ڪهاڻيون ”محبت“ جونسعيد سومروآدم ازل کان اظهار جو اتاولو رهيو آهي، کيس جڏهن به، جيئن به، اندر-اور لاءِ ڪو به طريقو هٿ آيو آهي، ته هن بنا ڪنهن مصلحت جي ان کي پنهنجائپ آرپي آهي، پوءِ ڪڏهن ڪويتا جي رنگ ۾، ته ڪڏهن افساني/ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ هن پنهنجن جذبن جي پالوٽ پئي ڪي آهي. ڳالهه/داستان/افسانو/ڪهاڻي بنيادي طور سماج ۾ وجود جي اڻ ڳڻت ڏي وٺ پڄاڻا، انساني دل جي وندر جو پهريات ذريعو هئا/آهن ـــــــــ وڏن کان ٻُڌو، ڪتابن ۾ پڙهيو: سڄي ڏهاڙيءَ جي ٿڪ هاڻي ڏي وٺ وهامڻ پوءِ، جڏهن ملوڪ مڙندا هئا ته خيال مٽ واري تصور سان ٿيل ۽ گھڙيل وارتائون هڪ ٻئي جي گوش گذار ڪندا هئا، پر هاڻ وقت بيحد مصروف ماڻهو ٿي ويو آهي، وٽس ڪو به لمحو واندڪائيءَ وارو ناهي، اڳ جيئان مچ جي تاءُ تي ۽ پاري هاڻي چنڊ-رات سمي ڪنهن ڏاهپيءَ ڏوٿيءَ کان، ڪا جيءَ ۾ ڪتڪتايون ڪندڙ، ”ڳالهه کڻائڻ“ واري محبوب رسم ناهي رهي. ان جي مٽا ۾ لوڪين جو اندر وندرائڻ لاءِ اپار شيون جنم وٺي چڪيون آهن، ڳالهه کڻڻ بدران هاڻ ڪٿائن جا ڪتاب، ناول، ڊراما وغيره اچي ويا آهن، جن اندر سماج جي ذليل مهانڊي سان گڏ سون سريک سچيون مسڪراهٽون رقصان آهن. ان ڳالهه کان ڪو اڻ ڄاڻڪ نابري واريندو ته اڄوڪي اتهاس جو پهريٽو چٽو عڪس اڄوڪيون لکتون ناهن. اهي هر طرح جي روين کي وائکو پيون ڪنديون اچن. ڪڏهن ”ادب براءِ ادب“ ڪڏهن ”ادب براءِ زندگي“ جي نظرين سان اهي لکتون اسان آڏو همرچو وجھن ٿيون. ’نثر‘ ۾ لکجندڙ لکتن ۾ ڪهاڻي اڄ به مقبول آهي، توڙي جو هن سائنٽيفڪ دورَ ڪهاڻي کي زبردست ڌڪ هنيو آهي، پر اها جيئري ۽ پنهنجي پنڌ تي هلي رهي آهي. گردشن سان گڏ چال مٽي مختلف ڍنگن ۾ ڌمال هڻندڙ، اڄوڪي لکجندڙ ڪهاڻيءَ تي هتي ڪو به بحث ناهي. آءٌ رڳو ئي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چند تخليق ڪيل ڪهاڻين جي ڪاڪ جو توهان کي پرو ڏئي، سفر ڪرائڻ چاهيان ٿو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون جيڪي تخليق ٿيل ڪهاڻيون آهن، اهي 1973ع کان 1976ع جي ٿورڙي عرصي ۾ لکيل ڪل ڏهه ڪهاڻيون آهن. ٻيو ’طنز و مزاح‘ سان ٽي کن مزاحيه آئٽم (Item) آهن، باقي ڪجھ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ۽ هڪ ناول آهي. اهي سموريون شيون 73ع کان 76ع واري قليل وقت ۾ ڳڀرو سٿ (New Generation) پاران پڌرو ٿيل رسالن؛ جيئن ’لطيف‘، ’لياقت مخزن‘ (لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو ساليانو پرچو)، ’سنڌي پبلڪيشن‘ ۽ ’شاگرد‘ ۾ مختلف نالن: سجاد قنبروي، اجيد ڪماريو، ساجد اجيد ۽ محبت علي سان شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ڪهاڻيءَ جي قيد ۾ بنهه چند ئي پهرن لاءِ آيو. هن شايد اظهار لاءِ مليل انيڪ رستن