• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمري جي سعادت مديني جي زيارت سميت

نثارابڙو

نائب منتظم
محترم دوستو!​
9 محرم الحرام ، جمعي واري ڏينهن تي حرم پاڪ سان گڏ مسجد نبويءَ جو ديدار نصيب ٿيو ۽ ڪيتريون ئي نمازون، عبادتون ۽ عمري جي سعادت پڻ نصيب ٿي ...​
سنڌ سلامت جي سٿ جي پياري دوست(عتيق الرحمان ٽڳي)سان گڏ ان سعادت کي حاصل ڪندي تمام گهڻي روحاني خوشي نصيب ٿي ...

عتيق رحمان صاٍحب انتهائي سهڻو انسان ۽ مومنن جي راهه جو راهي آهي ... پاڻ مٽيريل انجنيئر آهن ۽ اڄڪلهه سعودي عرب ۾ روڊن جي ٺاهڻ واري هڪ ڪمپنيءَ ۾ ملازم آهن ... جت پنهنجن ٻچڙن لا رزق حلال حاصل ڪري رهيا آهن۔۔۔​
مون ڪيترن ئي دوستن جا نالا کڻي کين ياد ڪيو ۽ دعائن ۾ شامل ڪيو پر جڏهن نالا گهڻا ٿي ويا ته مون هي ٻه شعر پڙهي سموري سنڌ جي نالي ڪيا، ۽ ظاهر آهي ته منهنجا سڀ ساٿي، سڀ مٽ ۽ دوست سنڌ ۾ شمار ٿين ٿا انڪري اهي دعائون انهن ڏانهن منسوب ٿيون۔۔۔۔​
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،​
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔​
تون حبيب تون طبيب! تون دردن جي دوا،​
جانب منهنجي جي ۾، آزار جا انواع،​
صاحب! ڏيج شفا، ميان! مريضن کي۔​
224147_10151260800788948_1963485473_n.jpg
179379_10151260799793948_712802879_n.jpg
485079_10151260801828948_1938336707_n.jpg
 
اوهان ٻنهي سنڌ جي سڄڻن کي عقيدت ۽ محبت ڀريو سلام قبول پوي۔

خوشي ٿي آهي جو اوهان اها نيڪ سعادت ماڻي ۽ اسان کي دعائن ۾ ياد ڪيو۔ سنڌ سلامت جي سهڻي ۽ محبتي اڱڻ جا به ٿورائتا آهيون جنهن هميشه محبتي ميڙي ميلا مچايا آهن۔ سائين عتيق الرحمان ۽ سائين نثار ابڙو جن ٻئي سنڌ جا سور سانڍيو پرڏيهه ۾ ويٺا آهن پر سندن ساهه يا روح ڄڻ ته سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو۔

هميشه دعائن ۾ ياد رکندا ڪيو ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سيويو جن سُبحان، وِير نـ وڙھي تن سين،
توبھـ جي تاثير سين، تري ويا طوفان،
ڏئي توڪل تڪيو، آر لنگھيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واھرو (شاھ سائين)
(سائين توھان کي عمري جون لک لک واڌايون۔۔۔۔)
 
Back
Top