هڪ اڃايل ڪانوَ کي هڪ جاءِ تي پاڻيءَ جو مٽڪو پيل نظر آيو. ڏاڍو خوش ٿيو پر اهو ڏسي مايوسي ٿيس ته پاڻي هيٺ تري ۾ ٿورو ئي پيل هئو. سوال اهو هئو ته پاڻي کي ڪيئن مٿي کڻي اچي ۽ پنهنجي چنهنب کي آلو ڪري. اتفاق سان ان لقمان جي حڪايت پڙهي هئي، ويجهو ئي ڪجهه ڀتر رکيل هئا ان اهي ڀتر کڻي مٽڪي ۾ وجهڻ شروع ڪيا. وجهندي وجهندي صبح کان شام ٿي ويس. اڃايل ته اڳيئي هيو سو ساڻو ٿي ڪري پيو. مٽڪي ۾ نظر وجهي ڏٺائين ته رڳو ڀتر ئي ڀتر هئا. سمورو پاڻي ته ڀترن پي ختم ڪري ڇڏيو هئو. بي اختيار وات مان نڪتس.. ”ڀلا لقمان تنهنجي ته ...“ ۽ پوءِ بي ساهو ٿي زمين تي ڪري، مري ويو. جيڪڏهن اهو ڪانءُ ڪٿان ڪا نلڪي کنيو اچي ها ۽ مٽڪي جي ڪپ تي ويهي پاڻي کي چُوسيِ وٺي ها ته پنهنجو مطلب حاصل ٿي وڃيس ها. زندگي نه وڃائي ويهي ها. ------- ابنِ انشا جي ڪتاب ”اردو ڪي آخري ڪتاب“ منجهان ترجمو
ڏاهي ڪانوَ جي آکاڻي سنڌي ادب ۾ ڪافي مشهور آهي ۔۔۔ ۽ اها آکاڻي اسانجي پرائمري ڪلاسن ۾ همٿ ۽ عقل جي نصيحت طور پڙهائي ويندي هئي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪان ان ڏاهپ سبب پاڻي پيئڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۔۔۔ پر پو به جديد دور جو جديد ڳالهيون ۔۔۔ بيشڪ جيڪڏهن پراڻي دور ۾ اهڙا پيئڻ جا سوراخ وارا پائيپ ايجاد هجن ها ته شايد ائين ئي ڪري ها ۔۔۔ پر ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪانوَ کي ان پائيپ لا شهر اچڻو پوي ها ۔۔۔ خئير ڳالهيون سمجهه جون آهن ۔۔۔ لک قرب