ماريه ڪنول
سينيئر رڪن
دل جو پياسو ٿر آهي
ڏور وسي ٿو،ڪڪر آهي
نيڻ ته توکي هر دم ڳولين
اوسيئڙي ۾ در آهي
پيار ئي قاتل پيار ئي جيون
ڪيڏو نه مٺو هي زهر آهي
تون آئين جو منهنجي اًڱڻ تي
ٿي ويو معطر گهر آهي
ماڻهو، ماڻهوءَ کي پيو ماري
ڪهڙو تنهنجو شهر آهي
ٿي توکي پوڄڻ چاهي ”ڪنول“
من ۾ جوڙيو مندر آهي!!!!