منجھڙان، ڪهاڻي واري ايڪ دڳ کي محدود پاتو. هن وٽ ڳالهيون هيون، جن جي اڏار به دائرن کان آزاد هئي، ڪنهن قيد لاءِ وٽس گنجائش گھٽ هئي. سڀ ڳالهيون ڪهاڻيءَ ۾ ته نه پئي ٿي سگھيون، ڇو جو ڪهاڻيءَ جا ڪجهه دائرا آهن، جن مطابق ئي ليکڪ کي هلڻو پوي ٿو. ڪهاڻي جيڪو ڪجھ طلبي ٿي، اهو کيس نه ڏنو ويندو ته اها ڪهاڻي نه رهندي، بلڪ ٻيو ڪجھ ٿي ويندي. ڪهاڻي ايئن ناهي جو توهان جي دل جيڪو گھري، اهو ان ۾ سموئي ڇڏيو، پر ڪهاڻين جي ڪردار وغيره جي گھرجن جو خيال رکڻو ٿو پوي. ٻيو ڏاهي ماڻهوءَ کي جڏهن وڌيڪ ڏانءُ ڏات هوندي آ ته هو انهن کي اڃا وڌيڪ ڪتب آڻيندو آهي. ڪجھ ڳالهيون يا صنفون هن جي آڏو ڪا ڳالهه ئي نه رهنديون آهن، هو جڏهن چاهي، اهي منٽن ۾ اتي لکي سگھي ٿو. پر هو قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ وڌيڪ شين کي هٿ ۾ کڻي، انهن ۾ پنهنجا وسيلا استعمال ڪري ديس واسين لاءِ سک جو سامان جنميندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو شاگرديءَ واري دَور ۾ لکيل پنهنجين ڪهاڻين ڏانهن وري لڙي نه آيو ۽ هن سياست، ٻوليءَ، فلسفي وغيره تي وڌيڪ گهرائپ سان ڌيان ڏنو ۽ ٻين صنفن کي ڇڏي، انهن ۾ سوايو ڪم ڪيو. هن ان اصول جي پوئواري ڪئي ته ’توهان کي جيڪو ڪجھ اچي ٿو، توهان اهو ڪيو‘. هن کي ڪهاڻيون لکڻ آيون پئي؛ هن ڪهاڻيون لکيون، هن کي سياست جي سمجھ هئي؛ هن ان تي اظهار ڪيو، هن ٻوليءَ جي گس گھيڙن کي ڄاتو؛ ان تي ڪم ڪيو. ايتريون خوبيون ٿورڙن ماڻهن ۾ هونديون آهن، جيڪي هڪ وقت ايترا ڪم ڪري سگھن. توڙي جو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪهاڻيون سکڻ واري دَور جون آهن، پر قطعي ايئن محسوس نه ٿيندو، ته اهي ڪنهن سيکڙاٽ، نئين لکندڙ جي لکت آهن. اهو ضروري ناهي ته ليکاريءَ جون ڪل لکتون بلند ۽ اعلى مقام رکنديون هجن، ڪي ڪچيون ته ڪي پڪسريون شيون آهن. اهو به ممڪن ناهي ته ٻن ماڻهن جي هڪ شَي تي هڪ جهڙي راءِ هجي. ٻنهي ۾ فرق ٿورو ڪي گھڻو اوس ممڪن آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪهاڻين جي پهريات خوبي سندس عام فهم اسلوب ۽ سمجھ واري سادگيءَ سان ٽٻٽار ٻولي آهي، اڄ جڏهن نوبل پرائيزيَن سَهنجي ادب (Simple Fiction) تي واڌاريون مارڪون رکيون آهن ته هڪڙو سادگيءَ ڏانهن لاڙو ٿي پيو آهي. تجريديت کي ايتري قدر واري نگاهه سان هاڻي نه ٿو ڏٺو وڃي، جيترو اڳ ساراهيو ويندو هو، توڙي جو ڳڀرو سٿ اڃا لکي ٿو پر اهو جوش ۽ خروش نه رهيو آهي، هاڻ ’تخليق ۾ جيتري ڳالهه چٽي، جيتري ڳالهه سڌي، اوترو اها تخليق ڀرپور‘ واري ڳالهه تي عمل پيرائي ٿي پئي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به سهنجائپ واري ليڪي تي پيرا کنيا ۽ سندس تخليقون ڀرپوريت رکن ٿيون. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪهاڻين جي ٻي خوبي ’طنز و مزاح‘ آهي، جيڪو تقريباً هر ڪهاڻيءَ ۾ نمايان آهي. ٽيون، سندس ڪهاڻين ۾ اڻڳڻيون تشبيهون، اصطلاح، چوڻيون آهن. ٻولي سندس هونئن به شاندار آهي: ڪٿي شاعراڻو بيان، ڪٿي دانشوراڻو، ته ڪٿي ڪنهن ڄٽ جا گفتا! موقعي مناسبت سان ٺهڪندڙ، پيارڙيون معصوماڻو سڀاءُ رکندڙ تشبيهون. هن لاءِ جيترا به تعريفي تغما ڏجن ته هيچ آهن. ڪهاڻي ’يادون ۽ سُڪون‘ ۾ شاعراڻو ۽ تشبيهي انداز پرکيو: ”جيئن نه گل-پتيءَ تي ماڪ ڦڙو سج جي روشنيءَ ۾ موتيءَ جيان جرڪندو آهي، هن جي منهن تي به اهڙي چمڪ هئي. چپن تي مرڪ ايئن ٿي تريس، ڄڻ پاڻيءَ تي هنج، منهن مان رت ڄڻڪ اٿل کائي، ٻاهر اچڻ لاءِ آتي هجي، تازي خون جي وهڪري سببان ڄڻڪ شفق-رنگ پکڙجي پيو هوس...“ ’يادون ۽ سڪون‘ اها ڪهاڻي آ، جنهن منجھ هڪ غريب کي رڙي رڙي مختيارڪاريءَ ۾ پٽيوالي ٿي ملي، ان ۾ بيروزگاري، گھر ۽ ماحول جي منظرڪشي، انٽرويو دوران من-چسپ سوال جواب، بيروزگاريءَ جا احساس، دل وڻندڙ نموني اظهاريل آهن. ’يادون ۽ سڪون‘ تي ان وقت ۾ شايع ٿيل تبصرو به درست آهي. پڙهو: ”سجاد (ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو فرضي نانءُ) موجوده دَور جو هڪ بهترين اديب آهي ۽ هن جي سوچ تمام وسيع آهي. هن تازي رسالي ۾ ’يادون ۽ سُڪون‘ به موجوده معاشري تي بهترين لکڻي آهي. برابر معاشري ۾ اهڙا بخيل آفيسر ۽ بي رحم وڏيرا به رهن ٿا ته انهن سان گڏ رحمدل مختيارڪار به رهن ٿا.“ ڪهاڻي ’ڪتو‘ 40 لائينن تي مشتمل، ان ويريءَ، مردود، بي گوندري ڪتي جي ڪٿا آهي، جنهن بي شناسي ڏيکاريندي، ورهين کان پالي، لائق ڪندڙ محسن کي ماريو. ڪتي جي فطرت تي بحث پنهنجي جاءِ تي، پر اڄوڪن ماڻهن ۾ به اها بي شناسيءَ واري ڪرت گھٽ ناهي! ”محبت“ ڪتي کي ظاهري اظهاريو آهي پر هو هڪ ”ڪاڻي جرنل“ جي ڪار چٽڻ جو چاهڪ ٿيو آهي، جنهن پنهنجي ”محسن“ جي مهربانيءَ جو ڦل سندس سسي، رسيءَ ۾ جائتي ڪري، هوا جي دوش تي لڙڪائي ڏنو. ’منگھڻ‘ ڪهاڻي پنهنجي اندر وسيع معنى رکندي، لکياريءَ جي وطن دوستيءَ کي پڌرو ٿي ڪري، ليکڪ هڪ ڌاري ”قوم“، جنهن کي نه ڌرتي، نه ٻولي، نه ئي ثقافت آهي، کي رت چوسيندڙ جيت ”منگھڻ“ سان ڀرپور تشبيهه ڏني آهي. منگھڻ، مفت جي مٽيءَ، مفت جي گھر، بڇڙي ذهنيت، ردي پالنا، حرام جي ڪمائيءَ ۽ پرائيءَ رت سان پنهنجو ڍڍر ڀري جيئي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جي نعري بازي رويي کان اک ٻوٽ ڪندي ڏسجي ته ليکڪ پنهنجي دريا دل قوم جي مهربان فطرت جي خوبصورت چٽسالي ڪئي آهي. ڌرتيءَ تي ڌپ ڪندڙ ويري وجود کي چيڀاٽي مارڻ جو تمنائي هوندي به، ان ڪري نه ٿو ماري ته ان سان سندس هٿن ۾ گندي خون جي ڌپ ٿيندي. زمين تي لت ڏئي ان ڪري نه ٿو ماري ته ڌرتيءَ تي ڌپ ٿيندي ۽ هو وڌيڪ گند ڪرڻ نه ٿو چاهي. اهو صدين جو سچ آهي ته سنڌي رت وهائڻ جي ڪنهن به رسم ۾ شريڪ ٿيڻ کي آخر تائين ناپسنديدي نظرن سان نهاريندا آهن. ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين“ سندس فطرت ناهي، پر جڏهن به پاڻي سر کان مٿي چڙهيو آهي ته تاريخون شاهدي ڏينديون ته ”متارن“ جي ”مار“ کان ڪا به ’ڍال‘ پوءِ بچي ناهي رهي. ’منگھڻ‘ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي اهو ڪجھ ڀرپوريت سان اظهاريو آهي، جيڪو پنهنجي ديس، ٻوليءَ ۽ ثقافت ڏانهن ڪنهن ذميوار عاشق فرد جي دل جي ڌڙڪنن سان ڌڙڪي ٿو. ’ڪٿان کان ڪٿي‘ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ تاريخي واقعي کي افسانوي رنگ ڏنل آهي. حضرت موسى عليه السلام جي جنمڻ بعد کيس فرعون جي ڀوَ کان پيتيءَ ۾ بند ڪري نيل دريا حوالي ڪيو، جيڪو لڙهندو فرعون جي محل ۾ پڄي ٿو. ان ڳالهه کي نظر انداز ڪندي، ته تاريخي واقعا جيڪي اڳي ئي ڪنهن ڪهاڻيءَ جيان آهن، انهن کي وري به ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ ورجائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان ڀاءُ سان ڀيڻ جي انسيت جي ٿيل چٽساليءَ ۾ گم ٿي وڃون ٿا. بند پيتي ٿورو به لهرن ۾ لڏي ٿي ته ڇوڪريءَ جي اندر مان دانهون اٿن ٿيون. ماءُ کيس اهو چئي چُپ ڪرائيندي ٿي اچي ته ’خدا سندس حفاظت ڪندو.‘ عورت جي محبت ڪرڻ واري فطرت، دل جي نرمائپ کي ’محبت‘ چڱيري انداز ۾ اظهاريو آهي، ’ڊاڪٽر‘ ڪهاڻي خود غرض، ڌن جي ڌنوان ماڻهوءَ جو هڪ عڪس آهي، جيڪو غريب جي گلاب جهڙي دل ڪومائڻ تي به ڪا به پاڻ ۾ نمرتا نه ٿو محسوس ڪري ـــــــــ ايئرڪنڊيشنر، بنگلو، ڪار، اعلى سوسائٽي، اعلى مقام ۽ حسين عورتن جي ڳٽڪي جو تمنائي، ننڍپڻ ۾ انسانيت جو خادم مسيحا جو روپ ڏيکارڻ جي بلند دعوى ڪري ٿو، پر ڊاڪٽر ٿيڻ بعد لالچ جي لبادي ۾ ويڙجي ٿو وڃي، جنهن کي سندس پيءُ، سندس ننڍپڻ جون ڳالهيون/خيال/واعدا ياد ڪرائي شرمسار ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اڄ به اسان جي چَوگرد حرص ۽ هوس جا بوتا نڊرتا سان بيٺا آهن، بي واهرن جي واهر ڪرڻ بدران سندن جسم جو آخري ڦڙو به ڪڍي ٿا وٺن! ڳريون فيون، مهانگيون دوائون، ڊاڪٽرن جا چڪر ڏسي، هڪڙو مفلس ماڻهو مرڻ کي سولو ٿو ڀانئي، پر انهن چڪرن سان منهن نه ٿو ڏئي سگھي. اها اهڙي وارتا آهي، جيڪا لفظن سان مڪمل طرح پڌري ڪري نه ٿي سگھجي. ان جو احساس رکڻ به اندر ۾ واڌاري ڦٽ جيان آهي. هت انهن حرص ۽ هوس جي بوتن لاءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ”ڪُوزي ۾ سمنڊ“ سمان لفظ اڳيان آڻيندس: ”سچي عظمت انساني خدمت ۾ آهي، ٻچڙا! تون انسانيت جي خدمت ڪر، اعلى مقام توکي پاڻ ئي ڳولي لهندو. غريبن بيواهن جي دلجوئي ڪر! سچو حسن ته اخلاق ۾ آهي، پائوڊر ٿــڦيل منهن ۾ ڪو نه آهي. جنهن کي تون سوسائٽي جي پاڙ سمجھين ٿو سو بي بوءِ سورج مکي گل جيان اٿئي، جيڪو خوشين جي روشني ته دل کولي قبول ڪندو آ پر مصيبت جي اوندهه کان ڊڄي ڪومائجي منهن هيٺ ڪري ڇڏيندو آ.“ ’ڊاڪٽر‘ ڪهاڻي پنهنجي مقصد سان ٽٻٽار آهي، انسانيت جي ڊٿل مجسمي جي اڏامندڙ مٽيءَ کي گڏ ڪري، نئين سر سان هڪڙو مجسمو تعمير ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ’ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا‘ ڪهاڻي نه، پر هن سماج جي منهن تي ابتي لپاٽ آهي، طنز جي تيرن سان ڀريل هيءَ ڪهاڻي لئيءَ جي چهڪ جهڙي سنهڙي سيپڪڙي شخص جي وارتا آهي، جيڪو ٿلهي ٿيڻ جو نسخو پڇڻ لاءِ ٿلهن ماڻهن، پاڻيءَ جون سُيون هڻندڙ ڊاڪٽر، حرام خور سيٺ، هيروئن وڪڻندڙ وڏيري، تعويذ ٽوڻا ڪندڙ ملان کان ٿلهي ٿيڻ جو نسخو پڇندي، هڪڙي ٿلهي فقيرياڻيءَ وٽ اچي ٿو، جيڪا اٺ مهينا اڳي هن وانگي سنهڙي هئي. ساڻس رهندڙ فقير کي کليا ڪرائڻ لاءِ ڏهه رپيا ڏئي، هو فقيرياڻيءَ کان ٿلهي ٿيڻ جو نسخو پڇي ٿو، ته هوءَ سڏڪا ڀريندي کيس ٻڌائي ٿي ته ”مان... مان ٿلهي ناهيان. مون کي ستن مهينن جو ناجائز پيٽ آهي.“ هيءَ ڪهاڻي سماج جي گندي تصوير آهي، جنهن ۾ طنز ۽ مزاح جي ڇانوَ هيٺان اهو سچ رکيل آهي، جنهن کي اورڻ لاءِ وڏو جگر گھرجي. رت روئاريندڙ ڳالهه کل ڀوڳ ۾ ڪرڻ وڏو فن آهي. اهو فن جنهن شخص کي اچي ٿو، اهو پوڄا لائق آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي طنز تيز ۽ ذهانت ڀري آهي، ڪوڙو سچ مسڪراهٽن سان ايئن اظهاريو اٿائين جو دل روئيندي به مرڪي پئي ٿي. ’بڪواس‘ ، ’آزادي‘، ’هڪ انسان‘ ۽ ’يادون ۽ سڪون‘ ان جا بهترين مثال آهن. مزاح هڪ اهڙي قسم جو محرڪ آهي، جيڪو کِل واري عمل کي جنمي ٿو. مزاح جا ٻه نمونا آهن: هڪُ حالتي (Situational) ۽ ٻيو، لفظي (Verbal). ڊاڪٽر محبت ٻرڙي مزاح جي ٻنهي نمونن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ ۽ ”طنز و مزاح“ ۾ ڪاميابيءَ سان تخليق ڪيو آهي، اڃا به پوئين لفظي مزاح کي سرس ڪتب آندو اٿائين. اهو ضروري به آهي جو لکت ۾ لفظي مزاح ۽ جڏهن ته پِلي ۾ حالتي مزاح کان ڪم وٺڻ گھرجي، نه ڪي ان جي ابتڙ. مجموعي ريت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪهاڻيون سماج جو اڀياس آهن، پنهنجي چَوگرد جون تصويرون آهن، ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ‘ کي گھرجي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون تخليق ٿيل ڪهاڻيون ڪتابي شڪل[1] ۾ آڻائي، ڪهاڻي کيتر جي خدمت ڪري. [1] نوٽ: ڊاڪٽر محبت جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ عنوان سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران سال 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. – رياضت ٻرڙو