گهمجي، پر ٻاهر دنيا جي به خبر چار لهجي، ۽ پوء پاڻ کي به ماپجي، ۽ رڳو خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي، جيئن اسان جا اڪثر دوست چوندا آهن ته اسان ته پنج هزار پراڻي تهذيب جا مالڪ آهيون، ۽ اهيا ڳالهه چئي ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيهي رهندا آهن پر اهيو ناهن ڏسندا ته دنيا ڪاٿي پهتي آهي ۽ اسان انهن جي مقابلي ۾ ڪاٿي بيٺا آهيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    دنيا جي آگهي اچي ان خبر ۾ پئي ته اجمل ڪاسائي ڪير هو ؟؟؟ هو هڪڙو قاتل هو 166 ماڻهن جو قاتل هو ، دنيا جو ڪو به مذهب ۽ دين اسلام ۽ نه ئي ڪا تهذيب قاتل جي حمايت ٿي ڪري ۔ باقي اکرن جي هير ڦير ڪري پاڻ کي دانشور سمجهڻ به عجيب ٿو لڳي ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو